سڳنڌ ڦريو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سڳند ڦريو:

نالا: اردو - سڪند ڦلا، مرهٽي - ڦنس، بنگالي - ڪانٺال، انگريزي- انڊين جيڪ ٽري (Indian Jack Tree). سڃاڻپ: هي هڪ وڻ جو ڇهه ڪنڊو ڦر آهي، جو ٻير جئان ٿئي ٿو. گولاڙي وانگر ٽارين مان نڪرندو آهي. رنگ ۾ هيڊو، ذائقي ۾ کٽو ۽ مزيدار ٿئي ٿو.

طب[سنواريو]

مزاج: سرد تر ٻي درجي اندر آهي. مقدار خوراڪ: ٻه تولا. خاصيت: پڪل ڦر طبيعت کي نرم ڪندڙ، غذا جي پورائي وارو ۽ ملين (Laxative) ٿئي ٿو. زياده انداز ۾ کائڻ سان دست آڻيندڙ آهي. ڪچو ڦر قابض ٿئي ٿو، جنهن جو آچار به ٺاهيو ويندو آهي، ۽ ساڳ جئان رڌي کائيندا آهن. هن جا ٻج (جن ۾ نشاستو ٿئي ٿو) ڀڃي کاڌا وڃن ٿا. سندس نرم ۽ نازڪ پن محلل هئڻ سبب زخمن ۽ خارش تي گهوٽي ٻڌايا وڃن ٿا. هن جي کير کي سرڪي ۾ ملائي ڳڙن ۽ غدودي سوڄن (Bubos) تي ٻڌايو وڃي ته [1] سٺو فائدو رسي ٿو.

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو