مواد ڏانھن هلو

شيرين سومرو ڪيس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ جي شاگرد جدوجهد واري تاريخ ۾ 2 آڪٽوبر 1978ع تي ضياء مارشل لا وارن ڏيھاڙن ۾ شيرين سومرو ڪيس ٿيو پر سنڌ جي گھڻن (اڪثر) نوجوانن کي اها خبر ڪونهي تہ شيرين سومرو ڪيس ڇا هو. اچو تہ اڄ شيرين سومرو ڪيس کي پڙھون ٖ شيرين سومرو نوابشاھ ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي هئي، سندس جا وڏا اصل ۾ ڪڇ جا ويٺل هئا ٖسندس پڙ ڏاڏي يوسف سومرو اچي گرهوڙ ۽ ڦلهڏيون ڀرسان ڳوٺ احمد خان سومرو جوڙيو، جنهن کي ڳوٺ ڪرنل بچل سومرو بہ چوندا آھن. جيڪو هاڻي ميرپور خاص ضلع جي حد ۾ اچي ٿو ٖکين اتي ويهارڻ وارو سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير (وزير اعليٰ) مظفر شاھ جو والد غلام حيدر شاھ هو ٖ جڏھن تہ ميجر ڪفايت وارا اصل جَٽَ ۽ ڊسڪا پنجاب واري علائقي جا هئا. پر 1971ع کان سانگهڙ شھدادپور روڊ، رڪن ٻُرڙا اسٽاپ کان لنڪ روڊ سنجھرو روڊ تي “ ساهي فارم “ جوڙي اچي آباد ٿيا، جيڪو سانگهڙ ضلعي جي حدن ۾ آھي. ٖ شيرين سومرو جو پيءٗ ڪرنل بچل سومرو ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ فوج جي ميڊيڪل ڪور ۾ ڪميشن ڪئي ۽ ڪرنل رينڪ تي پهتو ۽ ميجر ڪفايت وارن سان فوج ۾ هئڻ ۽ سندن ڳوٺ ھڪ ئيايريا ۾ ھئڻ سبب سندن جو پاڻ ۾ اٿڻ ويهڻ ھو ٖ جن ڏينهن ۾ شيرين سومرو پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نوابشاھ ۾ چوٿين سال ايم بي بي ايس جي شاگرياڻي هئي، انهن ئي ڏينهن ۾ ميجر ڪفايت جي پوسٽنگ آرمي ايويئيشن نوابشاھ ايئر بيس تي هئي، اتي ننڍن جهازن جي سکيا جو ايئرو ڪلب قائم ٿيل آھي، جتي سرندي وارا هوابازي جي سکيا وٺندا هئا، شيرين سومرو ان ايئرو ڪلب ايندي ويندي هئي. پهرين آڪٽوبر 1978ع تي ميجر ڪفايت ڪلب ۾ دعوت رٿي هئي، جنهن ۾ شيرين سومرو بہ آيل هئي، ان دعوت ۾ شرڪت کانپوءِ اها ڳالهہ هُلي وئي ته ميجر ڪفايت هڪ سنڌي شاگردياڻي سان ڏاڍائي ڪئي آھي، ان واقعي کانپوءِ وقت گذرڻ سان گڏ ٻہ نقطه نظر سامهون آيا. هڪ اهو تہ نوابشاھ ميڊيڪل ڪاليج جو هڪ پروفيسر شيرين سومرو سان شادي جو خواهشمند هو لفٽ نہ ملڻ کانپوءِ ان پروفيسر ڪاليج جي هڪ ڊرائيور کي لالچ ڏئي اها افواھ پي ايم سي نوابشاھ ۾ هلرائي، جيڪا سنڌ يونيورسٽي سميت سڄي سنڌ ۾ جهنگ جي باھ جيان پکڙجي وئي .

ٻيو نقطه نظر اهو بہ آھي تہ 19 مارچ 1978ع تي لاهور ها۽ ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽي کي موت جي سزا ٻڌائي چڪي هئي، ضياء ڏسڻ پئي چاهيو تہ ڀٽي کي ڦاهي ڏيڻ جي صورت ۾ سنڌ ڪيترو رد عمل ڪري سگهي ٿي، سو ان واقعي پويان ڳجها هٿ هئا سو جڏھن شيرين سومرو سان نوابشاھ ۾ ميجر ڪفايت پاران الزام لڳل ڏاڍائي واري خبر سنڌ يونيورسٽي پهتي تہ ماحول جذباتي ٿي ويو. ڄامشوري جي سڀني تعليمي ادارن جا شاگرد احتجاج ڪندي ٻاهر نڪري آيا ۽ سڀ شاگرد جلوس جي صورت ۾ ڄامشورو ڦاٽڪ ٽپي حيدرآباد وڃي رهيا هئا ته اوچتو پيٽارو کان حيدرآباد طرف ويندڙ فوجي ٽرڪون اچي اتان گذريون، مڇريل شاگردن ڄامشورو ڪالوني وٽ فوجي گاڏين تي پٿرن ۽ ڏنڊن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ خبر موجب ھڪ فوجي سپاهي مارجي ويو ۽ ڪجهه سپاهي زخمي ٿي پيا ان واقعي کانپوءِ جنرل ضياء جي مارشل لا سرڪار صفا ڏمرجي پئي. علي حيدر شاھ، قادر بخش جتوئي، ابوبڪر زرداري، متارو ڏاهري، رحمت الله هيسباڻي، عنايت الله هيسباڻي، سميع مڱريو ، اقبال نظاماڻي سرفراز ميمڻ، غازي صلاح الدين، دودو مهيري، شفيع ڪرناڻيٖ، صمد ڪانڌڙو، اختر ڪاڪيپوٽو، بشير شاهاڻي، شبير شاهاڻي، امداد راٺوڙ، رسول بخش ٿيٻو، مير ٿيٻو ، حبيب الله ڪابورو، غلام رسول خشڪ، غلام نبي خشڪ، نظر جوڻيجو، معصوم سانگهڙائي، خادم لاکير ، ساغر سميجو ، اشرف کهاوڙ ، اياز سومرو ، احمد علي سومرو ، ڊاڪٽر عبدالرحمان سومرو، ڊاڪٽر ظفر قادري سميت سموري سنڌ مان سوين شاگرد گرفتار ٿي. مان (ذوالفقار قادري) پاڻ قمبر ۾ گرفتار ٿي آزاد ٿيڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي مان وري ٻيهر گرفتار ٿيس. سنڌ جي مختلف علائقن ۽ شھرن مان گرفتار شاگردن مان ٽيٽيھ شاگردن کي مختلف ملٽري ڪورٽن سزاؤن ٻڌايون. مٿان سون تي سهاڳو اهو ٿيو جو شيرين سومرو بيان ڏنو تہ سندس سان اهڙو ڪو واقعو پيش نہ آيو آھي. ميجر ڪفايت وارن سان سندس والد ڪرنل بچل سومرو جو گهرو لاڳاپو آھي. شيرين سومرو جي اهڙي بيان کانپوءِ سموري فلم سنڌي شاگردن جي ڳچي ۾ پئجي وئي. پوءِ جسٽس فخرالدين جي ابراهيم وارو عدالتي ٽريبونل ٺھيو، ان ڪيس ۾ علي حيدر شاھ، قادر بخش جتوئي ۽ ٻين گھڻن (ڪافي) شاگردن جا وڪيل رسول بخش پليجو ، يوسف لغاري ۽ علي نواز انڙ هئا. پر پليجي صاحب جي گرفتاري کانپوِ ڪيس کي يوسف لغاري، علي نواز انڙ ۽ ٻين وڪيلن ڪيس جي پيروي ڪئي. جسٽس فخرالدين جي ابراهيم ٽريبونل پاران ڪترائي گرفتار شاگرد آزاد ڪيا ويا. رسول بخش پليجو کي هلندڙ ڪيس دوران گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو . شيرين سومرو ڪيس جسٽس فخرالدين جي ابراهيم ٽريبونل مان اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ منتقل ڪيو ويو. اسپيشل ملٽري ڪورٽ شيرين سومرو ڪيس ۾ فوجي مارڻ واري ڏوھ ۾ علي حيدر شاھ ۽ قادر بخش جتوئي جي لا۽ سز ا۽ موت جي سفارش ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽي جي تازي ڦاهي ۽ سنڌ جي احتجاج ۽ ڪروڌ کي نظر ۾ رکندي، سنڌ جي فوجي گورنر ۽ ڪور ڪمانڊر ليفٽننٽ جنرل ايس ايم عباسي سندن موت واري سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو . هلندڙ ڪيس دوران جنرل ضياء جو وزير چوڌري ظھور الاهي حيدرآباد آيو، جتي شھاب الدين شاھ جي بنگلي تي ڪجهه ماڻھن ساڻس ملاقات ڪئي، ان ملاقات کانپوءِ تنظيمي بيان جاري ڪري علي حيدر شاه ۽ قادر بخش جتوئي سان لاتعلقي جو اظھار ڪندي چيو ويو تہ جيئي سنڌ اَهنسا (عدم تشدد) واري پاليسي تي يقين رکي ٿي ان لا۽ ٻنهي باندي اڳواڻن جي ان فعل سان تنظيم جو ڪو لاڳاپو ڪونهي. ملٽري ڪورٽ ٻنهي اڳواڻن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي جيل روانو ڪري ڇڏيو.

علي حيدر شاھ جو تعلق قمبر ڀرسان واقع گهاڙ واھ لڳ ڳوٺ سيد بالڻ شاھ سان هو، سندس والد بالڻ شاھ پرائمري استاد هو ، علي حيدر شاه جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي باني اڳواڻن مان هو، ذوالفقار علي ڀٽو دور ۾ صوبائي وزير بديع الحسن زيدي جي اغوا واري ڪيس ۾ نالو اچڻ پوءِ گھڻو ڪري (اڪثر) روپوش يا جيلن ۾ رهيو.

قادر بخش جتوئي لاڙڪاڻي جي ڏوڪري تعلقي جي هڪ ڳوٺ جو ويٺل هو، 1976ع ۾ جساف جو مرڪزي پريس سيڪريٽري ۽ سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد هو.

علي حيدر شاھ ۽ قادر بخش جتوئي جو جيل مان جلاوطن ٿيڻ

[سنواريو]

2 مارچ 1981ع تي هڪ واقعو پيش آيو، ٿيو هيئن جو پاڪستان انٽر نيشنل ايئر لائن پي آءِ ايَ جو بوئنگ جهاز پي ڪي 326 ڪراچي کان پشاور 145 مسافر کڻي وڃي رهيو هو تہ جهاز اڃان ڊيرھ اسمائيل خان مٿان فضا ۾ ئي هيو تہ هائي جيڪ ڪيو ويو. هائي جيڪرن هٿيارن جي زور تي پائليٽ کي پشاور بدران افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل طرف هلڻ جو حڪم ڏنو، پائلٽ ھائي جيڪرن جي چوڻ تي جهاز کي ڪابل ايئر پورٽ تي وڃي لاٿو. جهاز کي افغان سيڪيورٽي فورسز گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. افغان اٿارٽين ڪنٽرول ٽاور ذريعي هائي جيڪرن سان رابطو ڪيو. هائي جيڪرن جي اڳواڻ سلام الله ٽيپو ٻڌايو ته سندن ٽوٽل انگ ٽي آھي، جنهن ۾ سندس ٻه ٻيا ساٿي جمال ناصر ۽ ارشد علي شامل آھن، سندن وٽ جديد هٿيار موجود آھن ۽ ڪنهن بہ قسم جي ڪاروائي جي نتيجي ۾ جهاز کي مسافرن سميت اڏائي ڇڏيندا. سندن لاڳاپو “ الذوالفقار “ نالي تنظيم سان آھي . سندن اڳواڻ مير مرتضئ ڀٽو آھي. هو ان کان سواءِ ڪنهن جو بہ حڪم نه مڃيندا. سندن گُھر آھي تہ جنرل ضياء هڪدم اقتدار کان الڳ ٿي وڃي، عام چونڊون ڪرايون وڃن ۽ سمورا سياسي قيدي آزاد ڪيا وڃن. افغان سرڪار کين ڳالهين جي آڇ ڪئي، پر هائي جيڪرن مير مرتضئ ڀٽو کان سواءِ ڪنهن ٻئي سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پاڪستان سرڪار سندن پيءُ ماءُ کي زور تي ڪراچي کان ڪابل روانو تہ هو وڃي کين سمجهائن، پر ٽنهي هائي جيڪرن ڪابل ايئر تي موجود پنهنجي والدين سان اهو چئي ملڻ کان انڪار ڪيو تہ سندن پيءُ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ماءُ بيگم نصرت ڀٽو آھي. انهن ڏينهن ۾ مير مرتضئ ڀٽو افغانستان ۾ ترسيل هو، افغان سرڪار جي درخواست کانپوءِ مير مرتضئ ڀٽو هائي جيڪرن سان رابطو ڪيو ۽ کين ڪنهن به تڪڙي قدم کان روڪيو. مير مرتضئ ڀٽو اڳتي هلي هائجيڪنگ واقعي کانپوءِ رڳو ايترو چيو تہ ان هائيجيڪنگ سان اسان جو لاڳاپو نه هو. پر اسان انساني جانين کي بچائڻ لا۽ ان معاملي ۾ پيا هئاسين. باقي الذوالفقار تنظيم هڪ حقيقت آھي، جنهن جو مقصد ظالم ضياء خلاف جاکوڙ آھي، انهن ڏينهن ۾ افغانستان اندر روس نواز سرڪار برسراقتدار هئي، سو افغان سرڪار هائي جيڪرن جا اهڙا مطالبا پاڪستان سرڪار کي پهچايا. جنرل ضياء هنگامي طور فوجي ڪاؤنسل جو اجلاس گُھرايو، اجلاس کانپوءِ پاڪستان سرڪار هائي جيڪرن جا مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو . اڳتي هلي هائي جيڪر ٻين مطالبن تان دستبردار ٿي رڳو هڪ مطالبي تي اچي بيٺا ته پاڪستان جي مختلف جيلن ۾ قيد 92 سياسي ڪارڪنن جن تي جنرل ضياء سرڪار طرفان الزام مڙھيل هئا اهي آزاد ڪري کين هڪدم ڪابل پهچايو وڃي، هائي جيڪرن اهڙي قيدين جي فهرست افغان سرڪار ذريعي پاڪستان سرڪار کي موڪلي. مان (ذوالفقار قادري) انهن ڏينهن ۾ مان لاڙڪاڻي جيل ۾ باندي هئس، اسان لڪي ڇپي هڪ ننڍڙي ريڊيو تي بي بي سي ذريعي ان هائي جيڪنگ ڊرامي جون خبرون پئي ٻڌيون. هڪ رات اوچتو جيل جي کولي مان ڪڍي جيل سپرنڊنٽ جي آفيس آندو ويو. ڪجهہ ٻڌائن بہ ته پيا ته ماجرا ڇا آھي، بس مون کان ڪجهہ سادي لباس وارن ماڻھن پڇيو مرتضئ ڀٽو سان تنهنجو ڪهڙو لاڳاپو آھي، مون کين صاف ٻڌايو ته مون آخري ڀيرو 14 آگسٽ 1977ع تي المرتضئ هاؤس ۾ سپاف جي هڪ ميٽنگ ۾ مير مرتضئ ڀٽو کي ڏٺو هو، ان کان پوءِ نه مان کيس ڏٺو آھي نہ ئي ڪو رابطو آھي. خير جيل سپرنڊنٽ جي آفيس ۾ عادي ڏوهارين جيان ڳچي ۾ سليٽ وجهي ان تي نالو ولديت رهائش جو پتو لکي ڪجهہ فوٽو ڪڍي ٻيهر کوليءِ ۾ موڪيائون مون تہ دل ۾ ڪلمو بہ پڙھي ڇڏيو تہ اڄ صفا فل فراءِ ٿيندس. خير ڪابل ايئر پورٽ تي جهاز اندر هائي جيڪرن کي خبر پئي تہ جنهن رات جنرل ضياء ڀٽو صاحب جي سرڪار جو تختو اونڌو ڪيو، ڀٽو صاحب جو ملٽري اي ڊي سي رهندڙ ڪيپٽن طارق رحيم جنرل ضياء جو مخبر بڻيل هو. هائي جيڪرن ڪيپٽن طارق رحيم کي سيٽ تان اٿاري کيس گولي هڻي قتل ڪري، سندس لاش جهاز مان رن وي تي ڦٽو ڪيو ۽ ڌمڪي ڏني تہ پاڪستاني جيلن ۾ قيد فهرست ۾ ڏنل قيدي آزاد نه ڪيا ويا ته وڌيڪ مسافرن کي قتل ڪيو ويندو. ان سان گڏ هائي جيڪرن پهرين ڏنل 92 قيدين واري فهرست کي مختصر ڪري، 54 قيدين جي لسٽ ڏنيٖ. ڪيپٽن طارق رحيم جي قتل کانپوءِ افغان سرڪار تي عالمي دٻاءُ وڌي ويو ۽ افغان سرڪار هائي جيڪرن کي هڪدم ڪابل ايئر پورٽ ڇڏي وڃڻ جو چتاءُ ڏنو. هائي جيڪرن ڪابل انتظاميا کان جهاز ۾ تيل ڀرايو ۽ ليبيا جي گادي واري هنڌ ترپيولي روانا ٿي ويا. پر ليبيا سرڪار جهاز کي تريپولي ايئرپورٽ تي لهڻ جي اجازت نه ڏني، جهاز جو تيل به ختم ٿيڻ تي هيو سو جهاز انساني جانين خاطر يونان جي گادي واري هنڌ اٿينس ايئر پورٽ لٿو، تيل وٺڻ کان پوءِ جهاز شام جي گادي واري هنڌ دمشق وڃي لٿو. دنيا جي هائي جيڪنگ واري تاريخ ۾ اها طويل ترين هائي جيڪنگ هئي. جنهن کي ڏھن ڏينهن کان وڌيڪ ٿي چڪا هئا. آخر پاڪستان سرڪار ملڪ جي مختلف جيلن ۾ قيد 52 باندين کي آزاد ڪري، دمشق پهچائڻ جو فيصلو ڪيو. اهڙي طرح ملڪ جي مختلف جيلن مان جيڪي قيدي آزاد ڪري دمشق پهچايا ويا انهن ۾ شيرين سومرو ڪيس جا باندي قومپرست اڳواڻ علي حيدر شاھ، قادر بخش جتوئي، شاه محمد شاھ، ڊاڪٽر غلام حسين، جاويد حڪيم قريشي، جاويد حسن شاھ، ڪرنل حبيب الله، علي بابا، سلطان علي فضل، محمد افضل، محمد حسين، رشيد الربٖ طارق چيمہ، اڪرم قائمخاني، محمد رياض، حنيف ميمڻ، محمد اشرف، سيف الله، پرويز شنواري، فريد انصاري، نظر حسين، محمد خالد شاد، ارشد اعواڻ، اعظم بٽ، فيض بروهي، سليم ميمڻ، اشفاق بلوچ، منظر عالم، ڪامريڊ نيئر، فضل رحيم راجه، مصباح الدين، معين الله، ڪامران حيدر ، ارشد بٽ، خاقان مرزا، جاويد اختر، احسان الحق، محسن، بشير احمد، منصوراحسان، سميع منير، ايس ايڇ احسن، رحمت الله انجم، خليل قريشي، جان عالم، الياس صديقي، مسرور احسن، اي آر ناصر، محمد الياس سربلند خان، آصف بٽ، الطاف عباسي، مظھر علي، مسز فرخندا بخاري ۽ منير وڙائچ شامل هئا. شامي سرڪار جي ٽياڪڙي هيٺ آخر ڳالهيون ڪامياب ٿيون .قيدين جي دمشق پهچڻ کانپوءِ هائي جيڪرن جهاز ۽ مسافر شامي انتظاميا جي حوالي ڪيا. مون کي ڪجهه ڏينهن کانپوِ جيل جي هڪ عملدار رازداري واري انداز ۾ ٻڌايو ڀاڳ ڀلا هيئي جو بچي وئين باقي ڳوٺ ڇڏائڻ جو پڪو پروگرام ٺھيل هيو. انهن جلاوطن ٿيل سياسي ڪارڪنن مان ڪجهه تہ واپس وطن موٽي آيا ۽ ٻيا اڄ بہ لنڊن ۽ يورپ ۾ پيا رهن ۽ اتي ئي سيٽ ٿي ويا آھن - قادر بخش جتوئي اڄڪلھ سويڊن ۾رهي ٿو.

علي حيدر شاه ۽ قادر بخش جتوئي جي وطن واپسي

[سنواريو]

دمشق پهچڻ کانپوءِ مير مرتضئ ڀٽو جلاوطن ٿيل باندين کي چيو اوهان آزاد آھيو، منهنجو ساٿ ڏئي الذوالفقار ۾ شموليت ڪيو يا جيڏانهن مرضي اٿو هليا وڃو. شاھ محمد شاه واپس وطن ورڻ جي خواهش ڏيکاري، ان کي بلوچستان مير غوث بخش بزنجو جي ڳوٺ نال پهچايو ويو. قادر بخش جتوئي ۽ ڪجهہ ٻين مشرقي يورپ وڃڻ تي راضپو ظاهر ڪيو ، انهن کي اوڏانهن موڪليو ويو. قادر بخش جتوئي سويڊن ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ سن 2008ع ۾ قادربخش جتوئي پنهنجي وڪيل بيريسٽر ضمير گهمرو ذريعي سنڌ ھا۽ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي ته کيس مارشل لا دور ۾ ڏاڍ جو نشانو بڻائي سزا ڏئي زوري جلاوطن ڪيو ويو هو تنهنڪري کيس واپس وطن جي اجازت ڏني وڃي. سنڌ ھا۽ ڪورٽ سندس پٽيشن تي سزا ختم ڪري کيس واپس ورڻ جي اجازت ڏني ۽ هو پاڪستان آيو ڪجهہ عرصو گذارڻ کانپوِ واپس سويڊن هليو ويو ۽ هاڻ اتي رهي ٿو.

علي حيدر شاھ جي وطن واپسي

[سنواريو]

دمشق پهچڻ کانپوءِ علي حيدر شاھ مير مرتضا ڀٽو سان گڏ ڪم ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو ۽ ڪنهن مشن سانگي افغانستان مان سرحد ٽپي پاڪستان ۾ داخل ٿي رهيا هيا تہ بلوچستان جي پنج پائي واري علائقي مان ساٿين سميت سيڪيورٽي فورسز هٿان گرفتار ٿي ويو. سمورو عرصو پنجاب جي جيلن ۾ رهيو. 1988ع ۾ راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ باندي هو تہ بينظير ڀٽو وزيراعظم بڻي ته علاج لا۽ درخواست ڏنائين تہ کيس راولپنڊي جي جنرل اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال ۾ ئي راولپنڊي جي هڪ خاتون کي دل ڏئي ويٺو، آخر ٻنهي شادي جو فيصلو ڪيو. علي حيدرشاھ سرڪار کي شادي واسطي درخواست ڏني، سرڪار کيس نه رڳو وهانءَ جي اجازت ڏني، پر ٽن ڏينهن جي پيرول تي به کيس آزاد ڪيو . علي حيدر شاھ جي ڄڃ جو جلوس بينظير سرڪار پاڻ ڪيو. راولپنڊي جي ماڻھن کي اڄ به ان قيدي جي وهانءِ جو جلوس ۽ سرڪس ياد آھي. ڪجهه عرصي کان پوءِ بينظير سرڪار جڏھن مارشل لا دور جي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو تہ علي حيدر شاه بہ جيل مان آزاد ٿيو. پوءِ اچي لاڙڪاڻي رهيو. مير مرتضا ڀٽو وطن وريو ته ان سان گڏ ھيو، مير مرتضا جي شھادت کانپوءِ گوشانشين ٿي ويو. پوءِ علي حيدرشاھ لاڏاڻو ڪري هي فاني جهان ڇڏي راھ رباني وٺي ويو. جڏھن تہ شيرين سومرو جي شادي ڪراچي جي هڪ ڪروڙ پتي خاندان ۾ ٿي وئي ۽ هڪ نامياري پرائيويٽ اسپتال کي جوائن ڪيائين. ٻئي پاسي ميجر ڪفايت 10 آڪٽوبر 2010ع تي رحيم يار خان جي شيخ زيد اسپتال ۾ جگر جي بيماري سبب 71 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. مائٽن سندس تدفين پنجاب جي شھر ڊسڪه ۾ ڪئي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 2 آڪٽوبر 1978ع شيرين سومرو ڪيس: سنڌ جي شاگرد جدوجهد جو هڪ اهم واقعو، ليکڪ: ذوالفقار قادري