شاھ عبدالرحمان سنڌي لکنوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاهه عبدالرحمان سنڌي لکنوي، هيءُ بزرگ اصل ۾ سنڌي هو، ۽ شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ ”روپاهه“ جو ويٺل هو، جو ”مخدومن جي ڳوٺ“ جي نالي سان مشهور هو. سندس وڏا اصل عرب جا راهاڪو هئا. سندس وڏو ڏاڏو عرب شاهه، عرب مان لڏي اچي سنڌ ۾ متوطن ٿيو. سندس نسب جو سلسلو عرب شاهه سان هن طرح ملي ٿو: ”شاهه عبدالرحمان بن سيد محمد حسن بن علم الهدا بن حسن محمد بن دين محمد بن عرب شاهه سنڌي.“ شاهه عبدالرحمان جو پڦاٽ مولانا عبدالحڪيم [1]بن شيخ محمد وڏو عالم، فاضل ۽ بزرگ هو. سندس علم ۽ فضل جي شهرت پري پري تائين پهتل هئي. ڪابل جي بادشاهه سندس نالو ٻڌي، کيس قضا جي سّندَ ۽ پنج ڳوٺ هديه طور ڏيڻ گهريا؛ پر بزرگ اها ڳالهه پنهنجي توڪل جي خلاف سمجهي ۽ قبول نه ڪئي.[2]

ولادت ۽ ننڍپڻ[سنواريو]

حضرت شاهه عبدالرحمان جي ولادت پنهنجي ڳوٺ ۾ 1161ھ (1748ع) ۾ ٿي. ننڍپڻ کان ئي ڏاڍو ذهين، نيڪ ۽ پرهيزگار هو. سندس هم سبق عبدالخالق ۽ ٻيا طالب ڪيڏي به محنت ڪندا هئا، پر تڏهن به ساڻس پڄي نه سگهندا هئا. خود سندس استاد علامه عبدالحڪيم کي به سندس غير معمولي ذهانت تي عجب لڳندو هو. شاهه صاحب قرآن شريف پنهنجي مامي آخوند هدايت الله وٽ پڙهيو ۽ صرف ونحو، فقهه ۽ عقائد جا ڪتاب پنهنجي پڦاٽ علامه عبدالحڪيم صاحب وٽ پڙهيا.

شاهه عبدالرحمان ننڍي هوندي ئي خانداني طريقي مطابق سيد محمد صالح جو مريد ٿيو. محمد صالح، سيد محسن شاهه جو ڏوهٽو هو، جو سيد عبدالقادر جيلاني جي اولاد مان هو. بلوغت کان پوءِ علامه عبدالحڪيم کان اويسي نسبت حاصل ٿي.[2]

علم جي تحصيل لاءِ سفر[سنواريو]

کيس علم پرائڻ جو ڏاڍو شوق هو. انهيءَ خيال کان 19 سالن جي عمر ۾ 1180ھ (1766ع) ۾ والدين ۽ علامه عبدالحيم کان اجازت وٺي، وطن جا وڻ ڇڏي نڪري پيو. پهريائين پنجاب جي شهر خيرپور ۾ آيو، جتي حافّظ محمد فاضل وڏو عالم هو. ان کان چار سال درميانه درجي جا ڪتاب پڙهيائين. اتان ”مهارون“ ويو، ۽ مولانا اسدالله وٽ هڪ سال پڙهيائين. ان کان منطق ۽ حڪمت جي تعليم حاصل ڪيائين. اتان ”انگهه شاهه بلاول“ نالي ڳوٺ ۾ ويو، جيڪو اوديته الجبال پهاڙي واديءَ جو ڳوٺ هو. اتي مولوي ڪليم الله جي خدمت ۾ چار سال رهيو. انهن ڏينهن ۾ ”مهارون“ ۾ شاهه محمد نذير وڏو بزرگ رهندو هو. ان کان صلاح پڇيائين ته ”علم جي تحصيل لاءِ جيڪڏهن بخارا جو سفر اختيار ڪيو وڃي ته اهو ڪيئن رهندو؟“ شاهه صاحب کيس صلاح ڏني ته تنهنجي لاءِ شاهه جهان آباد وڃڻ بهتر آهي. وڌيڪ چيائين، ته جيڪڏهن اتي سٺا استاد نه هجن، ته پوءِ ”رامپور“ وڃجانءِ. بزرگ جي مشوري موجب شاهه جهان آباد آيو، ۽ مولانا فخرالدين چشتي نظامي جي مدرسي ۾ داخل ٿيو. ڪجهه وقت بعد مولانا فخرالدين جي صلاح موجب رامپور آيو ۽ مولانا محمد صاحب ۽ مولوي شير محمد صاحب کان علم حاصل ڪندو رهيو. هتي چار سال چار مهينا رهي، صدراشمس بازغه تائين تعليم حاصل ڪيائين، ۽ حديث جي علم ۾ سند حاصل ڪيائين. رحمت بخش هتان کان سندس ساٿي ٿي رهيو. انهن ڏينهن ۾ بهار جي مولانا عبدالعلي بن نظام الدين لکنوي جي علم ۽ فضل جي پري پري تائين شهرت هئي، ”بهار“ ڪلڪتي جي لڳ، ضلعي بردوان م هو. شاه صاحب، تعريف ٻڌي وڏانهن رخ رکيو، ۽ صفر 1199ھ (1784ع) ۾ “بهار “ ۾ پهتو. مولانا عبدالعلي صاحب مدرسي ۾ پڙهائيندو هو، ان جو نالو “مدرسه منشي صدرالدين“ هو، شاهه صاحب مولانا عبدالعلي صاحب جي خدمت ۾ هڪ سال رهيو. تحصيل علم کان پوءِ مولانا عبدالعلي سندس دستاربندي ڪرڻ گھري، پر شاهه صاحب انڪار ڪيو. ان مدرسي ۾ دستاربندي وقت سند به ڏني ويندي هئي، ته خلعت ۽ ٻه سوء رپيا نقد به مدرسي طرفان ڏنا ويندا هئا. سند واري کي انگريزي حڪومت ۾ نوڪري به ملي سگھندي هئي. شاهه صاحب انهن ڳالهين کان انڪار ڪندي چيو، ته ”مون کي خلعت ۽ دنيا جي لالچ ڪانهي ۽ نه نوڪري جي هوس آهي؛ دستاربندي جي ضرورت ئي نه آهي.[2]

درس و تدريس[سنواريو]

سن 1200ھ (1785ع) ۾ مولانا عبدالعلي صاحب کان موڪلائي، ڪن دوستن جي مشوري تي مدني پور صوبي بنگال ۾ قيام ڪيائين؛ ۽ طالبن کي درس ڏيڻ شروع ڪيائين. هتي ڏهه مهينا رهي، طالبن کي درسي ڪتاب پڙهايائين. ان کان موٽي پنهنجي وطن سنڌ ۾ آيو، ۽ حيدرآباد ۾ ڪجهه سال درس ڏيڻ ۾ مشغول رهيو.هڪ ڏينهن جيئن سبق پڙهائي رهيو هو، ته غلام محمد نالي هڪ درويش مجزوب صفت اچي سندس ڀرسان ويٺو.ويهي کيس چوڻ لڳو : ”مولوي صاحب ! ظاهري علم جو درس گھڻو ڏنئي، هينئر اسان جي حصي ۾ اچ.“ شاهه صاحب کيس ڪو جواب نه ڏنو. ڪجهه مهينن کان پوءِ اهو درويش وري آيو، ۽ ڪيتري دير تائين مولانا ۾ نظر وجھي ڏسندو رهيو. ڪجهه وقت کان پوءِ وري اهي لفظ چيائين، جيڪي پهرين ڀيري چيا هيائين. مولانا صاحب هن ڀيري به خاموش رهيو، پر دل ۾ هڪ اثر پيدا ٿيس . ان جو نتيجو اهو نڪتو، جو ڪجهه وقت کان پوءِ مولانا صاحب پاڻ پڇيو، ته اهو مجذوب ڪٿي آهي؟ کيس معلوم ٿيو، ته درويش وفات ڪري ويو. اهو ٻڌڻ سان بي قرار ٿي ويو ۽ پڙهڻ پڙهائڻ جو شغل ختم ڪري، خانه ڪعبه جي زيارت لاءِ حجاز جي سفر تي نڪتو.<.[2]


حجاز جو سفر[سنواريو]

سن 1205ھ (1790ع) حيدرآباد کان سورت بندر تي پهتو، ۽ 20- رجب تي جهاز ”رحمان بخش“ تي چڙهيو. 9-رمضان تي جدي پهتو، ۽ اٺ جي ذريعي 12- رمضان تي مڪي شريف پهتو. اتي ٽي مهينا رهي، حج ادا ڪري، 15- ذوالحج تي مديني منوره لاءِ روانو ٿيو ۽ 2- محرم سن 1206ھ تي اتي پهتو. موٽ تي ڪڇ ڀڄ بندر تي لهي پنهنجي وطن سنڌ آيو. ان سفر ۾ حاجي غلام محمد ۽ مولوي رحمت بخش ساڻس گڏ هئا. گھر پهچڻ تي کيس معلوم ٿيو، ته سندس والده جي وفات ٿي چڪي هئي، ۽ سندس والد کيس ڳولهڻ لاءِ هندستان ويو هو. عزيزن کيس شاديءَ لاءِ چيو، پر نه مڃيائين. ڳوٺ ۾ ڪجهه وقت رهي، علامه عبدالحڪيم کان طريقت جي تعليم حاصل ڪيائين.[2]

سياحت[سنواريو]

وطن ۾ آرام ڪونه آيس . آخر وطن ڇڏي، پهريائين پاڪ پٽڻ شريف پهتو، ۽ اتي شيخ فريد الدين شڪر گنج جي مزار تي 50 ڏينهن قيام ڪيائين. اتان جوڌپور آيو، ۽ هڪ مسجد ۾ رهيو، جيڪا درگاهه کان ٻاهر آهي. هتي محمد حنيف نالي هڪ مجذوب جي خدمت ۾ ڪجهه وات رهيو. ٽي مهينا هتي رهي، ريواڙيءَ آيو، جتي درس و تدريس جو سلسلو جاري ڪيائين. اتي به چار مهينا رهي، جيپور ۾ الور کان ٿيندو دهليءَ آيو. اتي ٽي مهينا حضرت خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي، ڏهه ڏينهن مخدوم نصيرالدين چراغ دهلوي ۽ هڪ سال ٽي مهينا حضرت محبوب الاهي سلطان المشائخ شيخ نظام الدين اولياء جي درگاهن تي قيام ڪيائين. دهلي ۾ مولانا فخرالدين نظاميءَ [3] جي خليفي شاهه محمد عظيم صاحب کان فيض پرائي، سلسلي نظاميه، چشتيه فخريه ۾ اجازت ۽ خلافت حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ گنگوهه آيو، ۽ حضرت قطب العالم جي مزار جي زيارت ڪيائين درگاهه جي سجاده نشين عمارالاسلام ۽ شاهه قطب الدين شاهه خصوصي تعلقات پيدا ٿيس. شاهه قطب عليءَ ته کانئس فيض به حاصل ڪيو. گنگوهه جي پسگردائيءَ ۾ ابنيت، ڪڙهام، ٺسڪه، ڪرنال ۽ ٿانيسر وڃي بزرگن جون زيارتون ڪيائين. ان کان پوءِ منگلور ضلعي سهارنپور ۾ آيو، جتي مفتي محمد سليم جي خليفي شاهه نورالهديٰ کان قادريه چشتيه صابريه سلسلي ۾ اجازت ۽ خلافت حاصل ڪيائين. اتان ٿي، ديوبند ۽ سهارنپور کان ٿيندو، ڪلير شريف ۾ آيو، جتي حضرت سيد علاوالدين احمد جي درگاهه تي چاليهه ڏينهن قيام ڪيائين. ان کان پوءِ پاڻيپٽ آيو، جتي حضرت شاهه شرف الدين بوعلي قلندر جي زيارت ڪيائين. ان کان پوءِ نهٽور ضلعي بجنور آيو، جتي بلاقي مراد آباد جي خليفي حافظ محمد امين صاحب قادري جي مزار جي زيارت ڪيائين ۽ ان جي فرزند شاهه غلام محمد قادري وٽ مهينو قيام ڪيائين. اتان امروهه آيو، ۽ شاهه عبدالباري چشتي نقشبندي مجددي وٽ خانقاهه ۾ مقيم رهيو. خليفي شاهه غلام غوث صاحب قادري نقشبندي مجددي وٽ ڇهه مهينا رهي، فيض حاصل ڪيائين، ۽ کانئس نقشبند به مجدديه سلسلي ۾ اجازت ۽ بيعت حاصل ڪيائين. اتي شاهه حنيف الله چشتي نقشبندي مجددي سان به ملاقات ڪيائين. اتان ٿي مراد آباد ۽ ڪاشي پور جي رستي سان ڀڙائچ آيو، ۽ حضرت سيد مسعود سالار غازيءَ جي مزار جي زيارت ڪيائين، ان کان پوءِ تانسه آيو، جتي حضرت سيد شاهه عبدالرزاق قادري جي مزار جي زيارت ڪيائين، ۽ ان بزرگ جي ڏوهٽي غلام علي کان قادريه رزاقيه سلسلي ۾ خلافت ۽ اجازت حاصل ڪيائين. هٿان ٿي ”رودولي“ آيو، جتي مخدوم عبدالخالق جي دررگاهه ۾ ڪجهه وقت قيام ڪيائين. هن کان پوءِ ”اوڌ“ ۾ آيو، جتي شاهه جمال گوجره جي زيارت ڪيائين. هتان ٿي ٽانڊه جي بزرگن جي اچي زيارت ڪيائين. اتان ٿي، فيض آباد کان ٿيندو، ڪڇوڇه پهتو، جتي سيد اشرف جهانگير جي مزار جي زيارت ڪيائين. اتان ٿي سلون آيو. ۽ ڪريم عطا جي خانقاهه ۾ ڪجهه وقت قيام ڪيائين. اتان مانڪپور پهچي، مخدوم حسام الحق ۽ ٻين بزرگن جون زيارتون ڪيائين. ان کان پوءِ ڪڙهه کان ٿيندو، الهه آباد آيو ۽ شاهه محمد اجل جي خانقاهه ۾ ڪجهه ڏينهن رهيو. ان کان پوءِ راءِ بريلي آيو، جتي شاهه عليم جي خانقاهه ۾ قيام ڪيائين.[2]

لکنو ۾ قيام[سنواريو]

آخر نواب سعادت علي جي زماني ۾ 1214ھ (1799ع) ۾ لکنو ۾ آيو. ٽي ڏينهن شاهه پير محمد قادري جي مزار تي رهي، حضرت مخدوم شاهه مينا جي مسجد ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين، ۽ ست ورهيه اتي رهيو. 7- محرم 1222ھ تي اچي مسجد پندائن ۾ اچي قيام ڪيائين ۽ آخري عمر تائين اتي رهيو. ذوالقعد 1145ھ (1830ع) تي وفات ڪيائين. مسجد جي سامهون کيس مدفون ڪيو ويو، جتي هينئر سندس درگاهه آهي.

مولانا صاحب ڪيترن ئي طالبان حق کي فيض پهچايو. مولانا امير علي لکنوي شهيد به سندس ئي خليفو هو. سندس ٻيو وڏو خليفو هو، شاهه حسين بخش فرخ آبادي. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي سندس فيض مان مستفيض ٿيا. انهن جو تفصيل مولانا صاحب جي سوانح عمري ”انوارالرحمان“ ۾ موجود آهي. هي ڪتاب موجا پويان هي ڪتاب هر پنجين ـــ ڏهين سال کان پوءِ ڇپائي، مفت تقسيم ڪندا آهن.

مولانا صاحب جون ڪجهه تصنيفون ۽ تاليفون به يادگار آهن. وجودي فڪري متعلق ڪتاب ”ڪلمته الحق“ عربي ۾ آهي ۽ نولڪشور وارن ڇپايو هو؛ هينئر ڪمياب آهي. هن ڪتاب جي هڪ حصي جو اردو ترجمون ”وحدت الوجود“ جي نالي سان لاهور مان ”الله والي کي قومي دکان“ وارن ڇپايو هو. هن ترجمي جا ٻه حصا مولوي حافظ غياث الدين جا ۽ هڪ حصو عرفان احمد انصاري جو ترجمو ڪيل آهي، جيڪو مولانا عبدالرحمان جي سلسلي جو مريد هو. هي اردو ترجمو 1339ھ (1920ع) ۾ ٿيو..[2] هي ڪتاب مولانا صاحب 1235ھ ۾ تصنيف ڪيو. منجهس وحدت الوجود جي فڪر کي نهايت وضاحت سان ۽ فلسفيانه نوع ۾ سمجهايو ويو آهي. ابن عربي جي ڪتابن: ”فصوص الحڪم“ ۽ ”فتوحات المڪيه“ کان پوءِ وحدت الوجود بابت هي ڪتاب ئي انهيءَ علمي معيار جو آهي. ڪتاب ۾ ڪلمي جي معنيٰ تي به وڏو بحث آهي، ۽ ڪلمي جي مروج معنيٰ تي سخت تنقيد آهي. انهيءَ ڪري ان وقت جي عالمن ۾ هن ڪتاب تي وڏو چوٻولو پيدا ٿيو. حضرت مولانا عبدالعزيز محدث دهلوي ڪتاب تي تنقيد ڪندي، ڪتاب جي بحث کي غلط ٺهرايو. شيخ عبدالحڪيم لاهوري هڪ رسالي ۾ علامه صاحب جي توحيد واري فڪر جو رد لکيو، شاهه اسماعيل شهيد ابن شيخ عبدالغني دهلوي هنن ٻنهي عالمن جي وچ تي پئي فيصلو ڪيو. ان کان سواءِ مولانا صاحب جون ٻيون تصنيفون ۽ تاليفون به آهن، جهڙو: مفتاح التوحيد، جهدالفضل، سرالانسان وغيره. اهي قلمي حالت ۾ آهن ۽ لکنو ۾ سندس درگاهه تي محفوظ آهن.

مولانا صاحب جيتوڻيڪ وجودي مشرب جو هو، تڏهن به شريعت جي اتباع ۾ ڪوتاهي نه ڪندو هو. فرمائيندو هو: ”من مقتدي فعل رسول الله ﷺ و عمل اّنحضرت ﷺ همين بود“. آخري عمر تائين توحيد وجودي جو غلبو رهيس، پر جڏهن به هوش غالب ايندو هوس ته پنهنجي همعصر مولانا نياز احمد جو هي شعي پڙهندو هو، جيڪو وحدت الشهود جو ترجمان آهي:

شهود حق طلبي از وجودِ خود بگزر
که جز وجود تو اورا حجابِ ديگر نيست.

مولانا عبدالحي پنهنجي ڪتاب نزهته الخواطر (ج7) ۾ سندس متعلق لکيو آهي! ”هي بزرگ عالم ٻين عالمن کان نرالي طبعيت جو ماڻهو هو، مسجد جي صحن ۾ ساز ۽ سرود تي راڳ ٻڌندو هو، عالمن جي سخت منع ڪرڻ جي باوجود وجد ڪندو هو. سيدن ۽ عالمن جي بي انتها عزت ڪندو هو. امام حسين ۽ امام حسن جي نالي تي جيڪي تابوت ٺاهيا ويندا هئا، انهن جي تعظيم جو قائل هو؛ ۽ چوندو هو ته انهن جي اهانت نه ڪئي وڃي، ڇو ته انهن کي حسنن رضي الله عنها جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.“<.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. نزهته الخواطر (ج 7) ۾ علامه عبدالحڪيم کي سندس ڀاءُ ڄاڻايل آهي.
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 2.7 چشتي سلسلو: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  3. شاهه فخرالدين ولد شاهه نظام الدين اورنگ آباد سن 1126ھ (1717ع) ۾ اورنگ آباد ۾ تولد ٿيو. نسبت جي لحاظ کان صديقي هو ۽ سندس لقب صديقي هو. ننڍڻ ۾ ئي پنهنجي والد بزرگوار جي هٿ تي بيعت ڪيائين. سن 1160ھ يا 1165ھ ۾ لڏي اچي دهليءَ ۾ رهيو. شاهه عبدالعزيز محدث دهلوي جو همعصر هو ۽ ان جي وڏي عزت ڪندو هو. سن 1199ھ (1786ع) ۾ وفات ڪيائين.