سنڌ براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌي نشرياتي ادارو (انگريزي ٻولي: Sindh Broadcasting Corporation)[1] يا ايس بي سي سنڌ[2]، سنڌ جي ماڻھن کي مختلف خبرن ۽ مسئلن کان آگاھ ڪرڻ لاءِ فيس بڪ تي جوڙيل ھڪ صفحي جو نالو آھي، جنھن کي محدود وقت ۾ توقع کان وڌيڪ مڃتا ملي، فيس بڪ تي ايس بي سي سنڌ نالي پيج 2014ع تي جوڙيو ويو، جڏھن ان لاءِ ھي ويبسائيٽ 2018 جي ڊسمبر ۾ جوڙي وئي.

اداري جي مطابق ايس بي سي سنڌ ڪنھن ھڪ ماڻھو جي ملڪيت يا سوچ جو نالو ناھي، ايس بي سي سنڌ ۾ سنڌ جا ڪيترائي ڏاھا، سياسي ڪارڪن، اديب، تعليمدان لائيوو ٿيندا رھن ٿا. هِنن جي پاليسي آھي تہ ماڻھن کي ھر مسئلي تي ڳالھائڻ جي اجازت ھجي، ھر مڪتبہ فڪر جو ماڻھو پنھنجا خيال پيش ڪري، اھو قوم پرست ھجي يا وفاقي خيالن جو، مذھبي ماڻھو ھجي يا صوفي ۽ سيڪيولر، ايس بي سي سنڌ انھن جي لاءِ ھر وقت کليل پليٽفار طور انھن کي موقعو فرھام ڪندي آھي تہ مثبت خيالن سان اھي پنھنجا رايا عوام اڳيان رکن.

ايليمينٽري اسڪول[سنواريو]



حوالا[سنواريو]

  1. "SBC Sindh — سنڌي نشرياتي ادارو". SBC Sindh. حاصل ڪيل 2019-01-07. 
  2. "SBC Sindh". www.facebook.com. حاصل ڪيل 2019-01-07.