مواد ڏانھن هلو

سنگل بورڊ ڪمپيوٽر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
رازبري پاء (Raspberry Pi) گھٽ لاڳت وارو سنگل بورڊ ڪمپيوٽر آھي جيڪو ڪمپيوٽر سائنس سيکارڻ لاء استعمال ٿيندو آهي.[1]

سنگل بورڊ ڪمپيوٽر يا ھڪ تختي وارو ڪمپيوٽر (انگريزي: single-board computer ) يا (SBC) ھڪ ڇڙي سرڪٽ بورڊ تي ٺھيل ھڪ مڪمل ڪمپيوٽر ھوندو آھي جنھن ۾ مائڪرو پروسيسر، ريم، ان پٽ/ آئوٽ پٽ، ۽ ٻيا حصا شامل ھوندا آھن. سنگل بورڊ ڪمپيوٽر تعليمي نظامن لاء عملي نمائش طور استعمال ٿيندا آهن. گھرن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪمپيوٽرن ۾ سڀ ڪم جون شيون سرڪٽ بورڊ ۾ لڳل ھونديون آھن. ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر ۾ ۽ سنگل بورڊ ڪمپيوٽر ۾ فرق اھو آھي تہ ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر ۾ ڪم واري سامان جو اضافو ممڪن ھوندو آھي ۽ ان جي صلاحيت کي سامان لڳائي وڌائي سگھجي ٿو جيڪو اضافو سنگل بورڊ ڪمپيوٽر ۾ نہ ٿو ڪري سگھجي.[2][3]


ساڪيٽ 3 وارو سنگل بورڊ ڪمپيوٽر جنھن سان سڌي اسڪرين ۽ پاور سپلاء لڳايل آھي

حوالا

[سنواريو]
  1. "Foundation Strategy 2016–2018" (PDF). Raspberry Pi. Raspberry Pi Foundation. ص. 3–5. 26 November 2016 تي حاصل ڪيل.
  2. "COM – Based SBCs: The Superior Architecture for Small Form Factor Embedded Systems" (PDF). Diamond Systems Corp. 27 December 2016 تي حاصل ڪيل.
  3. "Implementing High Performance Embedded Computing Hardware" (PDF). Trenton Systems, Inc. September 1, 2016. ص. 13–15. 26 November 2016 تي حاصل ڪيل.