مواد ڏانھن هلو

شڪارا آرڪيٽيڪچر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Shikhara of Adinath Jain Temple, Khajuraho, India.

شڪارا آرڪيٽيڪچر (انگريزي ٻولي: Shikhara architecture)، يورپ جي رومن، گريڪ، گاٿڪ، رينيسنس ۽ بارڪ کان جدا نموني جو آهي. شڪارا آرڪيٽيڪچر يا طرز اڏاوت، اصل برصغير جي آهي. اهو به گھڻو ڪري اترين يا پهاڙي علائقن جي. شڪارا جي سنسڪرت ٻوليءَ ۾ معني به پهاڙ جي چوٽي واري آهي. هن طرز تعمير ۾ ٻه قسم آهن، لاطينا شڪارا، جنهن ۾ ٻاهرين شڪل وڪڙن واري، يا گول هوندي آهي ۽ ان تي مختلف پرت يا سليبس رکيا ويندا آهن. جيڪي آهستي آهستي سوڙها ٿي ويندا آهن، ۽ فماسانا شڪارا ۾ ٻاهرين شڪل ڪنڊن واري هوندي آهي ۽ مٿان گھنڊ جيان قبو هوندو آهي. شڪارا آرڪيٽيڪچر، چائنيز، تبتين ۽ نيپالي اسٽائيل جو مرڪب آهي. [1] [2]

  1. نڪري پيس نيپال ڏانهن (اسحاق انصاري) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, archived from the original on 2016-09-16, retrieved 2016-07-31 {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (help)
  2. Shikhara - Wikipedia