سينگار شاعري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سينگار شاعري

لوڪ شاعريءَ جي لطيف ۽ روماني صنف آهي، ”سينگار“ سنسڪرت زبان جو ”شرنگار“ لفظ مان ورتل آهي. سينگار بيتن جو مضمون عورت جي سورهن سينگارن، ڳهن، ڳٺن ۽ سونهن وغيره جي واکاڻ هجي. سينگار شاعريءَ کي سگهڙن ٻن حصن ۾ ورهايو آهي: (1) صفاتي سينگار (2) مجازي سينگار . هن شاعري ۾ عورت جي سينگار جي تعريف ڪئي ويندي آهي. ان سلسلي ۾ اهي سڀ سينگار، جيڪي عورت ڪندي يا انهن جو ذڪر شاعري ۾ ڪيو ويندو آهي. ان قسم جي سورهن سينگارن جو بيان ڪيو ويندو آهي. انهن سينگار جي بيتن ۾ اهي واسينگ وار، ڳل، ڀرون، بادامي ۽ پيڪاني اکيون، روشن پيشاني، اَمونڪ، لعل لب، سروقد، چابڪ چيلهه جي ڪبڪ رفتاري، ٻانهن جي لوڏ، رنگت ۽ خوش پوشاڪيءَ جو ذڪر سمايل رهي ٿو. [1].

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي