سيمرغ
ڏيک
سیمرغ فارسي ڏند ڪٿائن ۽ ادب ۾ هڪ مهربان پکي آهي. ان ۾ مختلف اصلن جي ڏند ڪٿائن واري پکين، جهڙوڪ ققنوس ۽ هما سان ڪجهه مشابهت آهي. هي شڪل ايراني فن ۽ ادب جي سڀني دورن ۾ ملي سگهي ٿي ۽ جارجيا، وچولي دور جي آرمينيا، مشرقي رومي سلطنت ۽ ٻين علائقن جي نقش نگاري ۾ پڻ واضح آهي. جيڪا، فارسي ثقافتي اثر جي دائري ۾ هئا.
طب
[سنواريو]خاصيت
اڪثر بادشاھ اهي پکي هٿ ڪندا آهن، جو هن جي کوپڙيءَ مان زهر جي آزمائش لاءِ پيالو جوڙيندا آهن، جا آزمائش هن طرح آهي تہ زهر گڏيل طعام هن کوپڙيءَ ۾ وجهي رکبو تہ پگهري پاڻي ٿي ويندو. هن جو هڏو مرگهي ۽ جذام لاءِ مفيد آهي.[1]
سيمرغ (عربي: خشر، فارسي: رخ، ھندي/اردو وغيرہ: سيمرغ ۽ خاتون) پکي وڏي گينڊي جي شڪل تي ايران، چين ۽ روم ملڪن ۾ ٿيندو آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: فرھنگ جعفري، ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
ٻاهرين لنڪس
[سنواريو]
وڪيميڊيا العام تي سيمرغ بابت زمرا