شيخ ابڙو ھالاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ھيءُ سنڌ جو بزرگ 7 شعبان 577ھ – 1181ع ڌاري ھالاڻيءَ ۾ پيدا ٿيو، جنھنڪري ھن کي شيخ ابڙو ھالاڻي سڏيندا آھن. ھن ھنڱورجن جي ارباب، آري سمي جي ڌيءَ هاجره سان شادي ڪئي. تنھن وقت سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت ھوندي ھئي. پاڻ بزرگن جي فيض ۽ صحبت مان فيضياب ٿيڻ لاءِ ڏاڍو چاھ رکندو ھو، جنھنڪري ھو سورٺ (سوراشٽر) ۾ سيد عبدالھادي جميل شاھ گرناريءَ وٽ پھتو ۽ سندس مريد ٿيو. پاڻ چشتي طريقو ڪري فقراءَ ٿيو ۽ باقي ڏينھن مرشد جي خدمت ۾ گذاريائين. سندس وفات 60 سالن جي عمر ۾ 637ھ – 1239ع ڌاري ٿي، ۽ سندس درگاھ سجاول ۽ جاتيءَ واري رستي تي اولھه طرف پنج ميل پري آھي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ابڙو شيخ ھالاڻي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع