سومرو سودائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سومرو سودائي، انگريزي (Soomro Suadai) (پيدائش: 10 1پريل 1938ع - وفات: 6 آڪٽوبر 2006ع) بهترين مزاحيه شاعر هو. سندس شعر ۾ پختو مزاح شامل هو. سندس شاعريءَ جا ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهن. سندس شعر ڪيترن ئي رسالن ۾ به ڇپيو.

احوال[سنواريو]

سومرو سودائي جو اصل نالو غلام رسول ولد محمد يوسف سومرو هو. سومرو سودائي سندس شاعراڻو تخلص هو. هيءُ 10 اپريل 1938ع ۾ دادو ۾ پيدا ٿيو. هن سنڌي فائينل تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ پرائيمري استاد رهيو. شاعريءَ جي شروعات 1954ع کان ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن “چُهنڊڻيون” ۽ “ٽاڪوڙا” وڏي مقبوليت ماڻي. سومرو سودائي 14 اپريل 1992ع ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]