سنگتڙو
سنگتڙو به نارنگيءَ جي ذات مان آهي ۽ ان وانگي مٺو ٿو ٿئي، مگر نارنگيءَ جي ڳر داڻ داڻ وانگي ڦاڪن ۾ وراهيل ٿي ٿئي ۽ هن ۾ رڳو مٺو پاڻي يا رس آهي. نارنگي رنگ جي ڳاڙهي يا زردي ٿي ٿئي ۽ سنگتڙو سائو ٿو ٿئي ۽ کل سنهڙي ٿي ٿئيس. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو نارنگيءَ کي سنگتڙو يا سنگتڙي به چوندا آهن. هي سڀ ليمي جي جماعت مان آهن.هندستاني ماڻهو ليمي کي نيبو يا کٽانيبو چوندا آهن، نارنگيءَ کي ڪملا نيبو، سنگتڙي کي ميٺا نيبو ۽ ترنج کي ڪڙوا نيبو يا ڪرنا نيبو سڏيندا آهن.[1]
سنگتڙا به قد ۾ نارنگين جيڏا ٿيندا آهن. رڳو مٺا آهن، مگر منجهن نارنگين وانگي ڪا خوشبوءِ ڪا نه ٿي رهي. اڪثر گرمين جي ڏينهن ۾ يعني آگسٽ ۽ سيپٽمبر ڌاري لهن ٿا، جڏهن نارنگيون نه ٿيون لڀن، تنهنڪري ڪمائتا ۽ پسند ڪرڻ جهڙا ٿين ٿا. هنن جي پوک توڙي پرداخت نارنگين وانگي ٿئي ٿي. باغائي اڪثر نارنگين جا پيوند سنگتڙن جي وڻن تي هڻندا آهن.سنگتڙي کي انگريزيءَ ۾ سُويِٽ – لائيم (يعني مٺو ليمون) چوندا آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو