شيخ نجم الحق والدين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شيخ نجم الحق والدين عرف جامين لڌا چٽي طريقي جو وڏو بزرگ هو، ۽ دهليءَ ۾ رهندو هو. حضرت عبدالعزيز ڪشڪي جو مريد هو. سندس مرشد، سندس روحاني مرتبي جو وڏي تعريف ڪندو هو. مرشد جي وفات کان پوءِ دهلي ڇڏي، سنڌ ۾ آيو ۽ ٺٽه پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهي پيو. ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کانئس روحاني فيض پرايو. وفات به هتي ئي ڪيائين، ۽ هتي ئي مدفون ٿيو. سندس طريقت جو شجرو هن طرح آهي:

”شيخ نجم الحق مريد شيخ عبدالعزيز ڪشڪي جو، اهو مريد قاضي يوسف خان ناصحي جو، اهو مريد شيخ حسن جو، اهو مريد شيخ بدراخي حامدشه جو، اهو مريد شيخ حسام الدين مانڪپوري جو، اهو مريد شيخ نور قطب عالم جو، اهو مريد شيخ علاوالحق بنگاليءَ جو، اهو مريد شيخ سراج الدين عثمان جو، اهو مريد حضرت سلطان المشائخ حضرت نظام الدين احمد بدايوني جو“. حضرت شيخ نجم الحق جڏهن دهليءَ ۾ رهندو هو، ته سندس ڪيترائي مريد ٿيا، جن مان شيخ بهاوالدين شاهه آبادي وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. حضرت شيخ نجم الحق يارهين صدي هجري ۾ ٿي گذريو.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. نزهته الخواطر (ج 7) ۾ علامه عبدالحڪيم کي سندس ڀاءُ ڄاڻايل آهي
  2. چشتي سلسلو: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو