سويوز (خلائي جھاز)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سویوز Soyuz ڇا آهي

سويوز هڪ روسي اسپيس ڪرافٽ Spacecraft آهي

انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن ISS جي سامان کي  پهچائڻو هجي يا انسانن کي ان مقصد جي لاءِ سويوز ئي استعمال ٿيندو آهي ۽ انجي ذريعي ئي خلا باز واپس زمين تي ايندا آهن روس هڪ وڏو ملڪ آهي انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن کي هلائڻ جي لاءِ روس آمريڪا جي مدد ڪندو آهي، ائين ٻيا بہ ملڪ پڻ مدد ڪندا آهن پر صرف روسي اسپيس ڪرافٽ ئي خلا بازن کي وٺي ڪري ويندو آهي.

سويوز ڇا ڪندو آهي

روسي خلا بازن کي ڪازموناٽس Cosmonauts ۽ آمريڪي، ڪينيڊين، جاپاني ۽ يورپين خلا بازن کي آسٽرو ناٽس Astronauts چيو ويندو آهي

سويوز خلا بازن کي اسپيس اسٽيشن تائين وٺي ويندو آهي ۽ واپس بہ وٺي ايندو آهي، پاڻي ۽ خوراڪ بہ انجي ذريعي موڪلي ويندي آهي ۽ انجي اندر 3 ٽي خلا بازن جي ويھڻ جي جڳھ هوندي آهي، سويوز هڪ لائف بوٽ Life Boat جيان هوندو آهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ کن سويوز ہمیشہ اسپيس اسٽيشن سان جوڙيل هوندا آهن، ايمرجنسي جي صورت ۾ خلا باز انجي ذريعي واپس زمين تي اچي سگھجن ٿا.

سویوز جا حصا

ايم سويوز جا ٻہ حصا هوندا آهن هڪ سويوز ڪيپسول Capsule ۽ ٻيو سويوز راڪٽ Soyuz Rocket

سويوز راڪيٽ جي مٿان سويوز ڪيپسول جوڙيل هوندو آهي ڪيپسول جا ٽي حصا Module هوندا آهن هڪ حصو محوري حصو Orbital Module هجي ٿو

جنھن ۾ خلاباز هوندا آهن، اُهو حصو اسٽيشن سان جوڙيو ويندو آهي

ٻيو حصو لھڻ وارو حصو Descent Module جنھن کي چئبو آهي جڏهن سويوز کي لانچ لاءِ شرو ڪيو ويندو آهي تہ خلا باز انجي اندر هوندا آهن ۽ زميني واپسي تہ بہ انھي تي ويهندا آهن ٽيون حصو مختلف شين تي مشتمل هوندو آهي، جيئن تہ بيٽريون، سولر پينل، آڪسيجن، ۽ اسٽيرنگ انجڻ وغيرھ

سويوز جو ٻيو حصو راڪيٽ تي مشتمل هوندو آهي راڪيٽ ئي سويوز ڪيپسول کي مٿي وٺي ويندو آهي ۽ ڪجهه ئي فاصلي تہ وڃي ڪري راڪيٽ ۽ ڪيپسول الڳ ٿي ويندا آهن ۽ راڪيٽ واپس زمين تي اچي ڪري ڪرندو آهي، ڪيپسول اڳتيء وڌندو آهي ۽ 9 منٽن ۾ خلا تي پھچي ويندو آهي.

سويوز لانچ Launch ۽ لينڊ Land ڪيئن ڪندو آهي

سويوز ملڪ ڪازڪستان Kazakhstan کان لانچ ڪيو ويندو آهي ۽ سوويوز کان اسپيس اسٽيشن تائين وڃڻ تہ ڇھ 6 ڪلاڪ لڳندا آهن، خلاباز دروازي هیچ جي ذريعي اسپيس اسٽيشن ۾ داخل ٿيندا آهن

جڏھن خلا بازن کي واپسي اچڻو هوندو آهي تہ اهي واپس ڪيپسول ۾ ويهندا آهن، ڪيپسول هڪ جھاز جيان بلڪل بہ ناهي هوندو ۽ نہ ئي انجا پر يا ڦيٿا هوندا آهن

بلڪي هي فضا کان ٿيندي زمين تي ڪرندو آهي سويوز ڪيپسول ۾ رفتار کي گهٽ ڪرڻ لاءِ هڪ پيراشوٽ لڳل هوندو آهي، انجي زمين تي ڪرڻ جي رفتار کي وڌيڪ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ننڊها راڪيٽ لڳل هوندا آهن، پر انجي باوجود زمين تي ڪرڻ وقت جهٽڪا ضرور لڳندا آهن

سويوز ڪازڪستان جي ڇٻر جي ميدانن تي لھندو آهي

اسپيس اسٽيشن کان زمين تائين پھچڻ ۾ تقريبن 3.5 ڪلاڪ لڳندا آهن

دريا خان سنڌي