مواد ڏانھن هلو

سنگل بورڊ ڪمپيوٽر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
رازبري پاء (Raspberry Pi) گھٽ لاڳت وارو سنگل بورڊ ڪمپيوٽر آھي جيڪو ڪمپيوٽر سائنس سيکارڻ لاء استعمال ٿيندو آهي.[1]

سنگل بورڊ ڪمپيوٽر يا ھڪ تختي وارو ڪمپيوٽر (انگريزي: single-board computer ) يا (SBC) ھڪ ڇڙي سرڪٽ بورڊ تي ٺھيل ھڪ مڪمل ڪمپيوٽر ھوندو آھي جنھن ۾ مائڪرو پروسيسر، ريم، ان پٽ/ آئوٽ پٽ، ۽ ٻيا حصا شامل ھوندا آھن. سنگل بورڊ ڪمپيوٽر تعليمي نظامن لاء عملي نمائش طور استعمال ٿيندا آهن. گھرن ۾ استعمال ٿيندڙ ڪمپيوٽرن ۾ سڀ ڪم جون شيون سرڪٽ بورڊ ۾ لڳل ھونديون آھن. ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر ۾ ۽ سنگل بورڊ ڪمپيوٽر ۾ فرق اھو آھي تہ ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر ۾ ڪم واري سامان جو اضافو ممڪن ھوندو آھي ۽ ان جي صلاحيت کي سامان لڳائي وڌائي سگھجي ٿو جيڪو اضافو سنگل بورڊ ڪمپيوٽر ۾ نہ ٿو ڪري سگھجي.[2][3]


ساڪيٽ 3 وارو سنگل بورڊ ڪمپيوٽر جنھن سان سڌي اسڪرين ۽ پاور سپلاء لڳايل آھي

حوالا

[سنواريو]
  1. "Foundation Strategy 2016–2018", Raspberry Pi, Raspberry Pi Foundation, صص: 3–5, حاصل ڪيل 26 November 2016۔ 
  2. "COM – Based SBCs: The Superior Architecture for Small Form Factor Embedded Systems", Diamond Systems Corp., حاصل ڪيل 27 December 2016۔ 
  3. "Implementing High Performance Embedded Computing Hardware", Trenton Systems, Inc., 1 سيپٽمبر 2016, صص: 13–15, حاصل ڪيل 26 November 2016۔