شيخ ھوٿي لاکو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شيخ ھوٿي لاکو(انگريزي: Sheikh Hothi Lakho) سنڌ ۾ سمن جي دؤر جو سھرورديه سلسلي جو ھڪ صوفي بزرگ جنھن جي قبر سانگھڙ ضلعي جي تعلقي ٽنڊوآدم ۾ ڳوٺ جان محمد مشائخ لڳ واقع آهي. سندس حياتي واري وقت اتان سانڱري نالي درياء جو وھڪرو وھندڙ ھيو جيڪو ساڱر واھ سڏبو هو جيڪو بعد ۾ ڦٽي ويو[1]. ان واھ ڀرسان دشت باران نالي ڍنڍ وارو علائقو واقع ھيو. ان علائقي ۾ سانڱري واھ جي ڪپ تي سمن جي دؤر ۾ مورياڻي نالي وسندي آباد ھئي جتي ھن بزرگ زندگي گذاري. ھاڻي اھا وسندي، ماڱر واھ ۽ دشت باران ڍنڍ نابود ٿي چُڪا آهن[2]. شيخ هوٿـِـيءَ جو سڀ کان پهريائين سيد عبدالقادر رضوي نصرپوريءَ جي تاليف حديقته الاولياء سنڌ (سن 1016ھ/ 1607ع) ۾ تذڪرو ملي ٿو[3]. ان کان پوءِ، ”تحفته الڪرام“ واري صاحب، ”حديـقته الاولياءِ سنڌ“ تان ٿوريءَ ڦير گهير ۽ اختصار سان سندس احوال بيان ڪيو آهي[4]. شيخ هوٿـِـي ذات جو لاکو هو پر مير علي شير قانع مطابق ھي ذات جو لاکو نہ پر ھن جي والد جو نالو لاکو ھيو. ان لاء خيال آهي ته ”دشتِ باران“ واري علائقي جو رهاڪو ڪونه هو، بلڪ پاڻ اصل ۾ ”لاکاٽ“ پرڳڻي جو رهواسي هو. شيخ هوٿـِـيءَ جي متعلق، عبدالواحد عاصي مطابق ھن جو خاندان نواب شاھ ضلعي جي دولت پور شهر جي آس پاس جو ويٺل هو. سندس والد جو نالو درمحمد هو. هتان جي ماڻهن کان سندس اوائلي شجرو هن ريت ملي ٿو، هوٿـِـي پٽ درمحمد پٽ لاکو پٽ آمر پٽ مناهيجو وغيره. پر پاڻ هن طرف ’شيخ المشائخ هوٿـِـي لاکي‘ جي نالي سان مشهور آهي[5]. پاڻ ملتان جي پير، غوث بهاءُ الدين زڪريا جي درگاھ جو طالب هو ۽ سھروردي طريقي کي زور وٺائڻ ۽ تبليغ جي سلسلي ۾، مورياڻـِـيءَ جي بستيءَ ۾ اچي رهيو ۽ سموري حياتي پاڻ اتي جو ٿي رهيو. مولانا دين محمد وفائي مطابق هيءُ بزرگ وقت جو وڏو ڪامل ولي، مرشدن جو مرشد هو. گهڻو ڪري سـُـرخ لباس ڍڪيندو هو ۽ تير ڪمان هميشه پاڻ سان رکندو هو. بــنا سرود جي راڳ جو سماع ڪندو هو ۽ وجد ۾ ايندو هو[6]. پاڻ غوث بهاءُ الدين ذڪريا جي پوٽاڻ مان ڪنهن بزرگ جو مريد ۽ خليفو ھيو. شيخ صاحب مورياڻي وسندي ۾ ھڪ مسجد ۽ مدرسو تعمير ڪراي[2]و. شيخ هوٿيءَ کي چار فرزند ٿيا، جن مان ٻن پٽن جو نالو شيخ احمد ۽ شيخ محمد هو پنهنجي وقت جا وڏا عالم ۽ بزرگ ھيا ۽ پنھنجي والد جا مريد ۽ خليفا هئا[2]. قبر تي نصب ڪتبي مطابق شيخ ھوٿي 1408ع يا 811ھ ۾ وفات ڪئي[2].

حوالا[سنواريو]

  1. [ مولائي شيدائي: ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ، 1959ع، ص 503]
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 [ ڪتاب جو نالو؛ مقالات خانائي؛ مصنف: ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي؛ ايڊيشن:پهريون 2006ع؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ]
  3. [سيد عبدالقادر نصرپوري:”حديـقته الاولياء سنڌ“ (فارسي)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1967ع، ص 101 کان 108 ]
  4. [ مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي: ”تحفته الڪرام“ (سنڌي)، مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1957ع، ص 368]
  5. [ مڪتوب محترم عبدالواحد ”عاصي“ هــَـڪڙو ، سلطان آباد، مؤرخه 6- اپريل 1989ع]
  6. [ وفائي دين محمد مولانا: ”تذڪره مشاهير سنڌ“ - جلد 2، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1985ع، ص 330]