سڱابندين جا نالا
سنڌي ٻوليءَ ۾ سڱابندين جا نالا
[سنواريو]سنڌي ٻوليءَ ۾ سڱابندين جا نالا تن جو انگ 72 تائين مليو آھي. جيڪي ھيٺيئن ريت آھن؛
ڪُل 75 نالن مان جن کي ڇڙو عورت ئي استعمال ۾ آڻي سگھي ٿي، اھي 13 آھن جن ۾: ڏيرُ، ڏيرياڻي، ڏيروٽُ، ڏيروٽِ، ڏيروٽِياڻي، ڏيروٽِياڻو، نِڻانَ، نِيڻوٽُ، نيڻوٽِياڻِي، نيڻوٽِ، نيڻوٽِياڻو، سوڪڻ ۽ مڙس. جڏھن تہ جن کي مرد پڪاري سي ڪل 4 آھن جيئن: سالو، سالِي، سنڍُو ۽ زال.
ٻوليءَ جي گهڙت ۽ ڪارج آڌار تي سڱابندين جي نالن جي هيءَ فھرست آھي؛ تڙڏاڏو، تڙڏاڏِي، پڙڏاڏو، پڙڏاڏِي، ڏاڏو، ڏاڏِي، تڙنانو، تڙنانِي، پڙنانو، پڙنانِي، نانو، نانِي، پِيءُ، ماءُ، چاچو، چاچِي، سئوٽُ، سئوٽِ، مامو، مامِي، ماروٽُ، ماروٽِ، ماسِي، ماسڙ، ماساتُ، ماساتِ، پُڦِي، پُڦڙُ، پڦاٽُ، پڦاٽِ، ڀاءُ، ڀيڻ، ڀيڻيويو، ڀاڄائي، ڀائٽيو، ڀائٽيي، ڀاڻيجو، ڀاڻيجي، پُٽُ، ڌِيءُ، نُنھُن، نِياڻو، سالو، سالِي، ڏيرُ، ڏيرياڻي، ڏيروٽُ، ڏيروٽِ، ڏيروٽياڻي، ڏيروٽياڻو، نِڻانَ، نِيڻوٽُ، نيڻوٽِياڻِي، نيڻوٽِ، نيڻوٽِياڻو، سَسُ، سَھرو، پوٽو، پوٽِي، پڙپوٽو، پڙپوٽِي، تڙپوٽو، تڙپوٽِي، ڏوھٽو، ڏوھٽِي، پڙڏوھٽو، پڙڏوھٽِي، تڙڏوھٽو، تڙڏوھٽِي، سوڪڻِ، سنڍُو، زال، مڙس، سنٻنڌي، سنٻنڌياڻِي، ادو، ادي، ڀاءُ، ڀيڻ، ڀائر، ڀينرو، اڳ ڄائو، اڳ ڄائي، ڌيڻس ماڻس ، جوءِ، جيجل، آيل، بوئا (ڦُڦِي)، ڀيڻيويو، پھاڄ (سوڪڻ) ۽ مائتي پيئتي وغيره.
مٿين نالن ۾ گهڻ معنائين (Hypernyms) کي شامل ناھي ڪيو ويو، جيئن پيڪا، ميڪا، ساھرا، سيڻ وغيرہ پر جيڪڏھن اھي شامل نه آھن. ٻي ڳالھ ھن لسٽ ۾ مختلف پرڳڻن ۾ سڏجندڙ ٻيا نالا جيڪي ھڪ ئي سڱ جا ھجن، جيئن نياڻو يا ناٺي، سوڪڻ يا پھاڄ يا وري ساھيڙي وغيرہ پڻ شامل ناھن. جيئن؛ ساھرا يا سيڻ. سيڻ ٻول گڏيل معنا وارو لفظ آھي، جيئن ”ديسي سيڻَ ڪجن پرديسي ڪھڙا پرين“ وغيرہ. </ref>سنڌي لينگويج اَٿارٽي<ref>