سک چين (ٻوٽو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سک چَين (نالا: ھندي. سک چين، بنگالي. ڪرمج، مرهٽي. ڪرنجلا، سنسڪرت. ڪرنجا، اردو. ڪرمالہ، انگريزي Indian Beeca) هڪڙو لسن پنن وارو وڻ آهي، جنهن جا گل وڏا ۽ ڦڪي رنگ جا ٿين ٿا. ٻج ڦرين ۾ ٿيندو اٿس. تمام سهڻو وڻ ٿو ٿئي ۽ ڪونڪن ۾ عام آهي. چين ۽ آسٽريليا ۾ به ٿيندو آهي. ٻج مان تيل ڪڍندا اٿس. هندستانيءَ ۾ سک چين کي ڪارنج به چوندا آهن. انگريزي نالو پانگيميا اٿس.[1] هڪڙي قسم جو ننڍو وڻ آهي، جو نيرن گلن سان خوبصورت ٿئي ٿو. هن جا پن به سرها ٿين ٿا. هن جي ٽاري ڏندڻ جي لاءِ نهايت موزون ۽ ڪارآمد ٿئي ٿي. دهلي، پنجاب، ڏکڻ هندستان، لنڪا جي باغن ۽ سڙڪن جي ڪنڌيءَ تي ٿئي ٿو.

طب[سنواريو]

هن جي گلن مان 25 فيصد گهاٽو، هيڊي رنگ تي ڪوڙو تيل نڪري ٿو، جو ٻارڻ جو ڪم ڏيندو آهي. دوا طور کل جي بيمارين (خارش وغيره) لاءِ ڪارآمد ٿئي ٿو. هن جا گونچ گهوٽي، موڪن تي پني ڪري ٻڌايا ويندا ته آرام ايندو. هن جا گل ذيابطيس جي بيماريءَ لاءِ استعمال ڪرايا وڃن ٿا. پن پاڻي ۾ ٽهڪائي ان مان گٺيا (Gout گائوٽ) وارن کي وهنجارجي تہ فائدو پاڻيءَ ٿئي ٿو.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
  2. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.