مواد ڏانھن هلو

سيد محمد عالم شاھ "عالم"

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيد محمد عالم شاھ ”عالم“(انگريزي: Syed Alam Shah Alam) ٽکڙ جي شھر ۾ 30 جمادي الاول 1306ھھ ۾ ڄائو. مرحوم علامھ اسدالله شاھ ”فدا“ ۽ سيد محمد حافظ شاھ سندس چاچا ھئا. ھي ننڍپڻ کان وٺي نھايت ذھين ۽ سليم طبع ھو. سندس تعليم جي ابتدا ديني مڪتب ۾ ٿي. ان زماني ۾ ٽکڙ علم ۽ ادب جو مرڪز ھو ۽ حافظ محمد يوسف جي”مڪتب“ جي شھرت وڏن وڏن علم دوست ماڻھن کي ڇڪي آڻيندي ھئي. آخر سندس عزيزن کيس سنڌ مدرسي ۾ داخل ڪرايو، جتي ميٽرڪ تائين تعليم ورتائين، ۽ ان کان پوءِ مرحوم نور محمد وڪيل ۽ مسٽر دين محمد عليگ جي صلاح تي علي ڳڙھھ ويو. پر ڪن گھرو معاملن ڪري اعليٰ تعليم حاصل ڪري نہ سگھيو ۽ ڳوٺ موٽي آيو ۽ اچي شادي ڪيائين.مالانا گرامي مطابق شعرو شاعري جو شوق ”فدا“ جي صحبت مان پيدا ٿيس. سندس ڪلام جو زيادہ ذخيرو ”ڪافين“جي صورت ۾ آھي. سندس ڪافيون نھايت پرسوز، وقت انگيز ۽ روحانيت سان ڀريل آھن. ھي محفل جو مور، گفتگو جو سھڻو، معلومات سندس وسيع، سياست، مذھب، علم ۽ ادب تي رھاڻ ڏاڍي رس ڀري ڪندو ھو. سندس ڪافي ڪلام موجود آھي، جو شايع ٿيڻ جھڙو آھي.[1]

وفات

[سنواريو]

سيد محمد عالم 28 مئي 1955 م وفات ڪري ويو.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 ص، 36}
  2. {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995, ص 36 }