مواد ڏانھن هلو

شروعاتي اسلامي فتحون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Early Muslim conquests
سلسلو اسلامي فتوحات

  پيغمبر محمد جي اڳواڻي ۾ توسيع 622–632ع
  خلافت راشده جي تحت توسيع 632–661ع
  اموي خلافت جي تحت توسيع 661–750ع
تاريخ622–750 عيسوي
مقام
نتيجو مسلمانن جي فتح
علائقائي
تبديليون
اوڀر ۾ سنڌو ماٿري کان اولهه ۾ آئبيريائي جزيري نما تائين خلافت قائم ٿي.
شريڪ جنگ

پهرين اسلامي رياست (632ع تائين)

اولهه ايشيا ۽ اتر آفريڪا ۾: ساساني سلطنت ۽ بازنطيني سلطنت
وچ ايشيا ۾: اولهائين ترڪ خاقانيت، تانگ خاندان
ڏکڻ ايشيا ۾: چچ خاندان
يورپ ۾: وزيگوٿ بادشاهت، آسٽورياس جي بادشاهت، فرينڪش بادشاهت

ابتدائي اسلامي فتحن (عربي: الْفُتُوحَاتُ الإسْلَامِيَّة) سان مراد ابتدائي اسلامي جنگيون آهن، جيڪيون پيغمبر محمد ﷺ جي دور، [1] راشدين خلافت ۽ پوء جانشين حڪومتن جي دور ۾،[2] اسلام جي بقا ۽ ترقي لاء وڙهيو ويو.[3] سال 622ع ۾، پيغمبر محمد ﷺ مدينه المنوره (شروعات ۾ "مدينه النبي") ۾ پهرين اسلامي رياست قائم ڪيا ۽ ڪيترن ئي جنگي مهمن کان پوء آخر ۾ مسلمانن کي مڪه المڪرمه کي فتح ڪيو، پهرين وڏي فتح، جنهن کان پوء فتحن جو هڪ سلسلو شروع ٿيو ۽ اسلامي فوجون لڳ ڀڳ عربستان کي فتح ڪيائون ۽ پوء راشدين خلافت ۽ جانشين اموي ۽ عباسي دور ۾ تيزي سان وڌيون، جنهن جي نتيجي ۾ اسلامي حڪومت اولهه ايشيا ۽ اتر آفريڪا جي اڪثر حصن ۾، ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا جي حصن ۾ ۽ ايندڙ صدي دوران رومي سمنڊ تي واقع يورپ جي ڪجهه حصن تائين پکڙجي وئي.

اسڪاٽش مورخ جيمس بڪئن جي مطابق:

"فتحن جي رفتار ۽ حدن جي لحاظ کان ابتدائي اسلامي فتحن سان صرف سڪندر اعظم جي فتحن کي ملائي سگهجي ٿو، پر اسلامي فتحن جا اثرات وڌيڪ ڊگهي عرصي تائين رهيا."[4]

پنهنجي جي عروج تي، اسلامي خلافت جي تحت حڪمراني وارو علائقو لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ ٽيهه لک چورس ڪلوميٽر (پنجاهه لک چورس ميل) تي، اوڀر ۾ هندستان (سنڌ) کان اولهه ۾ آئبيرين جزيره نما (اسپين ۽ پرتگال) تائين پکڙيل هو.[5]

ٻين سخت سماجي-سياسي تبديلين جي وچ ۾ ابتدائي مسلمان فتحون اوڀر ۾ ساساني سلطنت ۽ اولهه ۾ بازنطيني سلطنت جي تسلط واري حالت ۾ ٽڪراءُ پيدا ڪيو. ساساني سلطنت مڪمل طور تي مسلمانن جي قبضي هيٺ اچي وئي ۽ بازنطيني سلطنت کي محدود ڪري ڇڏيو. مسلمان مهمن جي ڪاميابي لاءِ تفصيلي وضاحتون ڳولڻ ڏکيو آهن ڇاڪاڻ ته ان دور جي تاريخ ۽ معلومات کان صرف ڪجهه ئي حصا دستياب آهن. آمريڪي عالم فريڊ ڊونر تجويز ڪري ٿو ته؛

"مديني جي پهرين اسلامي رياست جي قيام ۾ نظرياتي هم آهنگي سان متحرڪ ٿيڻ مکيه عنصر هو، جنهن مسلمان برادري کي تاريخ جي سڀ کان وڏي سلطنتن مان هڪ کي ڪاميابي سان قائم ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌايو." 

گهڻا مورخ پڻ متفق آهن ته هڪ ٻيو بنيادي عنصر جيڪو مسلمانن جي فتحن کي اڳتي وڌايو، ساساني ۽ بازنطيني سلطنتن جي وچ ۾ ڊگهي عرصي جون جنگيون هيون، جنهن ڪري ٻن ئي معاشي طور تي هڪ ٻئي جي خلاف ڏهاڪن جي جنگ کان ٿڪجي پيا هئا. سال 628 کان 632ع تائين جي ساساني گهرو ويڙهه، سياسي تباهي کي وڌيڪ تيز ڪيو.[6]

اهو پڻ مڃيو وڃي ٿو ته ساساني ۽ بازنطيني علائقي ۾ يهودي ۽ ڪجهه عيسائي ٻنهي سلطنتن جي حالت کان مطمئن نه هئا ۽ يا ته حملي آور مسلمان فوجن جو استقبال ڪيو يا انهن سان مقابلو نه ڪيو.[7] بهرحال، عرب عيسائي، جهڙوڪ بنو غسان شروعات ۾ بازنطيني سلطنت سان اتحاد ڪيون ۽ ساسانين ۽ بازنطيني جي وچ ۾، انهن جي اڳوڻي دشمني جي باوجود ڪم ڪندڙ اتحاد قائم ٿيڻ جا مثال پڻ موجود آهن جيئن ته سال 633ع ۾ "فراز جي جنگ" دوران، ٻن ئي گڏ ٿي، اسلامي لشڪر جو مقابلو ڪيائين.[8][9] سر زمين شام (ليوانت) ۽ مصر ۾ بازنطيني سلطنت جيڪي زمينون مسلمانن جي ھٿن وڃائي ڇڏيون، انهن جو هڪ اهم حصو ڪجهه سال اڳ ئي انهن ساسانين جي قبضي مان واپس ورتا هئا.

حوالا

[سنواريو]
  1. (Kaegi 1995), (Donner 2014)
  2. (Hoyland 2014), (Kennedy 2007)
  3. http://siraatmustaqem.org/(S(chuyel553kvn3uqtotnbhe45))/ContentPage.aspx?Id=3021%5Bمئل+ڳنڍڻو%5D
  4. Buchan, James (21 July 2007). "Children of empire" (en-GB ۾). The Guardian (London). ISSN 0261-3077. https://www.theguardian.com/books/2007/jul/21/historybooks.featuresreviews.
  5. Blankinship, Khalid Yahya (1994). The End of the Jihad State, the Reign of Hisham Ibn 'Abd-al Malik and the collapse of the Umayyads. State University of New York Press. p. 37. ISBN 978-0-7914-1827-7. https://books.google.com/books?id=Jz0Yy053WS4C&q=umayyad+caliphate+square+miles&pg=PA37.
  6. Gardner, Hall; Kobtzeff, Oleg, eds (2012). The Ashgate Research Companion to War: Origins and Prevention. Ashgate Publishing. pp. 208–209.
  7. Rosenwein, Barbara H. (2004). A Short History of the Middle Ages. Ontario: Broadview Press. pp. 71–72. ISBN 978-1-55111-290-9.
  8. Jandora, John W. (1985). "The battle of the Yarmūk: A reconstruction". Journal of Asian History 19 (1): 8–21.
  9. Grant, Reg G. (2011). "Yarmuk". 1001 Battles That Changed the Course of World History. Universe Pub.. p. 108. ISBN 978-0-7893-2233-3. https://books.google.com/books?id=s4njwZGrZg4C&q=battle+of+firaz&pg=PA108.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

عام حوالي جا ذريعا

[سنواريو]

سانچو:History of the Catholic Church سانچو:Islam topics سانچو:Christianity footer