شاھ پسند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

شاھ پسند جا ٻه چار قسم آهن. هن جو ٻوڙو ول وانگي پکڙندڙ آهي. وڏا سهڻا ۽ ڦڪا واڱڻائي رنگ جا گل ڪندو آهي. ڪي تمام اڇا گل ڪندا آهن، جن ۾ خوشبوءِ به ٿيندي آهي. هن گل جي اها خاصيت آهي ته رات جو کُلندو ۽ بوءِ ڪندو آهي. پچو پچو شبو گل هن کي چئي ٿو سگهجي. مگر چوندا شاهه پسند اٿس. انگريزيءَ ۾ مون فلائوئر (يعني چنڊ گل) يا مڊنائيٽ لِلي (يعني آڌيءَ رات وارو سوسن) چوندا اٿس. ڪالونِڪشن سندس ڪتابي نالو لکيو اٿن.[1]

طب[سنواريو]

شاهه پسند:

نالا: اردو - شاه پسند، فارسي - شاهه پسند، انگريزي- (Seeds of Centroarea Moschate) .
سڃاڻپ: هي ول جئان ٻوٽو آهي، جو ڀر واري وڻ تي چڙهي وڃي ٿو. هن جا پن چونرن (راهن) جي نموني ٿين ٿا، سندس ڦر ننڍڙو ٽن ٽن داڻن جي صورت ۾ گڏ ٿيندو آهي، جنهن تي هلڪي پشم ٿئي ٿي. هن جا ٻج دوا جي ڪم اچن ٿا. رنگ ۾ پاڻ ڀوري ٿئي ٿي ۽ گل سندس اڇا ٿيندا آهن. ذائقي ۾ تلخ آهي. حيدرآباد سنڌ جي آس پاس به جام ڏٺو ويو آهي.
مزاج: گرم خشڪ ٽئين درجي ۾.

مقدار خوراڪ: ٽن کان پنجن ماسن تائين.

پيدائش: پنجاب جي ٻهراڙين ۽ سنڌ جي واهڻن ۾ عام ٿئي ٿو.
خاصيت: هيءُ جلاب آهي، جو ٽيئي خلط نيڪال ڪري ٿو. پيٽ جا ڪينئان هن جي کارائڻ سان مري وڃن ٿا. هن کي ڪٽي لوڻ يا گلقند سان کاڌو وڃي، ته خوب دست اچن ٿا. پنن جي لپري سوڄ کي نيسائيندڙ يا ڦاڙيندڙ تاثير رکي ٿي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو