شين جي پيداواري خاصيت
شين جي پيداواري خاصيت: تھذيب مختلف طرفن کان مختلف انداز ۾ ارتقا پذير ٿي. جيسيتائين اسان کي ڄاڻ آھي، ھي سڀ کان اڳ مصر جي نيل درياءَ کان ڊيلٽا ۽ ميسوپوٽيما (موجوده عراق) مان اڀري، جڏھن ته ھاڻوڪيون ايجادون اسان کي ھي به ٻڌائين ٿيون ته ٿي سگھي ٿو ھي انڊيا (انڊس يعني سنڌو درياءَ جي چؤطرف جي زمين) ۽ اتر اولاھين ايشيا ۾ به آزاداڻي طور تي ارتتقا پذير ٿي ھجي. مصر ۽ عراق ٻنھي ۾ ائين محسوس ٿيندو آھي ته حڪمران طبقو سردارن بجائي پورھيتن جي ارتقا مان ڦٽو آھي، جيڪي ٻئي معاشري کان مٿي ھئا. ان جو سبب ھي ھو ته انھن مذھبي رھنمائن انھن کي ايتري فارغ البالي ميسر ھئي ته ھو ڪئلينڊر ٺاھي سگھن، جيڪو انھن جي ان لائق ٺاھيندو ھو ته ھو ان ڳالھ جي پيشن گوئي ڪري سگھن ته نيل ۾ ڪڏھن سيلاب ايندو، ۽ رياضيءَ کي ترقي ڏئي سگھن، جنھن جي ڪري مرڪزي منصوبه بند آبپاشي ڪاربند ھئي، جنھن سڀ کان اڳ ڍيرن جي حساب سان وڌيڪ پيداوار ڏني. ان حد کان مصري ڪاھنن جي رياضي ۽ فلڪيات ۾ دلچسپي ڪو اتفاقي امر نه ھو،پر ان جون جڙون پيداوار جي احتياج ۾ ھيون. مارڪس وضاحت ڪندو آھي: اُن وقت احتماعي حالتون محنت ذريعي حقيقي طور تي وڌيڪ پيداوار ڦٻائڻ جي لاءِ، جھڙوڪ آبپاشيءَ جو نظام (جيڪو ايشيائي ماڻھن ۾ تمام وڌيڪ اھميت جو حامل آھي) ابلاغ جا ذريعا وغيره، ھڪ عظيم بالادست ھستيءَ جي ڪم طور ظاھر ٿيا، يعني مطلق العنان حڪومت جيڪا ننڍين ننڍين حڪومتن کان ڪيترو ئي مٿي وڃي ڪري باضابطه مسلط ڪئي وئي. ”ايشيائي رياست (جيڪا ڪنھن به صورت ڳوٺاڻي آبادين جي جوابدار نه ھئي) وڌيڪ پيداوار کي خراج طور ڦٻائڻ ۾ حقدار سمجھي ويندي ھئي. ھي خراج رياست زمين جي ملڪيت جي بدولت ورھائيندي ھئي“. انھن کي پاڻ ۾ جوڙڻ وارو طبقو انھن سڀني ننڍين ننڍين آبادين کان مٿي موجود ھو. ائين چئي سگھجي ٿو ته ھي شيءِ کان مٿي يا وري بنا شرڪت غير مالڪ لڳندو ھو. حقيقي طبقو ته رڳو موروثي قبضو ڪندڙن کي چيو وڃي سگھبو ھو. پيدا جون عام شرطون: (آبپاشي وغيره) کي برقرار رکڻ جي لاءِ رياست کي خراج (ھڪ قسم جو ٽئڪس) ڏيڻ وارن ھتاب جي ڳوٺن جو وڏو انگ خود ڪفيل ھو. ھر ڳوٺ اندر دستڪاري ۽ ذراعت گڏيل موجود ھيون. ھي پکڙيل ۽ ٽڙيل ڳوٺ ان لائق نه ھئا جو ھُو پنھنجي استحصال جي خلاف پاڻ کي گڏ ڪري سگھن ھا، ان ريت سڄي جو سڄو نظام ئي تبديليءَ جي راه ۾ رنڊڪ ھيو. مارڪس ۽ اينگلز جڏھن انھن معاشرن کي ”تاريخ کان ٻاھر“ قرار ڏنو ته انھن جو اصل مقصد به اھو ئي ھو. مثال طور ھنڌستان ھڪ ٻئي پٺيان حملو ڪندڙن جي ور رھيو آھي، پر انھن مان ڪنھن ھڪ به سياسي تبديليءَ جا اثر ھيٺين نسلن تائين نه پھچي سگھيا. سڪندر جي جانشين، بطليموس، اھڙي سماج کان آيا ھئا جٿي زمين جي نجي ملڪيت انھن جي سماجي نظام جي جڙ ھئي. انھن جڏھن مصر تي قبضو ڪيو ته نظام کي جئين ھو تئين ڇڏي ڏنو. وري به ھُو ان نظام کان حاصل ڪيل مال ۽ پئسي کان وڌيڪ مطمئن ھئا. ھيءَ ته ڪائي ھزارين سال اڳ جي ڳالھ آھي، جڏھن برطانيه ھنڌستان تي قبضو ڪيو. انھن مقامي ذراعت ۽ دستڪاريءَ جي ايڪي کي ٽوڙڻ لاءِ زمين جي نجي ملڪيت کي وڏي جانفشانيءَ سان متعارف ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون ۽ سرمائيداريءَ جون شروعاتي حالتون ٺاھيون. جنھن سان ايشيائي پيداوار جي طريقي جو ٻيڙو ئي آخرڪار غرق ٿي ويو. ان جو نتيجو آبپاشيءَ جي نظام ۾ زوال ۽ پوري اڻويھين صديءَ ۾ ھولناڪ قحطن جي ھڪ سلسلي جي صورت ۾ ظاھر ٿيو. ان جي باوجود ايشيائي پيداوار جي طريقي ۾ زمين جي مشترڪ ھارڪائپ جھڙيون قديمي خاصيتون موجود ھيون، وري به ان طبقاتي سماج جو پھريون ارتقا ڏٺو. اھڙيءَ ريت دنيا جي انھن ويڪرن ۽ ڊگھن خطن ۾ ھڪ اھڙي سماج جي صورت اُڀري جيڪا اوڀري يورپ جي نسبت ھر لحاظ کان مختلف ھئي. غلامي خبر ته ھئي پر ھر ھڪ غالب پيداواراڻو طريقو ھئي. مغربي يورپ جي جاگيرداريءَ جي بلڪل ابتڙ، وڌيڪ پيداوار بجائي ان کي جاگيردار ڦٻائي ڇڏي ھا، مرڪزي رياست ورھائيندي ھئي. ھڪ دفعو جڏھن تھذيب قائم ۽ مضبوط ٿي وئي ته ضروري ٿي ويو ته ان جي چؤڌاري ڦھلجي وڃي، ڀلي ھي جنگ ذريعي ڦھلجن يا تجارت جي.مصر جي لاءِ ئي ٻاھرين علائقن جي ھٿ ھئي، انڪري ڪريٽ جي تھذيب کي اڳتي وڌائڻ کي تحريڪ ملي ۽ انھيءَ سبب يوناني ساحلي علائقن جي تجارتي سماج کي ارتقا جي لاءِ ھڪ زبردست قسم جو مرحلو مليو. نجي زمينن جي ملڪيت نجي دولتمنديءَ کي لامحدود مھميز ڪيو جيڪو انساني نسل کي ٻيھر ھڪ وک اڳتي وٺي وڃڻ جي قابل ٿيو.