سونڍا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سونڍا جو قبرستان

سونڍا. انگريزيءَ ۾ 'Sondha: سنڌ، پاڪستان جو ھڪ ڳوٺ. قديم وقت ۾ هن ڳوٺ جي ويجهو ڀيم ڪوٽ هوندو هو ۽ هاڻي اتي هندن جي تيرٿ جي جاءِ آهي. ٽڪر تان پاڻي ڦڙو ڦڙو ٿي ڪري ٿو. اتي هڪڙو وڏو پهڻ آهي. جنهن جي هندو ماڻهو شيوا ڪندا آهن. چون ٿا ته گهڻائي دفعا انهيءَ کي درياهه ۾ وڌو اٿن ته وري به پاڻهي اچي انهيءَ هنڌ تي پيو آهي. اتي جي بزرگن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا: مخدوم رمضان ديداڻي- مشهور مشايخن مان هو ۽ انهيءَ جي قبر وڏي زيارتگاهه آهي. مخدوم ملا آري-سيد علي شيرازيءَ جي مريدن مان هو. چون ٿا ته ڪينجهر ڍنڍ جا مهاڻا اصل سندس مريد هئا، پر جڏهين پاڻ سيد عليءَ جو مريد ٿيو، تڏهين انهن پنهنجن مريدن کي به هن جو مريد ڪرايائين، جي اڃا تائين هليا اچن. هن بزرگ جي درگاهه وڏي زيارتگاهه آهي. سندس پٽ مخدوم ملا بايزيد به پيءُ وانگر مشهور ٿيو ۽ سندس ڀر ۾ رکيل آهي. انهيءَ جو پٽ ملا ابو بڪر به وڏو ڪامل ۽ وجد وارو ٿي گذريو، جيئن سندس پيءُ ۽ ڏاڏو هئا. انهيءَ جي جاءِ تي وري ملا نارو ٿيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو