سينسرشپ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سينسرشپ (Censorship) جو مطلب خبرن ۾ ڇپجندڙ مواد ۽ فلمن وغيره جي اشاعت يا رليز ٿيڻ کان اڳ چڪاس ڪري اخلاقي، فني ۽ ملڪي پاليسيءَ جي مدنظر سڄي مواد يا ان جي ڪن حصن کي پرکي، اشاعت يا رليز ڪرڻ کان روڪڻ آهي. ان سان گڏ ان مان اھا مراد پڻ آھي تہ اهڙو معاشرتي نظم ۽ ضبط جنهن ۾ اخلاقي قدر، ملڪي سالميت، مذهبي پابنديون، قومي تشحص ۽ ديني قدرن جي تحفظ جي لاءِ اديبن ۽ ليکڪن تي حڪومت طرفان مقرر ڪيل حدون لاڳو ڪيون وڃن.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.