سنڌ جو عدالتي نظام
سنڌ جو عدالتي نظام
عربن جي آمد کان اڳ
[سنواريو]عربن جو دؤر
[سنواريو]سومرن ۽ سمن جو دؤر
[سنواريو]ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جو دؤر
[سنواريو]ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جو دؤر
[سنواريو]انگريزن جو دؤر
[سنواريو]1852 جا سڌارا
1852ع ۾ سنڌ ۾ جي عدالتي سڌارا آندا ويا ھئا ۽ ٿر ۽ پارڪر لاءِ بہ ڪوشش ڪئي وئي ھئي، تہ اتي بہ ساڳيا عدالتي سڌارا نافذ ڪيا وڃن. پر ڪن حالتن کان مجبور ٿي، اھڙن سڌارن کي ٿر ۽ پارڪر وارن علائقن ۾ مھمل رکيو ويو. ان کان پوءِ، اتان جي ماڻھن کي شعور ۽ سکيا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، تہ جيئن اڳتي ٿيندڙ عدالتي سرشتي جي ھڪجھڙائي ھتي بہ قائم ٿي سگھي. ان ڏس ۾ جيڪي بہ قدم کنيا ويا، سي 1853ع ۾ رپورٽ ڪيا ويا ھئا. ”عدالتي طريقي کي گھڻو ڪونہ سڌاريو ويو آھي. ٿر جي معزز سردارن ۽ ٻين باشعور ماڻھن مان لاڀ پرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. اھي عدالتي معاملا جيڪي غور ڪرڻ ۽ فيصلي لاءِ رکيل آھن، تن ۾ کين مشير جي سکيا ڏني ويندي . ڪن خاص حالتن تحت مقامي عملدارن جي ھدايتن لاءِ، رائج اصول کان ڪڏھن منھن موڙيو بہ ويندو آھي. انھن خاص ڳالھين جو ذڪر ھيٺ ڪيو ويندو.“ 1858ع ۾ ٿر ۽ پارڪر جي علائقن اندر عدالتي سرشتي ۾ تبديلين جي ضرورت محسوس ڪئي وئي، ان متعلق مٿي اطلاع پڻ ڏنا ويا. بعد ۾ اھي سڌارا منظور ڪيا ويا. ”ٿر علائقي جي عدالتي معاملن ۾ ڪجھھ نئين تبديلي آندي وئي آھي، جنھن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آھي. اڳ ۾ قاعدو اھو ھوندو ھو، تھ ديواني معاملن جي ڪورٽ في ڪانہ ورتي ويندي ھئي ۽ جيوري جي ميمبرن کي بہ ڪو معاوضو ڪونہ ملندو ھو. ان قاعدي ۾ ڪجهه سڌارو آندو ويو آھي. ڪاردارن کي ھدايت ڪئي وئي آھي، تہ ديواني مقدمن تان في سيڪڙي ڪورٽ في وٺن ۽ واپاري طبقي جي انھن ماڻھن کي ڏيڍ روپيہ ڏھاڙيءَ جي حساب سان ڏين، جيڪي ديواني مقدمن ۾ جيوريءَ طور پنھنجو وقت سيڙائن ٿا.“ ”ديواني مقدمن جي طريقہءِ ڪار ۾ باقاعدگي ۽ وقت جي پابنديءَ کي وڌيڪ اھميت ڏني ويندي. مون ڪاردارن کي وقت سر نوٽيس ڪڍڻ جي ھدايت ڪئي آھي. متعلقہ نوٽيس ھر مھيني جي 20 تاريخ تي ڪڍيا وڃن ۽ لاڳاپيل ديواني معاملا ان کان پوءِ، ايندڙ مھيني جي 5 کان پوءِ شنوائيءَ لاءِ رکيا وڃن. اھڙيءَ ريت في الحال، مشيرن جي مدد سان، ڪاردارن، ٿر ۽ پارڪر جي علائقن ۾ ننڍڙا فوجداري معاملا ھلائڻ شروع ڪيا آھن. ضروري ڪارروائي کان پوءِ، فيصلي جي فتويٰ منظوريءَ لاءِ مئجسٽريٽ ڏانھن موڪلي ويندي آھي. اھڙيءَ ريت ھلڪا ھلڪا ديواني مقدما بہ مشيرن جي مدد سان ڪاردار طئي ڪن ٿا. ۽ اھي فوجداري مقدمن جيان منظوريءَ لاءِ مئسجٽريٽ ڏانھن موڪليا وڃن ٿا. جيتري قدر حالتون راءِ جي اظھار جي اجازت ڏين ٿيون، تہ فقط ايترو ئي چئي سگھجي ٿو، تہ ٿر جي ماڻھن جي سماجي حالتن ۽ موجوده ضرورتن مطابق، رائج عدالتي طريقو ڏاڍو ڪامياب وڃي رھيو آھي. اھم ڳالھھ اھا بہ آھي، تہ خود ھتان جا ماڻھو بہ ھن سرشتي مان خوش آھن..[1]
پاڪستان جي قيام کانپوءِ
[سنواريو]خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: ٿر ۽ پارڪر جو احوال;مصنف:ايس اين رئڪس ;مترجم:ڊاڪٽر نواز علي شوق؛ايڊيشن: ٻيون 2007ع؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو