شيطاني مدار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بش وارو برائيءَ جو محور جنھن ۾ ايران ، بعث پارٽي جو عراق، ۽ اتر ڪوريا (ٽئين ڳاڙھي رنگ ۾ ) برائي جي محور کان بہ وڌيڪَ جن ۾ ڪيوبا، قذافي وارو لبيا ۽ شام (نارنگي رنگ ۾). يونائيٽيڊ اسٽيٽس (نيرو رنگ)


شيطاني مدار يا اَيڪسز آف اِيول (انگريزي ٻولي: Axis of Evil) هڪ اصطلاح آهي، جيڪو اڳوڻي آمريڪي صدر جارج واڪر بُش، 29 جنوري 2002ع تي ”اسٽيٽ آف دي يونين خطاب“ دوران پهريون ڀيرو استعمال ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي صدارتي مُدي دوران لاڳيتو ورجائيندو رهيو. هن اصطلاح ذريعي صدر بُش اُنهن حُڪومتن جي نندا ڪئي، جيڪي دُنيا ۾ آتنڪ واد وڌائڻ ۽ نيوڪليائي ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ ۾ اڳڀريون هُيون ۽ سندن انهيءَ رويي سبب عالمي امن کي سخت خطرو هو. جيتوڻيڪ بُش حُڪومت طرفان ”شيطاني مدار“ ۾ بُنيادي طور ايران، عراق ۽ اُتر ڪوريا جي حُڪومتن کي شامل ڪيو ويو هو، پر شام طرف اڳرائي وارو ورتاءُ، ڪيوبا ۽ وينزوويلا جي حُڪومتن مٿان ٿيندڙ تَبرن جي سلسلي کي ذهن ۾ رکندي، بين الاقوامي لاڳاپن جا ماهر انهن مُلڪن کي پڻ بُش انتظاميا جي مٿين وضاحت تحت ڏسندا هئا. هن آمريڪي پاليسيءَ جي نتيجي ۾، دُنيا ۾ آمريڪا مُخالف جذبن ۾ تمام گهڻي تيزي آئي.[1]

حوالا[سنواريو]