سنڌ آدم شماري مانيٽرنگ ڪاميٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ آدم شماري مانيٽرنگ ڪاميٽي

وجود - سنڌ آدم شماري مانيٽرنگ ڪاميٽي جو وجود 06 فيبروري 2016 تي حيدر منزل ڪراچي ۾ وڌو ويو. ان اجلاس جي ميزباني سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ڪري رهي هئي.

بنيادي معلومات - حيدر منزل تي ٿيندڙ هن اجلاس ۾ بنيادي طور هييٺ ڏنل مؤقف رکيو ويو؛ حيدر منزل ڪراچي تي سنڌ جي سڀني سياسي، سماجي، علمي، ادبي تنظيمن ۽ شخصيتن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مارچ 2016ع ۾ ٿيندڙ آدمشماري تي تفصيلي غور ويچار ڪري گڏيل طور هيٺيون موقف اختيار ڪيو ويو آهي.

1. آئيني طور ملڪ اندر ڇهين آدمشماري 2008ع ٿيڻي هئي، جيڪا حڪمرانن جي نااهلي ۽ خاص سوچ طرفان رڪاوٽون وجهڻ سبب نه ٿي. اڄ 2016ع آهي، وفاقي حڪومت طرفان مارچ ۾ گهرشماري ۽ آدمشماري جو فيصلو ڪيو ويو آهي. معلومات مطابق آدمشماري ڪرائڻ جون گهرجون مڪمل نظر نه اچي رهيون آهن، جنهن جي ڪري آدمشماري ملتوي ڪرڻ جا خدشا موجود آهن.اڄوڪي هي اجلاس گهر ٿو ڪري ته مقرر وقت تي شفاف بنيادن تي آدمشماري ڪرائي وڃي.

2. اڄوڪو اجلاس هن ڳالهه تي متفق آهي ته ڪنهن به صورت ۾ گروٿ ريٽ ڪلڪيوليشن وارو فارمولو قبول نه هوندو. ڇو ته پنجاب، سنڌ، خيبر پختون خواهه ۽ بلوچستان ۾ پاپوليشن گروٿ ۾ واضح ۽ وڏو فرق آهي. ان ڪري ملڪ اندر فزيڪل آدمشماري ڪرائڻ ضروري آهي.

3. سنڌ ۾ لکين غير ملڪي (Aliens) رهائش پذير آهن. سنڌ واسين جي مطالبن باوجود انهن کي مهاجر ڪيمپن تائين نه رکيو ويو آهي، جنهن تي اسان کي افسوس آهي ۽ خدشو آهي ته انهن کي هن آدمشماري ۾ ڳڻيو ويندو. هي اجلاس پرزور گهر ٿو ڪري ته سنڌ ۾ موجود غير ملڪين کي (Aliens) جي ڌار لسٽ ۾ ڳڻيو وڃي.

4. اڄوڪي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته 15 فيبروري تاريخ کان آدمشماري بابت سنڌ جي عوام کي آگاهي ڏيڻ لاءِ ۽ سنڌ جي عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ (ته جيئن هو ٿيندڙ آدمشماري ۾ پنهنجي خاندان جي داخلا ڪرائي). رابطا مهم هلائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي.

5. اجلاس ۾ هي به فيصلو ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ آدمشماري ڪندڙ عملي سان ڀرپور تعاون ڪيو ويندو. آدمشماري ۾ ٿيندڙ ڌانڌلين کي ڪنهن به قيمت تي برداشت نه ڪيو ويندو.

6. گهرشماري لاءِ 15 ڏينهن ۽ آدمشماري لاءِ 30 ڏينهن جو مدو رکيو وڃي. ڇو ته سنڌ جو عوام وسيع ۽ الڳ الڳ علائقن ۾ رهائش پذير آهي. ٽن ڏينهن ۾ گهرشماري ڪرڻ ۽ 15 ڏينهن ۾ آدمشماري ڪرائڻ ممڪن نه آهي.

7. اڄوڪي اجلاس ۾ سمورين پارٽين، تنظيمن ۽ شخصيتن تي مشتمل سنڌ ۾ ٿيندڙ آدمشماري جي نگراني لاءِ سنڌ آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

8. اڄوڪو اجلاس وفاق طرفان آصف باجوه جي اڳواڻي ۾جوڙيل بيورو آف اسٽيٽڪس تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري ٿو، ڇو ته هن ۾ پنج ئي ميمبر هڪ صوبي پنجاب سان تعلق رکن ٿا ۽ ٽن صوبن سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختون خواهه جي نمائندگي موجود نه آهي.

9. اجلاس اعتماد ڪندي، ايم پي ايز مهتاب اڪبر راشدي ۽ حاجي شفيع ڄاموٽ تي مشتمل ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا آدمشماري جي حساس مسئلي تي وزيراعليٰ سنڌ ۽ ٻين اسيمبلي جي ميمبر جماعتن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ۽ ان تي زور ڏيندي ته سنڌ حڪومت پنهنجو صحيح ڪردار ادا ڪري. ۽ قومي اڳواڻن سميت سنڌ ۾ مستقل رهندڙ آباد رهندڙ ماڻهن کي اپيل ٿي ڪجي ته هـُو ٿيندڙ آدمشماري ۾ ٻولي جي خاني ۾ سنڌي لکرائين ته جيئن يڪجهتي جو عملي اظهار ٿي سگهي.

سربراهي - هن ڪاميٽي جو سربراھ سيد جلال محمود شاھ کي ڪيو ويو.

شامل تنظيمون - سنڌ آدم شماري مانيٽرنگ ڪاميٽي ۾ هيٺ ڏنل تنظيمون شامل ٿيون

1. سنڌ يونائيٽڊ پارٽي

2. مسلم ليگ فنڪشنل

3. جيئي سنڌ قومي محاذ

4. جيئي سنڌ محاذ

5. جيئي سنڌ تحريڪٿ

6. جمعيت العلماءِ اسلام سنڌ