سوٻٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سوٻٽ: ڪيترن ئي قسمن جا ڪينئان آهن، جي گلن توڙي ميون جي وڻن کي نقصان رسائين ٿا. ڪي ڪي ته اهڙا آهن، جو پهريائين زمين ۾ پاڙن منجهه لڪيو ويهو رهن؛ پوءِ جڏهن وڻ اڀرڻ ۽ زور ڀرڻ لڳي ٿو، تڏهن اهي ڪينئان به وڌي ظاهر ٿين ٿا. انهن کي ناس ڪرڻ جو ڪو آسان رستو سجهي نٿو. ڳولڻ سان جتي لڀن اتي ناس ڪجين. ڏئي جو ڦلو، هڪڙي چمچي جيترو پاڻيءَ جي ننڍڙي ڪوزي ۾ ملائي، جيتن کي ناس ڪرڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن. ٻيو رستو هي آهي ته هڪ گيالن پاڻيءَ جو ٽهڪائي، ان ۾ هڪڙو پائونڊ ڏيهي پيلي صابڻ جو ڳاري ڇڏجي. پوءِ باهه تان لاهي، ان ۾ پاءُ کن جيترو ڪيروسن جو تيل ملائي، چڱيءَ طرح گڏائي، ٺاري، ٻاٽليون ڀري رکي ڇڏجن. پوءِ وڻ تي جتي سنهڙا جيت ڇٽ ٻڌي ويهن اتي لائي ڇڏجي. ٻيءَ حالت ۾ اها دوا ٽيڻي پاڻي سان ملائي، ڇڊي ڪري، پچڪاريءَ سان وڻن تي وجهجي. انهيءَ مان وڻ کي ڪا به حرڪت ڪا نه ٿي پهچي. ڪيترن ئي قسمن جي ڪينئن، خاص سوٻٽن لاءِ اهو علاج تمام چڱو آهي.

”ويسٽن“ صاحب لکي ٿو ته ”جڏهن گوبيون، ڦول گوبيون ۽ ٻيون ڀاڄيون باغ ۾ پوکجن، تڏهن هيئن ڪجي جو پندرهن پندرهن فوٽن جي تفاوت تي، شيشي جون ٻاٽليون اونڌيون ڪري ڪنهن ڪاٺيءَ ۾ وجهي زمين ۾ هڻي ڇڏجن. شايد شيشي جي چمڪاٽ ڪري پوپٽ ٽهي وڃن ٿا ۽ پنن ۽ ٻوٽن ۾ اچي نه ٿا ويهن ۽ آنا لاهين، جن مان سوٻٽ ۽ ڪينئان ڦٽي نڪرن ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو