سهڪار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سهڪار يا اَڪوموڊيشن (Accommodation) سفارتڪاريءَ ۾ خراب حالتن کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ مخالف ڌر لاءِ سڀ دروازا بند نه ڪرڻ جي عمل کي ’سهڪاري‘ رويي طور سڃاتو وڃي ٿو. هن صورت حال ۾ ڪنهن به غلط فهميءَ جي عنصر تحت وڙهندڙ ڌريون محسوس ڪنديون آهن ته معاملن کي سڌارڻ لاءِ هڪ ٻئي جي ضرورتن کي سمجهڻ ۽ علائقي ۾ مفادن جي صحيح ورڇ ڪرڻ ضروري آهي. هن رويئي کي امن چاهيندڙ سفارتڪار تمام گهڻو پسند ڪن ٿا. ڪجهه محققن جو خيال آهي ته دنيا مان جهيڙا ختم ٿيڻا ناهن، ڇاڪاڻ ته ڪو به ملڪ پنهنجا بنيادي مفاد ۽ قومي لاڙا ڪنهن به صورت ۾ قربان نه ڪندو. انهيءَ ڪري دنيا ۾ ’سهڪار (Accommodation) واري عنصر جو پوريءَ طرح لاڳو ٿيڻ، ڏاڍو ڏکيو آهي. تڏهن به عالمي امن جي لاءِ هيءَ هڪ مثبت ڪوشش يا عمل ضرور آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري آرڪائيو ڪيا ويا 2018-06-30 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد