سوئا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سُوئا هيءَ سائي ڀاڄي به عام آهي. پالڪ وانگي ۽ ان سان گڏ پوکڻ ۾ ايندي آهي. هن کي انگريزيءَ ۾ ڊِل چون ٿا. هن مان عرق ڪڍندا آهن، جنهن کي ڊِل واٽر چوندا آهن.[1]

سوا: نالا: ع. شبت، ف. شوت، هه. وغيره___ سويه، والان خورد، انبيتون ۽ روسيا. ھي ننڍو ٻوٽو پاڻيءَ جي ڏينهن ۾ پيدا ٿيندو آهي، هن جو رنگ سائو ۽ ٻج سؤنف وانگر ذائقي ۾ تيز هوندو آهي.

طب[سنواريو]

خاصيت: هن جو ساڳ رڌي کارائڻ سان معدي ۽ جگر جا سدا تحليل ٿيندا، وائي بادي نڪري ويندي. ڪچن خلطن کي پچائي ٿي هاضمون ڪري ۽ بک وڌائي ٿي، پيچش ۽ سوريءَ کي مفيد آهي. هن جو ٻج ڪچي بلغم کي ڪپي ٿو، کنگهه، سيني جي سور، مثاني ۽ گردي جي پٿريءَ کي فائدو ڏئي ٿي، پيشاب جاري ڪري ٿو، دستن کي بند ڪري ٿي. هن جي لپري خصين جي سوڄ لاءِ مفيد آهي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو