سچائيءَ جو انعام
هڪ ناليوارو چور هڪ ڏينهن ڪنهن درويش وٽ ويو ۽ هٿ جوڙي چوڻ لڳس ته” سائين مان وڏو گنهگار آهيان. اوهين مون کي دعا ڪيو ته خدا منهنجا ڏوهه بخشي.“ درويش چيس ” اي مورک، جيسين تون پنهنجون برايون نه ڇڏيندين، تيسين ڇوٽڪاري جي اميد رکڻ اجائي اٿيئي. اڄ کان ئي پنهنجي خراب ڪمن کان توبهه ڪر ۽ سنئين رستي تي اچ ته ڌڻي توتي مهربان ٿيندو.“
چور جواب ڏنس:” سائين، چوري ڇڏڻ مون کان ڪين پڄندي. اها عادت هاڻي پڪي ٿي چڪي آهي. باقي ٻيو ڪو ڪم چئو ته ڪريان.“ درويش چيس:”ڀلا ايترو ڪر ته اڄ کان پوءِ ڪوڙ ڪڏهن به نه ڳالهائي.“
چور اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ ڪوڙ کان توبهه ڪيائين.
ٻئي ڏينهن چور ارادو ڪيو ته اڄ اڌ رات جو شاهي محل مان چوري ڪجي. جڏهن ٻه پهر رات جا گذريا، تڏهن سهي سنڀري نڪتو. اتفاق سان بادشاهه چمڙا پوش ڪري شهر جو سماءَ لهڻ نڪتو هو. چور کي ڏسي چيائينس:” ميان ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“
چور، جنهن سدائين سچ ڳالهائڻ جو اقرار ڪيو هو. جهٽ پٽ جواب ڏنو،”شاهي محل ۾ چوري ڪرڻ ٿو وڃان.“
بدليل ويس ۾ بادشاهه چيس: ”مان به چور آهيان. مون کي پاڻ سان وٺي هل.“
چور هاڪار ۽ ٻيئي گڏجي هليا. جنهن وقت بادشاهه ۽ چور شاهي محل جي دروازي وٽ پهتا، تنهن وقت بادشاهه چيس:”ميان تون اندر وڃ، مان ٻاهر ٿو بيهي سارسنڀال لهان ته ڪو لشڪري ته ڪونه ٿو اچي.“ چور اها رٿ پسند ڪئي ۽ پاڻ هڪ دروازي جو ڪڙو ڀڃي اندر گهڙيو. هڪ ڪمري ۾ وڃي ڏسي ته ٽي هيرا رکيا آهن. دل ۾ خيال ڪيائين ته هيرا آهن ٽي ۽ اسين ڀائيوار ٻه. ايمانداري انهيءَ ۾ آهي ته ٻنهي جا حصا هڪ جيترا هجن. انڪري اسين هڪ هڪ ورهائي ٻه هيرا ته کڻداسون، باقي ٽيون ڪيئن ورهائينداسون، انڪري بهتر آهي ته ٽيون اتي ئي پيو رهي ۽ ٻه هيرا کڻان.“ اهو فيصلو ڪري ٻه هيرا کيسي ۾ وجهي ٻاهر آيو ۽ هڪ هيرو پنهنجي ساٿيءَ کي ڏنائين ۽ ٻيو پاڻ رکيائين. بادشاهه کي ته محل جي سڄي ڄاڻ هئي. پڇيائينس،”ميان، فقط ٻه هيرا هٿ آيئي؟“
چور جواب ڏنو:” هيرا هئا ته ٽي، پر خيال ڪيم ته ٽيون ورهائبو وري ڪيئن؟ سو ميز تي ئي ڇڏي آيس.“
رستي ۾ بادشاهه چور کان موڪلائي موٽيو ۽ سڌو پنهنجي محلات ڏانهن وريو. بادشاهه کي چور تي شڪ ٿي پيو هو، انڪري هن پاڻ اندر وڃي ڏٺو ته برابر ٽيون هيرو ميز تي رکيو آهي. چور جي ايمانداريءَ تي خوش ٿيو ۽ دل ئي دل ۾ سندس ساراهه ڪرڻ لڳو.
پوءِ بادشاهه ٻاهر وڃي، وزير کي سڏي ڀڳل دروازو ڏيکاري چيو: ”منهنجا وفادار وزير! ڏس، اڄ ڪنهن چور دروازو ڀڳو آهي ۽ اندران ڪجهه نه ڪجهه چوري ڪري ويو آهي. تون اندر وڃي ڏس ته ڪو نقصان ته ڪونه ٿيو آهي. وزير اندر ويو ۽ هڪ هيرو ميز تي پيل ڏسي، اندرئين کيسي ۾ وجهي، ٻاهر اچي منهن ڦلڙو ڪري بادشاهه کي چيائين: ”سائين! ميز وارا ٽي هيرا چور کڻي ويو!“ اهو ٻڌي بادشآهه کي ڏاڍو ڏک ٿيو. هيري وڃڻ جو ڏک ڪونه ٿيس، پر ارمان اهو ٿيس ته منهنجي وزير کان چور به وڌيڪ ايماندار آهي. وڌيڪ ڪي ڪين ڪڇيائين، وزير کي موڪل ڏنائين، پر صبح ٿيندي ئي وزير کي وزارت ڪڍي، راتوڪي چور کي وزير مقرر ڪيائين. چور پوءِ چوري ڪرڻ کان ڇٽو ۽ چورن جي پاڙ به پٽي ڪڍيائين. [1] [2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ سچائيءَ جو انعام | Indus Asia Online Blog, وقت 2021-10-16 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-12-17
- ↑ ڪتاب”اخلاق سبق“ ڀاڱو پهريون، ڇپيل سال 1940ع، تان ورتل