شين وارن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شين ڪيٿ وارن(13 سيپٽمبر 1969ع کان 4 مارچ 2022ع) هڪ آسٽريلين ڪرڪيٽر هيو. اهو ساڄڙيل ٻانهن وارو ليگ اسپنر ڪرڪيٽ جي اتهاس جو مهان ترين کلاڙي مڃو ويندو آھي. 2000ع ۾ ھو ڪرڪيٽ جي ماهرن جي هڪ پينل پاران صديءَ جي پنجن ڏاهن ترين ڪرڪيٽرن ۾ چونڊيو ويو هيو. وارن پنهنجي پهرين ٽيسٽ مئچ 1992ع ۾ کيڏي ۽ ٽيسٽ ۽ هڪ ڏينهن وارين مئچن ۾ 1,000 کان مٿي وڪيٽون وٺي ويو. 2007ع تائين سندس 708 ٽيسٽ وڪيٽن جو رڪارڊ ڪنهن نه ٽوڙيو جو ڪنهن به بالر پاران هڪ وڏو رڪارڊ ھيو. هڪ ڪارائتي لوئر آرڊر بيٽسمين طور وارن 3,000 کان مٿي ٽيسٽ اسڪور ڪيو. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کان سواءِ شين ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ پڻ پاڻ ملهايو. هو پنهنجي رياست وڪٽوريا کان سواءِ انگلينڊ جي همپشاير ڪرڪيٽ جو ڪپتان طور 2005ع کان 2007ع تاڻي حصو پڻ رهيو. هن جو ڪرڪيٽ سفر جهليل شيون گرئونڊ ۾ آڻڻ، راند کي جهڳڙي ۾ مٽائڻ، جنسياتي پريوڳ ۽ سٽيبازن پاران پئسا قبول ڪرڻ ڪري تڪراري به رهيو ۽ مٿس هڪ چڪر ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي به لڳي. 2007ع ۾ هن ڪرڪيٽ کي الوداع ڪيو. رٽائرمينٽ کان پهريان هو آخري چڪر همپشائر ۽ انڊين پريميئر ليگ جي 2008ع کان 2011ع وارين موسمن ۾ راجستان رائلز جو ڪپتان ۽ ڪوچ طور حصو رهيو. 2008ع جي مند ۾ ھن چنائي سپر ڪنگز کان راجستان رائلز کي فائنل کٽرايو. 4 مارچ 2022ع تي شين پرلوڪ پڌاريو.