شريڪانت صدف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

جنم[سنواريو]

شريڪانت موتي شرما، 23 جولاءِ 1959ع ۾ ممبئي (بمبئي) هندستان ۾ جنم ورتو.

سوانح[سنواريو]

شريڪانت موتي شرما (Shrikant Moti Sharma) جو والد موتي پرڪاش ۽ امڙ ڪلا پرڪاش سنڌي ٻوليءَ جا ناليوارا ليکڪ هئا. شريڪانت شروعاتي تعليم ممبئي ۾ ئي حاصل ڪئي. اڳتي هلي سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪيائين. ڪجهه وقت نوڪري به ڪيائين، جيڪا پوءِ ڇڏي ڏنائين.

ادبي اوسر[سنواريو]

شريڪانت شروع ۾ پنهنجي والد موتي پرڪاش جي شاعريءَ کان متاثر ٿيو، تنهن کانسواءِ برک ليکڪ ۽ نقاد اي جي اُتم جي ڄاڻ ۽ اڀياس جو سدائين قائل رهيو. جيتوڻيڪ شريڪانت فڪري لحاظ کان سدائين ترقي پسندن جي خلاف رهيو، پر هن پنهنجو پهريون ڪتاب ”نفرت جا گل“ برک ترقي پسند اديب اي جي اُتم جي نالي ارپيو. شريڪانت ”صدف“ 22 سالن جي عمر ۾ 1982ع کان غزل لکڻ شروع ڪيا. ”صدف“ جي شاعري جي لهجي تي ’گوپ ڪمل‘ ۽ ’واسديو موهي‘ جو چڱو اثر آهي ۽ هن ٻنهي ڄڻن مان گهڻو ڪجهه پرايو ۽ انهن جي لاءِ چيو اٿس:

توهان سان گڏ اسان گهاري اهڙي شام آهي،
اڃا جا رات ۾ تبديل ٿي سگهي ڪانهي.

اهڙي طرح نارايڻ شيام، تنوير عباسي ۽ لکمي کلاڻي کي پسند ڪندو آهي ۽ انهن لاءِ هن جي راءِ آهي ته، ”انهن کي ميراڻ ۽ گندگي ڪڏهن ڇهي نه سگهي. شيام ۽ تنوير نوڙت ۽ حليمائي جا مجسما، دل جا حد کان وڌيڪ صاف، ڪڏهن ڪنهن کي نه ڏکوئيندڙ ۽ عظيم شاعريءَ جا سرجڻهار، لکمي کلاڻي ٻوليءَ جو اهو محافظ، جنهن کي بنگلا، ڪارون، ڌنڌا ۽ ڌاڙيون ٻولي جي بهبودي جي آڏو تچ نظر آيا.“ ”صدف“ لاءِ سڀ کان وڌيڪ زبردست ڪردار نارايڻ شيام جو رهيو آهي. ”صدف“ جي شعري اوسر ۾ اردو شاعر قمر نقوي جو وڏو هٿ رهيو آهي، جنهن جو ذڪر ڪندي ”صدف“ لکيو: ”منهنجي شاعري جي اوسر ۾ منهنجي گهر ويجهو هڪ جهوپڙي ۾ رهندڙ دوست، جيڪو هاڻ وفات ڪري ويو آهي، قمر نقويءَ جو وڏو هٿ رهيو آهي. 1980ع جي آسپاس ۽ 1983ع جي آخر تائين مان هن سان گڏ رئيس نالي هڪ دلدار جي اڏي تي رات تائين وسڪي ۽ اها ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪنتري پيئندو هئس. اُتي هندي ڪويتا (شاعري) ۽ اردو شاعري جا ڪي ڄاڻو ايندا هئا. مان هنن کي ساحر (لڌيانوي) ۾ مجروح (سطانپوري) جا شعر ٻڌائيندو هئس ته هو مشڪندا هئا ۽ ڪيڏي مهل ٽهڪ به ڏيندا هئا. مان ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو هئس ته ائين ڇو آهي؟ اتي اردو ۾ ايم اي ڪيل هڪ ڊاڪٽر سراج پڻ ايندو هو، جنهن هڪ ڏينهن مون کي چيو ته توکي شاعري جو اڀياس ڪونهي. اسين ساحر کي اشتهاري شاعر مڃيندا آهيون. ساحر جو ”پرڇائيان“ برزبان ياد هئم، جيڪو جڏهن چئي ٻڌايم ته قمر نقوي مون کي هڪ سندس لکيل شعر ٻڌايو ۽ چيائين ته اسين به غريب آهيون، انساني برابري چاهيون ٿا، پر اسين فنڪار آهيون اهو ڀلائڻ روا ناهي.

تمهاري شهر مين آئي تو گاؤن سِي ڀي گئي،
وهان کي آس پيڙون ڪي ڇانوَ سي ڀي گئي.

ان ڏينهن مون فنڪار ۽ پرچارڪ جو تفاوت سمجهڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. ان کان پهرين مون ڪرشن راهي، واسديو نرمل، موتي پرڪاش ۽ آنچل کي خوب پڙهيو هو. مون کي لڳو ته هيءَ شاعر جيڪو لکي رهيا هئا، اهو فنڪاراڻو ”غزل“ ڪونه هئو ۽ جي ڪٿي هئو ته ”اڄ جو غزل“ ڪونه هو.“

شريڪانت ”صدف“ جو پهريون شعري مجموعو 1990ع ۾ ”نفرت جا گُل“ جي نالي سان ڇپيو. انهي مجموعي ۾ سندس چونڊ پنجاهه غزل شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ ارجن حاسد لکيو آهي، جنهن ۾ هو ”صدف“ جي غزلن بابت راءِ ڏيندي لکي ٿو: ”صدف“ جو پنهنجو مزاج آهي، سڀاءُ به ڪجهه الڳ اٿس. مون کي لڳندو آهي سندس اها الڳ ۽ وچترتا کانئس شعر چوائي ٿي. روايتي شيون هن وٽ پڻ آهن، تڏهن به الڳ نموني سان چهنڊڙي پائي ٿيون ڪڍن. هن جي شعر جي مصرع اول ڪا نه ڪا تازگي کڻي ٿي اچي. ڪجهه چئي سگهڻ جي سگهه ٿي رکي. سچ ته مصرع اول ۾ ئي شاعر پاڻ کي ڪو اظهار ڏئي ٿو. مصرع ثانيءَ ۾ ان اظهار سان، ڪارنامي سان، ڪوملتا سان نڀائڻو آهي، اهو نباهه، پنهنجي سڀاءَ ۽ فن جي سنهائين کي پڌرو ڪري ٿو. ڄاڻ ٿي پوي ته شاعر ڪٿان ڪٿان، ڪهڙي پيچري تان پنڌ ڪرڻ سکيو آهي.

سنڌي شاعريءَ جي روايت به خوب رهي آهي ته ڪڙي سان ڪڙي جڙندي آئي آهي. اهڙو ڪو دور نه رهيو آهي، جنهن دور ۾ ڪوبه حساس شاعر نه رهيو هجي. ڀارت ۾ به سنڌي شاعري ورهاڱي بعد به زور شور سان اُڀري آهي. شريڪانت ”صدف“ پنهنجي دور جو هڪ مضبوط ڪوي ثابت ٿيندو. اهڙي خاطري آهي، سنڌي شاعري کي هڪ نئون وهڪرو، هڪ نئون اعتقاد نصيب ٿيندو.“ ”صدف“ جو ٻيو شعري ڳٽڪو ”نانگن جا ٻر“ 1993ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ پڻ ”صدف“ جا پنجاهه غزل شامل آهن. انهي ڪتاب تي راءِ ڏيندي هري دلگير لکيو: ”صدف“ جو ڪتاب ”نانگن جا ٻِر“ سندس پهرينءَ ڪتاب کي پويان ڇڏي، ڪيتريون ئي وکون اڃا به اڳتي وڌي آيو آهي. هي ڪتاب ڪيترن ئي ڇپيل سنڌي غزلن جي مجموعن ۾ هڪ اڳرو مجموعو آهي. هو نه آشا وادي آهي ۽ نه ئي نراشاوادي. نه ئي هو ڪن سينيئر شاعرن وانگر رڳا ”طنز“ جا غزل ٿو لکي. هو ڪنهن به لڳ لڳاءُ کانسواءِ هڪ شاعر آهي. ”صدف“ جي تازي مجموعي مان اهو صاف ظاهر آهي ته کيس شاعريءَ جي فن تي لڳ ڀڳ پورو قبضو آهي.“ ”صدف“ جو ٽيون شعري مجموعو ”ذهن جا قبيلا“ 1996ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ غزل ۽ آزاد ڪوتائون شامل آهن. سندس چوٿون شعري مجموعو ”وچ وارن کي لٺ بڻائي“ 2002ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ آزاد ڪوتائون شامل آهن. شاعريءَ کانسواءِ ”صدف“ چڱي تعداد ۾ تنقيدي مضمون ۽ ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن، جيڪي اڃا ڪتابي صورت ۾ ناهن ڇپيون. ”زندگي هڪ وار وري شروع ڪرڻ پوندي“، ”صدف“ جي مٿين چئني ڪتابن کي هڪ ڪتاب ۾ سموئي ڇپايو ويو، جيڪو 2005ع ۾ سچائي اشاعت گهر دڙو پاران سنڌ ۾ شايع ٿيو. [1] [2]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب (يوسف سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  2. ڪتاب: هڪ سئو سنڌي اديب، ليکڪ: يوسف سنڌي