سيد حاجن شاهه بخاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيد حاجن شاهه بخاري، سنڌ جو صوفي بزرگ ۽ شاعر رهيو آهي. سندس والد جو نالو رحيم شاهه بخاري آهي. پاڻ 1835ع ڌاري ڊکڻ شهر لڳ هڪ ننڍڙي ڳوٺ لونگاڻي شريف تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾جنم ورتو.

خاندان[سنواريو]

هن جا وڏا عربستان کان هجرت ڪري پنجاب جي ڳوٺ ”اچ شريف“ ۾ اچي آباد ٿيا، جتان سندن خاندان جو هڪ فرد سيد گل شاهه پهرين هنڱورجا، ضلعي خيرپور ميرس ۽ بعد ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي حمزاڻي ڳوٺ ۾ اچي رهيو. ڪجهه عرصي بعد لڏي اچي ڳوٺ لونگاڻي شريف کي پنهن جو مسڪن بڻايائين ۽ ان ئي ڳوٺ جو نالو پنهنجي پياري عقيدتمند لونگ فقير جوڻيجي جي نالي پٺيان ’لونگاڻي‘ رکيو هئائين.

طريقت[سنواريو]

حاجن شاهه بخاريءَ جي طريقت جو سلسلو مخدوم خواجه عبدالحئي نقشبندي بن پير شهاب الدين پير ڌڻيءَ سان ملي ٿو. هيءُ نقشبندي طريقي جي شيخ عبدالاحد فاروقي بلقب امام رباني مجدد الف ثاني سرهنديءَ جي پنجين پيڙهيءَ مان هو. هنن صوفين جي نوشهري فيروز واري خانقاهه، سنڌ جي چئن وڏين خانقاهن مان هڪ آهي. هي صوفي بزرگ پنهنجي وقت جو باڪمال شاعر به ٿي گذريو آهي. هن کي هڪ پٽ ٿيو، جيڪو ننڍپڻ ۾ وفات ڪري ويو.

وفات[سنواريو]

هن صوفي بزرگ 27 ربيع الاول 1326ھ مطابق 30 اپريل 1908ع ۾ وفات ڪئي.

ساليانو عرس[سنواريو]

لونگاڻي شريف ۾ سندس مزار تي عاليشان مقبرو جوڙيل آهي. هن بزرگ جو عرس هر سال ربيع الاول جي مهيني جي 25، 26 ۽ 27 تاريخ تي ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ پري پري جا گيڙوءَ رتا فقير ۽ ويراڳي شامل ٿيندا آهن. ان موقعي تي مشاعرو ۽ راڳ رنگ به ٿئي ٿو.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012