سهيل تارو

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

تاريخ کي ڏسجي ته پوءِ سوين سالن تائين انسان رستو ڳولڻ لاءِ تارن جو سهارو وٺندا آيا آهن، انهن تارن مان ٻه تارا پراڻي زماني ۾، انسان لاءِ ڏاڍا اهم هئا. هڪ قطب تارو جنهن کي عرب الجدي (ٻڪر) سڏين ٿا ۽ ٻيو ڪئنوپس (Canopus) تارو جنهن کي ”سُهيل“ سڏين ٿا. اهي ٻئي تارا اتر اڌ گول واري ڌرتيءَ تي روزانو نظر اچن ٿا. قطب تاري جي مقابلي ۾ سهيل (Canopus) ڪجهه گهٽ درجو رکي ٿو، جو اهو پوءِ اُفق (Horizon) پويان غائب ٿيو وڃي. ڪولمبس جهاز هلائڻ وقت قطب تاري تي گهڻو آڌار نٿي ڪيو جو ان وقت تائين قطب نما (Compass) ايجاد ٿي چڪو هو. پر هن هر وقت رستي جي پڪ ڪرڻ خاطر قطب تاري ڏي به نهار ڪئي ٿي ڇو جو قطب نما جي لوهي سُئي ڪنهن وقت به اٽڪي سگهي ٿي يا اوسي پاسي ۾ گهڻي Magnetic Field هجڻ ڪري ڪمپاس جي سُئيءَ ۾ نقص (Error) پيدا ٿي سگهي پيو. [1] [2] [3]

  1. http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=140
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
  3. ڪتاب: چنڊ چوانءِ سچ