مواد ڏانھن هلو

سوانجڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سوانجڙو(انگريزي: Suwanjro) سنڌ جي ھڪ وڻ جو نالو آهي. ٿر ۾ عام ڪونهي، فقط ڳوٺ چيلهار جي اولهه طرف آڌيو نالي هڪ مَڙهِيءَ ۾ ست-اٺ وڻ سوانجڙي جا آهن. اُن جو ڇوڏو اڇي رنگ جو، تڙ ٿلهو ۽ ڦريون فوٽ کن ڊگهيون ٿينديون آهن. ڦريون ۽ ڇوڏو ڪن ديسي دوائن ۾ ڪم ايندا آهن. اُن جي ڪاٺي ڪچي هئڻ ڪري عمارتي ڏانوَ جي ڪانه آهي. ازان سواءِ تعداد به بلڪل ٿورو آهي. انهن وڻن کان سواءِ ٿر ۾ ٻيو ڪو وڏو وڻ ڪونه ٿئي. فقط ننگرپارڪر تعلقي جي ڪاسبو نالي ڳوٺ ۾ هڪ هندو سيٺ اڳ ۾ باغ رکايو هو، جنهن ۾ انب، ليما، ڏاڙهون ۽ زيتون جا وڻ هئا، جن کي کوهه جو پاڻي ڏيندو هو. هن وقت انهن مان ڪيترا وڻ سُڪي، سڙي ۽ ڪَپجي ويا آهن، ته به ڪي اڃا آهن، پر اها اصلوڪي رونق ڇڏي ويا آهن[1].

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو