سنڌ جي سرڪاري آفيسن ۾ استعمال ٿيندڙ جملا
ڏيک
سنڌ جي سرڪاري آفيسن ۾ گڻي ڀاڱي ڳالهايا ويندڙ جملا، جيڪي گھڻي ڀاڱي رشوت وٺڻ (هندي ۾؛ گُھوس خوري घूस खोरी) ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ آندا ويندا آھن؛
- کير ۾ جيتري کنڊ وجهندي اوترو کير مٺو ٿيندو۔
- گهوڙو جيڪڏهن گاھ سان ياري رکي ته پوءِ کائيندو ڇا۔
- ڏنو پٽ، ڇٽي جو۔
- دنياداري آهي، پاڻ سمجهين ٿو۔
- گاڏي ۾ تيل پوندو ته گاڏي هلندي رهندي۔
- ڪم ته ٿيندو پر ڪجھ خرچ ايندئي۔
- سکڻي دعا به پِٽَ برابر۔
- هڪ هَٿِ ڏي، ٻئي هَٿِ وٺ۔
- نانگ ته ناهيون جو مٽي کائينداسين۔
- پيٽ ته ير پاڻ کي به آهي۔
- سنگت ۾ ڳالھ ڪبي سڌي ٻه روپيا لڳندئي۔
- ڏيڻ وٺڻ واري ريت تي دنيا قائم آ۔
- مون کان به حساب وٺڻ وارا ويٺا آهن۔
- جت سچو ٿئي ته کڙھ تي کير پيئاري۔
- جي نه ته هل ته اچانءِ ٿو۔
- فائيل تي وزن پوندو ته فائيل ڊڪندو۔
- مهانگائي ڪيڏي آ پاڻ خبر اٿئي۔
- صاحب جو هيڏو ته وات آ۔
- مهنگا روئي ايڪ بار سستا روئي بار بار۔
- اٺ آنا اٺ، ٻارنهن آنا گهلاڻي۔
- ڏئي وٺي جان ڇڏاءِ۔
- کيسو گرم ٿئي ته ڳالھ به سمجھ ۾ اچي۔
- آفيس جو خرچ لڳندو۔
- ڏاٺ ڪوسي ڪراءِ۔
- ڪم گهڻو آ، قائدِ اعظم جي ضرورت آ۔
- سڀ سمجهين ٿو، ٻار تون به ناهين۔
- پگهار ته گرڙي ٿيو وڃي۔
- گهٽ ۾ گهٽ پگهار ته بچي۔
- ڪِچِن جو ڪم ته هلندو رهي۔
- اسين ته ويٺا ئي اوهانجي خدمت خاطر آهيون۔۔
- ڇا ڪجي مٿين جو پيٽ به ته ڀرڻو آ۔
- وري به تنهنجي مرضي۔
- وات ته مٺو ڪرائيندي نه۔
- منهنجي مٺائي، ڌار لڳندئي۔
- ڪم ته وڏو آ پر ماڻھو چڱو ٿو ڏسجين۔
وغيره وغيره.