سوناڪشي سنھا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سوناڪشي سِنھا (انگريزي: Sonakshi Sinha)، پيدائش 02 جون 1987ع، ھندي فلمن ۾ ڪم ڪندڙ ھندوستاني اداڪارا ۽ ڳائڻي آھي[1]. ھيءَ فلمي اداڪارن شتروگھن سِنھا ۽ پُونم سِنھا جي ڌيءَ آھي. آزاد فلمن لاءِ پوشاڪ سازيءَ جو ڪم ڪرڻ کانپوءِ ھن پنھنجي اداڪاريءَ جي شروعات ايڪشن ڊراما فلم "دبنگ" (2010ع) کان ڪئي، جنھن لاءِ کيس "بھترين شروعات ڪندڙ عورت طور فلم فيئر ايوارڊ" مليو[2]. ھن کي جن فلمن ۾ مرد مُک ڪردارن سان رومانوي ڪردار ڪرڻ جي ڪري شُھرت حاصل ٿي، اُھي ھي آھن: مزاحيہ فلم "رائوڊي راٺوڙ" (2012ع)، ايڪشن ۽ مزاحيہ فلم "سن آف سردار" (2012ع)، سنسني خيز فلم "ھاليڊي: اَ سولجر اِز نيوَر آف ڊيوٽي" (2014ع).

سوناڪشي سنھا 2014ع ۾

حوالا[سنواريو]

  1. "Sonakshi Sinha Turns Singer-Rapper". The New Indian Express. حاصل ڪيل 2021-12-22. 
  2. "Salman hosts an impromptu birthday bash for Sonakshi Sinha". www.mid-day.com. حاصل ڪيل 2021-12-22.