سڳنڌ ڦريو
ڏيک
سڳند ڦريو (ٻيا نالا: اردو - سڪند ڦلا، مرهٽي - ڦنس، بنگالي - ڪانٺال، انگريزي- انڊين جيڪ ٽري Indian Jack Tree) هڪ وڻ جو ڇهہ ڪنڊو ڦر آهي، جو ٻير جئان ٿئي ٿو. گولاڙي وانگر ٽارين مان نڪرندو آهي. رنگ ۾ هيڊو، ذائقي ۾ کٽو ۽ مزيدار ٿئي ٿو.
طب
[سنواريو | ذريعو سنواريو]مزاج: سرد تر ٻي درجي اندر آهي.
مقدار خوراڪ: ٻہ تولا.
خاصيت: پڪل ڦر طبيعت کي نرم ڪندڙ، غذا جي پورائي وارو ۽ ملين (Laxative) ٿئي ٿو. زياده انداز ۾ کائڻ سان دست آڻيندڙ آهي. ڪچو ڦر قابض ٿئي ٿو، جنهن جو آچار بہ ٺاهيو ويندو آهي، ۽ ساڳ جئان رڌي کائيندا آهن. هن جا ٻج (جن ۾ نشاستو ٿئي ٿو) ڀڃي کاڌا وڃن ٿا. سندس نرم ۽ نازڪ پن محلل هئڻ سبب زخمن ۽ خارش تي گهوٽي ٻڌايا وڃن ٿا. هن جي کير کي سرڪي ۾ ملائي ڳڙن ۽ غدودي سوڄن (Bubos) تي ٻڌايو وڃي تہ سٺو فائدو رسي ٿو.[1]
حوالا
[سنواريو | ذريعو سنواريو]- ↑ ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.