سوديشي تحريڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سوديشي تحريڪ هندستان جي آزاديءَ واري تحريڪ ۽ هندستاني قوم پرستيءَ جو هڪ حصو هئي. هيءَ تحريڪ هڪ اقتصادي حڪمت عملي هئي ، جنهن جو مقصد برطانوي سلطنت کي اقتدار کان هٽائڻ ۽ هندستان ۾ معاشي صورتحال کي سوديشي جي اصولن تي عمل پيرا ٿي بهتر بنائڻ هو.هن حڪمت عملي جا هدف هي هئا : برطانيه ۾ ٺهيل شين جو بائڪاٽ ڪرڻ،هندستان ۾ ٺهيل شين جو استعمال ڪري برطانوي سامراج کي معاشي نقصان پهچائڻ ،پيداور جي عمل جي بحالي هندستاني ماڻهن جي لاءِ روزگار پيدا ڪرڻ .

بي . سي ڀولي سوديشي تحريڪ جا پنج مرحلا بيان ڪيا آهن:[1]

  1. 1850ع کان 1940ع تائين : هي عرصو پهرين سوديشي تحريڪ طور ڄاتو وڃي ٿو. جنهن جي اڳواڻي دادا ڀائي نوروجي ، گوڪلي ، راناڊي ، تلڪ، جي .وي جوشي ۽ ڀاسوت .ڪي نگوني ڪري رهيا هئا.
  2. هي مرحلو 1905ع ۾ شروع ٿيو،جڏهن لارڊ ڪرزن بنگال جي تقسيم جو اعلان ڪيو.
  3. 1918ع کان 1947ع تائين: هندستاني صنعتڪارن جي عروج سان گڏ، گانڌي جي ذريعي سوديشي فڪر ۾ سڌارو آيو.
  4. بين الاقوامي ۽ گهريلو تجارت تي وڏي پئماني تي پابندين وارو مرحلو، جنهن سبب لائسنس پرمٽ راڄ دوران هندستان هڪ فرسوده ٽيڪنالاجي جو گڑھ بڻجي ويو.
  5. 1991ع کان پوءِ: لبرلائزيشن پرائيويٽائيزيشن ۽ گلوبلائيزيشن. پرڏيهي سرمائي ، پرڏيهي ٽيڪنالاجي ، ۽ گهڻي پرڏيهي سامان کي ٻاهر خارج نه ڪيو ويويو آهي ۽ برآمد تي مبني ترقي جو اصول جديد صنعتڪاري جو نتيجو آهي.

سوديشي تحريڪ جي شروعات 1905ع ۾ ٿي ، جڏهن هندستان جي وائسراءِ لارڊ ڪرزن بنگال جي تقسيم جو اعلان ڪيو.اها تحريڪ 1911ع تائين جاري رهي.هيءَ تحريڪ گانڌي وادي انقلاب کان اڳ واري هڪ ڪامياب تحريڪ هئي. هن تحريڪ جا مرڪزي معمار هئا : اروبندو گهوش، لوڪمنيا پال ، گنگاڌر تلڪ، بپن چندر پال ۽ لاله لجپت راءِ، وي.او.چدمبرم پلائي ۽ بابو جينو .حڪمت عملي جي طور تي ،هن تحريڪ تي مهاتما گانڌي جو مکيه ڌيان هو. گانڌي هن تحريڪ کي سوراج جو روح (خود حڪمراني) بيان ڪيو.بنگال ۾ هيءَ تحريڪ نهايت مضبوط هئي ۽ ان کي وندي ماترم تحريڪ پڻ سڏيو ويندو هو.[2]

لفظ سوديشي سنسڪرت مان اخذ ڪيل آهي ۽ اهو ٻن لفظن جو مرڪب آهي. ”سو“ جي معنى خود يا پاڻ آهي ۽ ديش جي معنى آهي ملڪ يا وطن.سوديشي جو مطلب ٿيو ، ”پنهنجي ئي ملڪ جو“.

  1. "Swadeshi movement" (en ۾). Wikipedia. 2020-04-08. https://en.wikipedia.org/w/index.php?title=Swadeshi_movement&oldid=949866482. 
  2. "Swadeshi movement" (en ۾). Wikipedia. 2020-04-08. https://en.wikipedia.org/w/index.php?title=Swadeshi_movement&oldid=949866482.