سيتا ڦل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سيتا ڦل
Annona reticulata Blanco1.197-cropped.jpg
سيتا ڦل يا شريفو
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Annonaceae
Genus: Annona
جنس: Template:Taxonomy/اينونا{. ريٽيڪولاٽا
حياتياتي نالو
اينونا ريٽيڪولاٽا
ڪارل لينيوئس
Range of Annona reticulata-Native.svg
سيتا ڦل جو پيداواري علائقو

'سيتا ڦل: (انگريزي: Custard Apple) جنھن کي عربي ۾ شريفه چوندا آهن. هي هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ عام آهي، هي گرم ملڪ جو ميوو آهي. ڪي ته چون ٿا ته اصل اميريڪا جو آهي. بنگال ۾ تمام گهڻو ٿيندو آهي ۽ مئي جي وچ ڌاري گل ڪندو آهي. ميوو قد ۽ تمام وڏي ولايتي صوف جيڏو ٿيندو آهي، ۽ جڏهن پچي ويندو آهي، تڏهن هٿ لائڻ يا کڻڻ سان سندس کل جا ڇلر، اندرئين ساسمل سميت ڦاٽي پوندا آهن. پڪي کان پوءِ پاڻهي پنهنجي بار ڪري، ڪِري ٽڪر ٽڪر ٿي پوندو آهي. اندرئين ڳر تمام لذيذ ۽ خوشبودار ٿيندي اٿس. هي ميوو سانوڻ ۽ سياري ۾ ملي سگهندو آهي. هن ميوي کي پکي ۽ نوريئڙا اڪثر نقصان پهچائيندا آهن، تنهن ڪري ان تي ڄاري وجهي ڇڏيندا آهن. يا ته هر هڪ ميووي تي ننڍي ئي هوندي اڳڙي وجهي ڇڏيندا آهن. ڪي ته وري پچڻ کان اڳي ئي ڇني ڪکن ۾ پال وجهي رکندا آهن. هي وڻ ٽڪرائتي گرم ۽ خشڪ هنڌن تي گهڻو ٿيندو آهي، بعضي ته پاڻهئي به پيدا ٿيندو آهي، جهنگلي وڻن وانگي. ڪانپور ۾ ۽ ان جي آسپاس تمام عمد ميوو پيدا ٿيندو آهي.[1] وڻ ٻج مان پيدا ٿيندا آهن، ۽ تمام جلد اُڀرن ۽ وڌن ٿا. ٻن ٽن ورهين ۾ ڦر جهلين ٿا. سياري جي ڏينهن ۾، وڻ جي پاڙن ۾ چُن يا پراڻي گچ ۽ گائي ڀاڻ وجهڻ ڪري، ان کي گهڻو فائدو ٿو رسي. آڪٽوبر واري مهيني ۾ هن جي ڇانگ ڪرڻ گهرجي، ۽ ڊسمبر ۾ سندس پاڙن ۾ ڀاڻ وجهجي. وڻ ڏهن ڏهن فوٽن تي کڏن ۾ رکڻ گهرجن، جي کڏون ٻه فوٽ اونهيو هئڻ کپن، ۽ منجهن ڀاڻ گڏيل مٽي وجهڻ گهرجي. هڪ هڪ کڏ ۾ تازا ٻج گهڻا وجهي ڇڏجن. کڏن جي وچ واريءَ وٿيءَ ۾ بٽاٽا يا ٻي مناسب پوک پوکي سگهجي ٿي.[2]

طب[سنواريو]

سيتا ڦل کي فارسي ۾ سيفل، هندي ۽ سنڌي ۾ سيتاڦل ۽ ڪوڪنج چوندا آهن. ان جو طبي اثر گرم تر ھوندو آھي ۽ دير هضم ھوندو آهي. ان کي مٺاڻ جي ڪري مصري سان تشبيهه ڏيندا آهن. هيءُ ميوو سنڌي ڏاڙهونءَ جيڏو ٿئي ٿو. هن جي کل سائي ٿئي ٿي، جنهن تي مڻڪن وانگر داڻا داڻا هوندا آهن. طبي خاصيت مطابق طبيعت کي نرم ڪري ٿو، مني ۽ قوت باهه پيدا ڪري ٿو، معدي ۽ دل کي طاقت ڏئي ٿو، معدي جي ڪيڙن کي ماري ۽ بلغم پيدا ڪري ٿو. خفقان ۽ ماليخوليا لاءِ مفيد آهي...[3]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  3. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو