سَنڌَ
جيڪڏهن اسان جا سڀ هڏا پاڻ ۾ سڌا سنوان ڳنڍيل هجن ها ته، اسين ڪنهن به نموني جي ڪا به چرپر ڪري نه سگهون ها پر ائين ناهي. قدرت انهيءَ لاءِ وچ ۾ سَنڌَ (Joints) رکيا آهن، جيڪي هڏن کي پاڻ ۾ ملائين ٿا ۽ اڳتي پوئتي ٿيندا رهندا آهن. جيڪڏهن اسان جي جسمن ۾ اهي سنڌ نه هجن ها ته، اسان لاءِ اهڙيءَ طرح ڀرپور زندگي گذارڻ ممڪن نه هجي ها. سَنڌ، هڏن جي گاٺ کي گهٽائڻ سان گڏوگڏ هڪ ٻئي مٿان ترڪڻ جي قابل بنائين ٿا. هڏن جي انهن حصن جي وچ ۾ جيڪي هڪ ٻئي سان ڳاٺ کائن ٿا. قدرت هڪ سڻڀو ليسدار مادو رکيو آهي، ان کي ڪچڙي هڏي چئبو آهي. ان کانسواءِ ڪچي آني جي اڇاڻ جهڙي هڪ اڇي گهاٽي پاڻياٺ به انهن سَنڌَن کي ملندي رهندي آهي، جيڪا انهن کي سڻڀو رکندي آهي، ان کي سِنوئيل فلوئيڊ جو نالو ڏنو ويو آهي، اهو سڻڀ گاٺ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مشيني تيل وارو ڪم ڪري ٿو، جڏهن سَنڌَ سڪون واري حالت ۾ هوندا آهن ته، اها گهاٽي پاڻياٺ گهٽ خارج ٿيندي آهي پر چرپر ڪرڻ دوران اها گهڻي مقدار ۾ پهچڻ لڳندي آهي ۽ سَنڌَن کي ضرورت مطابق سڻڀو رکندي آهي، انسان جي جسم ۾ چئن قسمن جا سنڌ ٿين ٿا.
گولي ۽ پيالي وارو سَنڌُ: هن قسم جي سنڌ ۾ هڪ هڏي جو ڇيڙو گول هوندو آهي، جيڪو ٻئي هڏي جي اهڙي گول پيالي ۾ ويٺل هوندو آهي ۽ چئن گول ڇيڙِ وارو هڏو هر پاسي حرڪت ڪري سگهي ٿو. ان جو مثال گول ڪلهي جو سنڌ آهي، اسين پنهنجي ٻانهن کي هر پاسي گهمائي ۽ ڦيرائي سگهون ٿا. هن سنڌ جو ٻيو مثال ٻنڌڻ وارو سنڌ آهي، جيڪو جسم ۾ موجود گولي ۽ پيالي وارن سنڌن ۾ سڀ کان وڏو آهي، پر جيئن ته ان کي وڌيڪ ٽائيٽ ڪري ڦٽ ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري هيڏانهن هوڏانهن گهڻي چرپر نه ٿو ڪري سگهي.
نيم بيضوي سَنڌُ: هن قسم جا سَنڌَ، آني جي شڪل جهڙي هڏي ۽ هڪ بيضوي سنڌ ۾ جُڙيل هوندي آهي مثال طور، ڪرائي جو سنڌ. هن وسيلي اسين پنهنجي چنبي کي نيم دائري واري چرپر ڏئي سگهون ٿا پر ان کي هڪ مڪمل دائري جي شڪل ۾ به گهمائي سگهون ٿا. سنڌن جي هن قسم ۾ ٿورڙي تبديلي سان ”ڪاٺيءَ جوڙ“ ٻڻجي پوي ٿو، جنهن ۾ هڏيون فقط ٻن طرفن ۾ چرپر ڪري سگهن ٿيون، جهڙيءَ طرح بيل گاڏيءَ جي ڳن تي ويٺل سوار صرف ٻن طرفن پاسي حرڪت ڪري سگهي ٿو.هن سَنڌَ جو مثال ڪرنگهي جي هڏي آهي.
قبصي دار سَنڌُ: اهي سوئڙي جي قبضي وانگر ڪم ڪندا آهن. گوڏن جا سَنڌ هن جو مثال آهن. يعني پني ۽ سٿر کي اسان هن جي مدد سان پنهنجي ڄنگهه جي ڪنهن هڪ حصي کي پوئتي جهڪائي سگهون ٿا، پر اڳئين پاسي ساڄي ۽ کاٻي پاسي نه ٿا جهڪائي سگهون، آڱرين جي وچ وارا سنڌ به هن قسم سان تعلق رکن ٿا.
ڦرڻا سَنڌَ: هي سَنڌَ هڏن کي گولائي ۾ ڦيرڻ جي قابل بڻائيندا آهن. هن قسم جو سَنڌ اسان جي کوپڙي جي هيٺيان موجود هوندو آهي. جيڪو مٿي کي پوئين پاسي موڙي ڏسڻ جي قابل بنائيندو آهي. هن قسم جا سنڌ اسان جا ٻانهن جي وڻيءَ ۾ به موجود هوندا آهن، جيڪي اسان کي ڪرف ۾ ڪُنجيءَ گهمائڻ جي قابل بڻائيندا آهن.
ان کان سواءِ چرپر ڪرڻ ۽ چرپر نه ڪري سگهڻ جي صلاحيت جي لحاظ کان سنڌن کي مجموعي طور تي ٻن قسمن ۾ ورهايو وڃي ٿو، جتي هڏا ملي حرڪت ڪري سگهن ٿا. انهن کي متحرڪ سنڌ چئبو آهي، جڏهن ته حرڪت ڪري نه سگهندڙ سنڌن کي غير متحرڪ سنڌ چئبو آهي. [1] [2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Sindhi Adabi Board Online Library (Science_n_Tech)
- ↑ ڪتاب: ٻالڪ سائنسي انسائيڪلو پيڊيا