سنگھاڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنگهاڙ (فارسي: سنگهاره، ٻيون ٻوليون: سنگهارين، سرنگا ۽ جيلان) مٿان ڪاري يا سائي کل تي بيڊولا ٽڪر جن تي سنڱر وانگر ٻہ چار ڪنڊا نڪتل ڏسبا آهن. ڇلڻ تي اندران اڇو ڳڀ نڪرندو آهي. ذائقي ۾ ڦڪا ۽ تمام ٿورڙي مٺاڻ تي، هڪڙي وڻ جو ڦر آهي.

طب[سنواريو]

هن کي تغلبن سان گڏي کير ۾ رڌي کائجي تہ قوت باھ ۽ منيءَ کي وڌائيندا ۽ گهاٽو ڪندا. بدن کي ٿلهو ڪن ٿا، گرم مزاج وارن جي رئيس عضون کي طاقت ڏين ٿا. صفراوي تپ، خشڪ ۽ گرم کنگهہ، پيشاب جي ساڙي، دل جي گرمي ۽ سوزش، وات جي خشڪي ۽ اُڃ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.