سنگ راسخ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنگ راسخ (عربي: روستحج، فارسي: مس سوخته، هندي/اردو وغيره: راسخ، روسخت، فنا دميوس ۽ ڪل قديس) ڳاڙهاڻ مائل ڪاري رنگ تي ٽڪرا ٿين ٿا، ٽامي ۽ آنولا سار کي گڏي ساڙي، ان مان جوڙيندا آهن. ٻيو قسم ڳاڙهي رنگ جو ٿيندو آهي. اهو تمام سٺو آهي.

طب[سنواريو]

خاصيت: هن کي ڌوئي سرمون ڪري استعمال ڪبو تہ، اک جي ڦلي، ڌنڌ، خارش ۽ نظر جي واڌاري کي فائدو ڪندو. هن کي ميڻ ۽ ترن جي تيل ۾ حل ڪري مرهم جوڙبو تہ اهو مرهم وڌيل گوشت وارن ڦٽن، ناسورن ۽ ٻرهل جي ڦٽن لاءِ مفيد آهي. هن کي ڪيس سان گڏي وارن کي لائبو تہ وار ڪارا ٿيندا. ڳاڙهي رنگ وارو سنگ راسخ اهل صنعت وارا ڪم آڻيندا آهن. ٻن تولن سنگ راسخ کي هڪ تولي جمال گهوٽي ۾ کرل ڪري ان کي گدازڪرائي اهڙي طرح پنڌرنهن سؤ دفعا ڪري، تنھن کان پوءِ ان مان ٽامون تمام ڳاڙهو رت جھڙو نڪرندو، ان مان هڪ ماسي جيترو هڪ تولي چانديءَ کي ڏبو تہ ان کي سرخ ڪندو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.