سنڌ جي واديء جون بندرگاھون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ستڪاگن دڙو[سنواريو]

ستڪاگن دڙو مڪراڻ جي علائقي ۾ سمنڊ ڪناري کان ٽيھ ميل پري واقع آھي۔ پر سنڌ جي تھذيب جي عروج جي زماني ۾ جڏھن ھي شھر آباد ھو ته ھي سمنڊ جي ڪناري تي ھو۔ شايد سمنڊ جي ڪا شاخ ان کي گھيري رھي ھئي۔ جنھن سبب ڪري جھاز راني جي لاءِ قدرتي طور تي نھايت سٺو ھنڌ ھو۔ ھي سنڌ جي تھذيب جو سڀ کان وڏو بندرگاھ ھيو ۔ اصل شھر ھڪ قلعي ۾ واقع ھو۔ جيڪو اتر کان ڏکڻ طرف 190 گز ڊگھو ۽ 113 گز ويڪرو ھو۔ قلعي جون بنيادون ٽيھ فٽ ٿلھيون ھيون۔ جيڪي اڌ گھڙيل پٿرن کي گاري ۾ ڄمائي ڪري ٺاھيون ويون ھيون، ڀت اندر کان ڍلوان ھئي ۽ ان ۾ جڳھ جڳھ تي حفاظتي برج ٺھيل ھئا۔ پنھنجي زماني ۾ ڀت جي اوچائي گھٽ ۾ گھٽ پنجويھ فٽ ضرور ھوندي۔ دروازو نھايت سوڙھو ھو ۽ ان جي ٻنھي طرفن ۾  حفاظتي برج ھيا۔ ھڪ دلچسپ ڳالھ ھي آھي تہ دروازي جي اندر ۽ ٻاھر ئي عمارتون ھيون۔ جيڪي يقيناً محافظن جون رھائش گاھون يا چوڪيون ھونديون۔ قلعي کان ٻاھر ھڪ ھيٺاھون شھر ھو ۔ ان مان جيڪي ٿانو مليا آھن اھي ڪلي ثقافت سان تعلق رکن ٿا۔

بالاڪوٽ[سنواريو]

ڪراچي کان 45 ميل پري اتر اولھ جي طرف سومياڻي جي ويجھو بالاڪوٽ جو قديم شھر دفن ٿيل آھي۔ ھي ھاڻوڪي سامونڊي ڪناري کان ٻارنھن ميل پري آھي۔ پر جڏھن ھي شھر آباد ھيو ته سمنڊ جي ڪناري تي ھيو۔ ھي به ھڪ معروف بندرگاھ ھئي۔ ھي شھر به قلعي بند ھيو۔

سوتڪا ڪوھ[سنواريو]

پسني کان اٺ ميل اتر جي طرف سوتڪا ڪوھ آھي۔ ھي بندرگاھ ھو ۽ سمنڊ جي ڪناري واقع ھو۔ ھن جو اڏاوتون ستڪاگن دڙي جھڙيون ھيون۔ ھن جا گھڻا  ٿانو سنڌ جي تھذيب جي نمائندگي ڪن ٿا۔ البته ڪافي ساترا بلوچستان جي ثقافتن جي به نمائندگي ڪن ٿا۔ ھن شھر ۾ ھڪ قلعو به ھو۔

يحيٰي امجد ۔ تاريخ پاڪستان قديم دور