سڪنجبين
سڪنجبين (نالا: ع. رب، ف. خشاب، هه. سڪنجبين، اوليومالي ۽ فنملن.) هي شربت کنڊ سان سرڪو يا ليمي جو پاڻي ملائي قوام ڪري ٺاهيندا آهن
طب[سنواريو]
- اثر: سرد خشڪ 2، نقصان: ڦڦڙن ۽ گرم مزاج کي، ميل: چوعرق، عيوض: ليمن جو پاڻي، وزن: ٻه تولا.
خاصيت: صفرا جي جوش، صفراوي تپن، گهڻي اُڃ ۽ جگر جي گرميءَ کي گهٽائي ٿو. وات جي خشڪي ڀڃي ٿو. يرقان، ٻرهل، اُلٽين ۽ دستن کي روڪي ٿو. کاڌو هضم ڪري، معدي کي تقويت ڏئي ۽ گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿو.[1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: ۲۰۰۷ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.