سيلرا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيلرا(انگريزي: Seelra) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ھڪ ذات يا قبيلي جو نالو آھي. ھن ذات جا ماڻهو سنڌي ڳالهائيندڙ آهن ۽ ھن وقت انھن جو وڏو تعداد شھدادڪوٽ ۾ رھندڙ آھي جتي جي ريلوي اسٽيشن جو سرڪاري نالو سيلرا-شھدادڪوٽ ريلوي اسٽيشن آھي. شھدادڪوٽ جي ويٺل سيلرن مان ھڪ محقق شير خان سيلرو جي تحقيق مان سڌ ملي ٿي ته سيلرا قبيلي جو تعلق سنڌ سان آھي، جنھن جون پاڙون موھن جي دڙي تائين ڳنڍيل نظر اچن ٿيون. سيلرا قبيلو ابڙن جي شاخ آھي، جيڪي 16 صدي ۾ سيلرا سڏجڻ لڳا، تڏھن سيلرو به ابڙو سڏيو ويندو ھو. سيلرو، ابڙن جو ھڪ ڏاھو مڙس ٿي گذريو آھي، جنھن جي نالي پٺيان سيلرا سڏيا وڃن ٿا. سيلري جو مطلب آھي، سيلوارو معنا عقل وارو يا سمجھ وارو. سيل جو مطلب آھي عقل سمجھ ڏاھپ. وڏا سيلرا کي آباد ڪرڻ کان اڳ سيلرا ڪڇي موجوده بلوچستان واري علائقي ۾ آباد ھئا. جتي ابڙن جي هڪ پاڙي طور سڃاتا ويندا ھئا. ان وقت ابڙن جي سرداري منگراڻي پاڙي وٽ ھئي. ان جو ذڪر بلوچستان جي گزيٽيئر ۾ به ملي ٿو. سمن جي صاحبي دوران ابڙا قبيلي کي ان لڪ تي مقرر ڪيو ويو ھو، ڇو ته ان رستي تان ئي سنڌ تي پٺاڻ حملا ڪندا ھئا جن کي روڪڻ لاء ھڪ بھادر ء جنگجو قبيلي کي مقرر ڪيو ويو ھو. ياد رھي ته ھن قبيلي جو به تعلق ابڙن سان ھو، جن سومرن جون سامون جھليون ھيون ۽ پوء پاڻ به علاوالدين جي لشڪر سان وڙھندي شھيد ٿي ويا ھئا. ڄام ابڙي کي ٻه پٽ ھئا. ممٽراءِ (ممٽ راءِ) جيڪو شھيد ٿي ويو. ٻيو ڏونگر راء جيڪو بچيو ۽ ان مان ابڙا نسل وڌيو. تنھن نُک مان سيلرا به آھن. ابڙا مٿي وڃي جاڙيجن سان ملن ٿا. جاڙيجا سمن سان ملن ٿا، سما به ڄام ھئا، جيڪي جاٽ قبيلي سان ڳنڍجن ٿا، جاٽ جو تعلق موھن جي دڙي جي دراوڙ (ڌنار) سان آھي. مطلب سيلرا قبيلو به موھن جي دڙي جي تھذيب سان سلھاڙيل آھي.[1]


حوالا[سنواريو]

  1. محقق شير خان سيلرو