شوما چوڌري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شوما چوڌري Shoma Chaudhury
پيدائش انڊيا
پيشو صحافڻ

شوما چوڌري (انگريزي ٻولي: Shoma Choudhary) ڀارتي صحافي آهي. هيءَ تهليڪا جي بانين منجهان هڪ آهي.[1][2] هيءَ الجبرا جي ڊائريڪٽر ۽ شريڪ باني آهي. نيوز ويڪ يو۔ايس۔اي 2011 ۾ شوما کي دنيا جي 150 بااثر نارين ۾ ڳڻيو هيو.[3] هن کي سال 2009 ۾ نامياري ناري صحافي لاءِ چميلي ديوي جين ايوارڊ ڏنو ويو هيو. سال 2013 ۾ تهيلڪا سان اختلافن سبب شوما ان ميگزين کان الڳ ٿي وئي.[4][1]

شروعاتي زندگي ۽ تعليم[سنواريو]

شوما چوڌري 11 جون 1964 تي ڀارتي صوبو اولهہ بنگال جي مشهور شهر ڊارجيلنگ ۾ جنم ورتو. هن ڪرسيونگ لا مارٽينائر ڪولڪاتا ۾ سينٽ هيلينز اسڪول ۾ پنهنجي شروعاتي تعليم حاصل ڪئي. انکانپوءِ هيءَ دهلي يونيورسٽي جي عورتن لاءِ ليڊي شري رام ڪاليج ۾ پڙهڻ وئي ۽ اتان انگريزي ادب ۾ بي-اي ۽ ايم-اي جي ڊگري حاصل ڪيائين.[4]

ڪيريئر[سنواريو]

شوما چوڌري تهيلڪا ميگزين جي شريڪ بانين منجهان هڪ آهي. هن 28 نومبر 2013 ۾ تهيلڪا سان هڪ جنسي تڪرار جي سبب ڌارَ ٿي وئي، جڏهن هيءَ مينيجنگ ڊائريڪٽر جي عهدي تي هئي.[2][1][5]ان معاملي ۾ چوڌري جي ڪيترن ئي ساٿين پنهنجو اختلاف ظاهر ڪيو. شوما 2016 ۾ الجبرا - دي آرٽز اينڊ آئيڊياز ڪلب جي بنياد وڌي.[6] انساني مسئلن کان وٺي سماجي ۽ سياسي مسئلن سان لاڳاپيل الجبرا چوٽيءَ جي مفڪرن سان ڳالهہ ٻولهہ ڪئي ويندي آهي، ۽ روان زماني جي انهن لازمي معاملن تي روشني وڌي ويندي آهي. شوما پوءِ ان اداري کان پڻ الڳ ٿي وئي. ۽ ٿنڪ، ڪيچ نيوز [7]وغيرہ سان لاڳاپجي وئي.[4] پرنٽ صحافت کان اڳ شوما دوردرشن ۾ ڪم ڪندي هئي ۽ سموري هفتي ۾ ليکڪن ۽ ڪتابن بابت 40 کان وڌيڪ پروگرامن جي نگراني ڪندي هئي. شوما پرنٽ صحافيت جي شروعات دي پيونير کان ڪئي جتي هيءَ ڪتابن جي ايڊيٽر هُئي. پايونير کانپوءِ شوما انڊيا ٽوڊي سان ڪم ڪرڻ لڳي، ۽ پوءِ آئوٽ لڪ ميگزين ۾ ڪم ڪرڻ لڳي.[4]

ايوارڊ[سنواريو]

شوما سياسي صحافت ۾ پنهنجي ڪارڪردگي جي سبب ڪيترائي اعزاز (ايوارڊ) ماڻيا آهن. ڪجهه ذڪر لائق ايوارڊ هيٺئين ريت آهن:[4][3]

  • چميلي ديوي جين اعزاز براءِ ممتاز ناري صحافي 2009 (Chameli Devi Jain Award for Outstanding Women Mediapersons)
  • ممبئي پريس ڪلب اعزاز، 2012 (The Mumbai Press Club award)
  • سبيادورو ارنيسٽ هيمنگوي اعزاز (Sabbiadoro Ernest Hemingway Award)
  • رام ناٿ گيکا اعزاز (The Ramnath Goenka award)
  • اليومنائي آف دي ايئر (Alumni of the Year) پاران مليل ليڊي شري رام ڪاليج، 2013

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 HEATHER TIMMONS. "Search India Ink SEARCH A Conversation With: Shoma Chaudhury". india.blogs.nytimes.com. حاصل ڪيل 12 مارچ 2020.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  2. 2.0 2.1 "Tehelka Case: Shoma Chaudhury defends magazine's action in sexual assault case". Economic Times. حاصل ڪيل 12 مارچ 2020.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  3. 3.0 3.1 "Profile of Shoma Chaudhary". ShomaChaudhary. حاصل ڪيل 12 مارچ 2020.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 "Shoma Chaudhury: Reporter,Journalist, editor". People Pill. حاصل ڪيل 12 مارچ 2020.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  5. "Return to frontpageShoma Chaudhury quits as Tehelka Managing Editor". The Hindu. حاصل ڪيل 12 مارچ 2020.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  6. "Profile of Shoma Chaudhary". TOI-DX. حاصل ڪيل 12 March 2020. 
  7. "Catch News Editor Shoma Chaudhury Says She Has Been Asked To Quit Immediately And ‘Arbitrarily’". Scoopwhoop. حاصل ڪيل 12 مارچ 2020.  Check date values in: |access-date= (مدد)