سولر پینل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سولر پينل يا پليٽ سج جي روشني جي توانائي کي ڪيئن بجلي ۾ تبديل ڪندي آهي ”دريا خان سنڌي“

Solar array mounted on a rooftop

سولر پينل ۾ ننڊڙا ننڊڙا سولر سيلن تي مشتمل هجي ٿو جيڪي سيليڪون مان ٺاهيا ويندا آهن سيليڪون هڪ سمي ڪنڊڪٽر آهي سلور سيلن ۾ سيليڪون جي قلمن کي ٻن ڪنڊڪٽرز يعني موصل پليٽن جي وچ ۾ رکيو ويندو آهي سيليڪون جو هر ايٽم پنھنجي چار ساٿين ايٽمن سان مضبوط بانڊز سان گڏ جڙيل هوندو آهي بانڊز اليڪٽرانز کي هڪ جڳھ پڪڙي رکندا آهن جنھن جي وجهہ سان سيليڪون ۾ بجلي جو ڪرنٽ ناهي ٺهي سگھندو سولر سيل سيليڪون جي ٻن تهن کي استعمال ڪندو آهي اين يعني نيگيٽو يا منفي قسم جي تھ ۾ اليڪٽرانز جي زيادتي هوندي آهي ۽ پي يعني پازيٽو يا مثبت قسم جي تھ ۾ اليڪٽرانز جي گهٽتائي هوندي آهي ۽ اليڪٽرانز جي ڇڏيل خالي جڳھون موجود هونديون آهن جن کي سوراخ يا هولس چئي سگھجي ٿو جتي هي ٻہ تهون ملنديون آهن اتي اليڪٽران ان پي ۽ اين جي جوڙ يا جنڪشن ۾ گذري سگھن ٿا جنھن جي وجهہ هڪ تھ تي مثبت ۽ ٻئي تھ تي منفي چارج پيدا ٿيندو آهي اسان روشني کي ننڊڙن ذرڙن جي ڪتار سمجھي سگھون ٿا جيڪا سج کان نڪري رهيا آهن انھن ذرڙن کي فوٽونز چئبو آهي جڏهن مناسب توانائي جو هڪ فوٽان ان سيليڪون کان ٽڪرائجي ٿو تہ هي هڪ اليڪٽران کي پنھنجي جسم مان ٻاهر ڪڍي ٿو ۽ اتي هڪ سوراخ يعني هول رهجي ويندو آهي هي اليڪٽران جو منفي چارج رکندو آهي ۽ سوراخ جو مثبت چارج رکندو آهي ٻئي آزادي سان سيليڪون ۾ گھمي ڦري سگھن ٿا پر پي - اين جنڪشن تي موجود چارج جي وجهہ سان هي صرف هڪ ئي سمعت ۾ سفر ڪري سگھندا آهن اليڪٽران پنھنجي منفي چارج جي وجهہ سان مثبت پي ڏا هليو ويندو آهي ۽ هول پنهنجي مثبت چارج جي وجهہ سان منفي اين ڏا ويندو آهي هي آزاد اليڪٽرانز سيل جي مٿان موجود دهات جي ٺهيل سني سني آڱرين ۾ گذرندي ٻاهرين سرڪٽ ڏا بجلي جي ڪرنٽ جي صورت ۾ وهڻ لڳندي آهي ان ڪرنٽ سان هر اهو ڪم وٺجي سگھجي ٿو جيڪو عام بجلي کان مان ورتو ويندو آهي جيئن مثال بلف روشن ڪرڻ هي اليڪٽرانز ان سرڪٽ کان گذري ڪري سولر سيل تي ايلومينيم جي ٺھيل موصل سطح تي واپس اچي ويندا آهن هر سولر سيل صرف اڌ وولٽ جو پوٽينشل تخليق ڪندو آهي پر گھڻا سولر سيلز کي ايل لڙي ۾ لڳائي ڪري اسان ان وولٽيج کي وڌائي سگھون ٿا ٻارهن سولر سيل ملي ڪري هڪ ماڊيول ٺاهيندا آهن جيڪو هڪ موبائيل فون کي چارج ڪرڻ جي لاءِ ڪافي هوندا آهن هڪ گھر جي توانائي جي ضروت پوري ڪرڻ جي لاءِ اهڙن گھڻن ماڊيولز کي گڏ لڳايو ويندو آهي سولر سيل ۾ صرف هڪ شيء حرڪت ڪندي آهي ۽ اهوئي آهن اليڪٽرانز جيڪي پنھنجو ڪم ڪرڻ کانپوءِ ان سيل ۾ واپس ويندا آهن جتان کان هي نڪرندا آهن ان ۾ ڪا اهڙي شيء ناهي جو وقت سان گڏ ختم ٿي وڃي سولر سيل ويھ سال تائين ڪم ڪري سگھن ٿا