سِوِل نافرماني

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

سِوِل نافرماني يا سِول ڊس اوبيڊينِس (انگريزي ٻولي: Civil Disobedience) ڪنهن به جاکوڙ دوران انفرادي يا اجتماعي سطح تي، شعوري طور قانون جي ڀڃڪڙي يا لتاڙ جو عمل، جيڪو اهنسا وارن طريقن جي استعمال سان ڪنهن به تڪرار کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. هي لفظ پهريون ڀيرو نامياري مُفڪر ”هنري ڊيوڊ ٿوريو“ 1849ع ۾ ڏنل هڪ ليڪچر ۾ بيان ڪيو هو، جيڪو حُڪومتي ضابطن خلاف شهري احتجاج جي منظرڪشيءَ لاءِ ڪتب آندو ويو. ”ٿُوريو“ جي خيال موجب، بين الاقوامي سطح تي ٿيندڙ ”غير اخلاقي قانون سازيءَ“ خلاف جاکوڙڻ ضمير سان سچائيءَ جو هڪ اعليٰ اظهار آهي. چيو وڃي ٿو ته ”ٿوريو“ جو هيءُ تصور اصل ۾ برطانيا جي ناليواري فيلسوف ۽ عالم گرين ول شارپ (Granville Sharp) طرفان 1770ع ۾ آمريڪي آزاديءَ واري جدوجهد دوران، برطانوي فوجي ڪاهه جي مُخالفت ۾ احتجاج طور پنهنجي جنگي عُهدي تان استعيفا ڏيڻ واري عمل کان مُتاثر ٿيندي وجود ۾ آيو. ان کان سواءِ 1947ع ۾ هندوستان جي آزاديءَ واري تحريڪ ۽ 1949ع ۾ ”آفريڪي نيشنل ڪانگريس“ طرفان ڏکڻ آفريڪا ۾ اختيار ڪيل پر امن سياسي، حڪمت عملي، ”سول نافرمانيءَ“ واري تصور جي بهتر عڪاسي ڪري سگهن ٿا. هن طريقيڪار ۾ پرامن جلسا، جُلوس، هڙتالون، حُڪومتي قانون جي ڄاڻي واڻي اورانگهه ، ڌرڻا، دستخطي مهمون، عدم سهڪار ۽ بائيڪاٽ سميت ٻيا قدم شامل آهن، جيڪي ڪنهن به اختياريءَ کي امن ڀريي دٻاءَ جي نتيجي ۾ عوامي مطالبن آڏو ڪنڌ نوائڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا. ”شهري نافرماني“ قانون جي لتاڙ جي وڪالت نٿي ڪري، پر اها سرگرمي متڀيد تي بيٺل قانونن جي خاتمي، ۽ غير قانوني قدمن جي روڪ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. [1]

شهري نافرماني (Civil dis-obedience) هڪ احتجاجي حڪمت عملي آهي، جنهن کي ننڍي کنڊ (برصغير) ۾ برطانوي حڪومت خلاف تحريڪ دوران گانڌيءَ کي مشهوري ڏني. ان نظريئي مطابق، آبادي ملڪي قانون جو احترام ڪندي يا احتجاج ڪري. اهو اَهنسا جي بنياد تي ڪيو ويندو آهي. 1950ع جي ڏهاڪي ۾ برطانيا ۾ ايٽمي هٿيارن جي نيتين خلاف هي تحريڪ پڻ هلائي وئي هئي [2]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
  2. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد