سھڻي ڍورو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سھڻي ڍورو (انگريزي: Suhni Dhoro ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي سانگھڙ ۾ واقع ھڪ پاڻي جو ڍورو آھي جنھن کي ڀائي خان ڍورو پڻ چوندا آهن. ادريس راجپوت لکيو آهي ته:سوهڻي يا ڀائي خان ڍورو: هي ڍورو شهدادپور شهر جي اُتر ۾ علي بحر برانچ جي ساڄي پاسي کان شروع ٿئي ٿو ۽ شهدادپور شهر جي ساڄي پاسي کان لنگهي ٿو. ٻيراڻي ۽ ٽنڊو آدم کان لنگهي هي هڪ ڳوٺ داسوڙي وٽ بند ٿي وڃي ٿو، تنهن کان پوءِ هي وري ٽنڊو الهيار شهر کان هيٺ ڀائي خان جي نالي سان شروع ٿئي ٿو ۽ نصير برانچ جي ساڄي پاسي کان ٽنڊو غلام علي، راڄو خاناڻي کان ٿيندو ٽنڊي باگي تي وڃي پورو ٿو ٿئي. انهيءَ کي ٽنڊو غلام علي وٽ ايل بي او ڊي برانچ ڊرين ۾ ڇوڙ ڪرائي وري اسپائنل ڊرين ۾ يا ڍورو پراڻ ۾ ڇوڙ ڪرائي سگهجي ٿو. هي ڍورو مٿين حصي ۾ شهدادپور، ٽنڊو آدم ۽ ٽنڊو الهيار واري ايراضين جو پاڻي کڻي سگهي ٿو ۽ هيٺين حصي ۾ ٽنڊو الهيار، چمبڙ، شيخ ڀرڪيو، گلاب لغاري، ماتلي ۽ راڄو خاناڻي تائين جو پاڻي ڪڍي سگهي ٿو[1].

حوالا[سنواريو]

  1. https://sindhsalamat.com/threads/16474/.  Missing or empty |title= (مدد){ ڇا سنڌ ۾ پاڻي جا فطري لنگھ بحال ٿي سگھندا؟ از : ادريس راجپوت}