شط العرب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شط العرب
ڊگهائي 200 km (120 mi)
ڇوڙ جي اوچائي 0 m (0 ft)


شط العرب(انگريزي: Shatt al Arab ) جنھن جي معني آھي عربن جي ندي. ان کي آروند رود پڻ چون ٿا جنھن جي معني آهي: تيز درياء اھا 200 ڪلوميٽر ڊگھو درياء آھي جيڪو درياء دجلا ۽ فرات جي سنگم کان، ڏکڻ عراق جي بصرہ گورنري جي شھر القرنا وٽان، شروع ٿي فارس جي سمنڊ تائين واقع آهي جنھن سان ايراني درياء ڪارون پڻ ملي ٿو. ان جي ويڪر مختلف ھنڌن تي 232 ميٽرن کان 800 ميٽرن تائين آھي پوئين ويڪر ان جي ڇوڙ واري جاء تي آھي.[1] ھن ندي جي علائقي م دنيا جو سڀ کان وڏو کجين جو ٻيلو آهي جنھن جو عراق ايران جنگ جي ڪري ڪافي نقصان ٿيو کجور جي پيداوار ۾ تمام گھڻي ڪمي آئي.[2] ايراني ادب م دجلہ کي آروند سڏيو ويندو هو. شاھنامي م فردوسي پڻ ان لاءِ آروند لفظ استعمال ڪيو آھي. پھلوي دؤر ۾ ۽ ان بعد ايراني انقلاب کان پوء بہ ايرانين شط العرب لاء آروند لفظ استعمال ڪيو آهي. [3]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "Iraq - Major Geographical Features". country-data.com. حاصل ڪيل 28 November 2015. 
  2. "UNEP/GRID-Sioux Falls". unep.net. حاصل ڪيل 28 November 2015. 
  3. M. Kasheff, Encyclopædia Iranica: Arvand-Rud. – Retrieved on 18 October 2007.