سنڌي ٻولي، سماج ۽ اطلاعت ٽيڪنيڀياس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

هن مضمون جو مقصد هر سنڌ واسيءَ کي ڪمپيوٽر Computer ايجاد ٿيڻ بعد پيدا ٿيل عالمي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ تي ٿيندڙ ڪمن بابت آگاهه ڪرڻ آهي. اميد ڪجي ٿي ته هر سنڌي هن معاملي ۾ دلچسپي وٺندي ڳڻپيوڪر کي پنهنجي عملي زندگيءَ جو حصو بڻائيندو. ڪجهه سال اڳ هٿ آيل ڪنهن ڪتاب تان ڦاٽي ويل پني تي ٻوليءَ جي وصف هن ريت پڙهي هيم ته: ”انساني ٻولي پاڻمرادو قبول ڪيل ۽ ادا ٿيل آوازي علامتن جي اهڙي تنظيم آهي، جنهن کي فرد پنهنجي سماج ۾ حال ونڊڻ ۽ گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻيندا آهن، يعني آوازن کي ترتيب، ڪيفيت، مقصد ۽ ڪارج جي چٽائي هئڻ لازمي آهي مادري زبان: ماءُ ٻولي، ان ۾ وڏو رشتو ڌرتيءَ جي ڳانڍاپي يا ناتي جو آهي. مادري زبان ڄمڻ کان وٺي ٻار جي ڪن تي پوي ٿي ۽ هن جي سکيا جو وسيلو بڻجي ٿي، هو ان کان شعوري توڙي لاشعوري طور تي متاثر ٿئي ٿو، سمجهي ٿو ۽ سوچي ٿو، ان ڪري خيالن جي اظهار جو وسيلو پڻ اها ئي زبان بڻجي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هر انسان مادري ٻوليءَ سان فطري محبت ۽ انس رکي ٿو. بنيادي سکيا جو وسيلو هئڻ ڪري نئين سکيا پڻ ان سان لاڳاپيل ٿي ٿِي، يعني ”ڄاتل کان اڻ ڄاتل ڏانهن هلڻ“ واري سکيا واري بنيادي اصول هيٺ مادري زبان ذريعي سکيا حاصل ڪئي ويندي آهي، جيترو سولائيءَ سان مادري زبان ۾ سمجهي سگهجي ٿو، اوترو ڌاري زبان ۾ سکڻ مشڪل آهي. خيالن جي مٽا سٽا ۽ ڀرپور انداز ۾ اظهار فقط مادري زبان ۾ ئي ٿي سگهي ٿو.“ ٻوليون، انهن سان درپيش مسئلا ۽ ڳڻپيوڪر سائنس: ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ٻولي رابطي جو ئي ٻيو نالو آهي، دنيا جي ٻولي دانن وٽ ان حوالي سان مختلف بحث ڇڙيل نظر اچن ٿا، ”هر اها ٻولي مظبوط آهي، جنهن کي رابطي لاءِ وڌ کان وڌ استعمال ڪيو پيو وڃي... هن وقت ڌرتيءَ تي لڳ ڀڳ 7200 ٻوليون ڳالهائيون پيون وڃن، جيڪو هڪ خاصو تعداد آهي، پر ڏکوئيندڙ حقيقت اها آهي ته ڏينهون ڏينهن وڌندڙ تعداد سان ٻوليون سردپڻي جو شڪار ٿينديون پيون وڃن. اندازي موجب صرف 25 سالن اندر 500 ٻوليون بلڪل سرد ٿي چڪيون هونديون ۽ هن صديءَ جي آخر تائين دنيا جون اڌ کان وڌيڪ ٻوليون متاثر ٿينديون.... اهو ان ڪري ته وڏين ٻولين جهڙوڪ انگريزي، اسپيني ۽ عربي وغيره تعليمي ۽ معاشي فائدا پهچائن ٿيون، جيڪا خاصيت ننڍين ٻولين ۾ گهٽ آهي...، جڏهن توهان هڪ انساني ٻولي وڃايو ٿا ته اوهان اهو پڻ وڃايو ٿا ته اها ٻولي ڪيئن اڀري ۽ جڙي، اهو ڪو معمولي مسئلو نه آهي، ڇو ته اڄ سائنس جنهن نتيجي تي پهتي آهي ته ”انساني ذهن ڪيئن ٿو ڪم ڪري“، ان بابت مڪمل ڄاڻ اسان کي ”ٻولي ڪيئن ٿي ڪم ڪري“ مان پوي ٿي.... اسان ٿي سگهي انساني تاريخ به وڃائي ويهون ڇو ته اهي ٻوليون هزارين لکين سالن جي تبديلين ۽ ثقافتي تجربن جو نتيجو آهن. هر اها ڳالهه جيڪا ان زبان ۾ چئي وئي، سمجهي وئي، ايجاد ڪئي وئي پڻ ختم ٿي ويندي، ان ڪري اسان بري طرح سان انسانن جي ثقافت ۽ خاصيت کي وساري ويهنداسين“ اهڙن ذهنن جو ئي نتيجو آهي جو هو اڄ ڳڻپيوڪر ٽيڪنيڀياس (Technology) کي هر عام توڙي خاص انسان لاءِ لاڀائتو بڻائڻ گهرن ٿا، هو چاهين ٿا ته هن دنيا ۾ ثقافتن جا رنگ ائين ئي ڀريل هجن جيئن هڪ باغ ۾ مختلف قسمن جا گل ٻوٽا باغ کي باغ جو نالو ڏين ٿا. هو مطالبو ڪن ٿا ته انساني رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافت جي بچاءَ تي ان کان وڌيڪ ڌيان گهربل آهي جيترو دنيا جا همدرد وائيلڊ لائيف جي جانورن بچاءَ تي ڏئي رهيا آهن. ٻولين جي تاريخ تي مٿاڇري نظر وجهڻ سان معلوم پوندو ته ”فطرتي اصولن موجب هنن اندر زندگيءَ جي هر خاصيت سان گڏ موت جو پاڇو پڻ موجود رهي ٿو، ٻوليون ٻين ٻولين مان ڦٽن ٿيون، وڌن ويجهن ٿيون، پنهنجو پاڻ اندر حالتن تحت مسلسل تبديليءَ جي عمل مان گذرندي جوڀن ۽ وڏي تعداد ۾ علمي طاقت ماڻين ٿيون، ٻين ٻولين کي ذخيرو ڏين ۽ وٺن ٿيون، ڪڏهن ته ڄاول ٻوليون ٻين ٻولين کي جنم به ڏين ٿيون، اهڙي نموني هو پوڙهيون ٿين ٿيون، ۽ فنا ٿين ٿيون.“ ٻولي هڪ ئي وقت ڪنهن به قوم جي چيلهه جي هڏيءَ طور به سڃاتي ويندي آهي ته نسل در نسل، طبقي در طبقي، علائقي در علائقي رابطي جي واحد ڪڙي پڻ. دنيا اندر قومن جي سڃاڻپ جو گهڻو تڻو دارومدار ٻولين تي ئي رکيل آهي، جيڪڏهن اڄ ڪو ننڍي ٻوليءَ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي ته ان جو مطلب اهو نه آهي ته هو وڏين ٻولين سان سڌي ريت مقابلو ڪري رهيو آهي، پر ٻوليءَ کي عالمي ليول تي پذيرائي وٺرائڻ جو مطلب اهو آهي ته هر ٻوليءَ ۾ ڪجهه خاص هوندو آهي جيڪو ٻين ٻولين ۾ نه هوندو آهي، اهڙي ريت هو دنيا کي ٻڌائڻ چاهيندو آهي ته اسان وٽ انسانيت جو ورثو هن مخصوص صورت ۾ موجود آهي، ان بعد مادري زبان جي طاقت ور حيثيت وڏن وڏن دانشورن کي مجبور ڪري ٿي ته هو جيستائين ڪنهن به سماج کي ان جي مادري ٻوليءَ ۾ سکيا نه ٿا ڏين تيستائين ان مان سو سيڪڙو نتيجا ملڻ ناممڪن آهن، اهڙي ريت بغير وقت وڃائڻ جي جيڪڏهن ڪو پنهنجي گهر، ڳوٺ، علائقي توڙي ڏيهه ۾ علم جي روشني ڦهلائڻ گهري ٿو ته ان جو شروعاتي ۽ لازمي ذريعو مادري زبان ئي آهي. تاريخ جي هر ايجاد سان ٻولين جي بقاءَ واڌ ويجهه جي مسئلي کي سامهون رکندي ان ايجاد جون مخالفتون يا حميايتون ڪيون وينديون آهن، بحث مباحثا ڪيا ويندا آهن، عوامي شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ رستو هموار ڪيو ويندو آهي، ان عمل ۾ ڪنهن به قوم / سماج جو دانشور طبقو انتهائي اهم ڪردار ادا ڪندو آهي، هنن جو منطقي ڪردار اهو هوندو آهي ته ڪهڙي به طرح سان نون علمن کي پنهنجي سٻاجهڙي لوڪ تائين آسان فهم زبان ۾ سمجهائي پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪندا آهن، ۽ جنهن به سماج ۾ ان جو دانشور ۽ پڙهيل لکيل طبقو اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ کان محروم هوندو آهي ان سماج ۾ نوان علم تڏهن پهچندا آهن جڏهن اها نئين ايجاد يا علم ٻين سماجن ۾ بلڪل پراڻو ٿي چڪو هوندو آهي ۽ ان جو نقصان اهو ٿيندو آهي جو استحالي قوتون پنهنجا واپاري مفاد حاصل ڪرڻ خاطر ان سماج کي صرف ۽ صرف مارڪيٽ طور تي استعمال ڪندا آهن، ۽ هنن کي کليل ڇوٽ هوندي آهي ته هو جاهل سماج کي ڦرن ۽ لٽن. ۽ ان علم يا ايجاد کي صرف پنهنجي واپاري مفادن تحت اڳتي وڌائين. جڏهن به ڪا نئين سائنسي ايجاد ٿيندي آهي يا نئون علم منظر تي ايندو آهي ته سماج جي پڙهيل لکيل ۽ دانشور طبقي کي ان بابت ٻين کان اڳ ۾ معلومات ملندي آهي، پر جيڪڏهن اهڙن فردن وٽ پنهنجي سٻاجهڙي لوڪن سان دلي همدردي هوندي آهي ته هو فوراً ان علم کي پنهنجي آسان فهم زبان ۾ ترجمو ڪري عوامي ٻوليءَ ۾ نوان لفظ ۽ اصطلاح ايجاد ڪري اڳتي وڌائيندو آهي، انهن سببن ڪري جو اهڙي سماج جي فرد کي مادري زبان تي عبور هجي ٿو ته هو ٻئي زبانون به آسانيءَ سان سکي سگهي ٿو، ۽ صحيح نموني سا هو هڪ اهڙو مڪمل انسان بڻجي ٿو جيڪو هڪ ئي وقت دنيا جي مختلف انسانن جي رهڻي ڪهڻيءَ کي پرکي سگهي ٿو، اهڙي طريقي سان نه ته ٻوليءَ جو بگاڙ ٿيندو آهي نه ئي عوامي ٻوليءَ تي ڌاري ٻوليءَ جي غير منصفاڻي يلگار کي موقعو ملندو آهي پر اهو سماج سڌيءَ ريت علم ۽ دانش جي ڪرڻن مان فيضياب ٿيندو رهندو آهي، ان جو شعور پختو ٿيندو رهندو آهي، ۽ تاريخ ثابت ڪندي آهي ته موقعو ملڻ تي اهڙي قسم جو سماج دنيا جو ترقي يافته سماج ليکيو ويندو آهي. پر ان جي ابتڙ جمود طاري ٿيل سماج جا دانشور پنهنجو ڪردار صحيح نموني سان ادا نه ڪندا آهن جنهن ڪري اهڙيون قومون وقت جي تيز رفتاريءَ سبب ڏيهون ڏينهن غلاميءَ طرف ڌڪبيون وينديون آهن. اڄ اسان وٽ هندي زبان جو مثال اڳيان آهي، چيني ۽ بنگالي زبانون به اسان کان ڳجهيون نه آهن، دنيا جي وڏن سيٽ لائيٽ چئنلن ۾ شمار ڪيا ويندڙ ۽ سائنسي علمن کي اوليت ڏيندڙ نيشنل جاگرافڪ، ڊسڪوري ۽ اينيمل پلينيٽ توڙي هسٽري جهڙا وڏا چينل ڪو به پروگرام انگريزيءَ ۾ نشر ڪن ٿا ته اتي جا دانشور ان پروگرام (ڀلي کڻي اهو اسپيس سائنس، جينياتي سائنس، ڳڻپيوڪر سائنس يا فلسفي يا تاريخ جهڙن ڏکين موضوعن تي مشتمل ڇو نه هجي) کي ان وقت ئي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪن ٿا، اهڙي طرح نوان لفظ، نوان محاورا ۽ اصطلاح ايجاد ٿيندا رهن ٿا، انهن جي ٻولي پڻ وڌندي ويجهندي رهي ٿي ۽ گڏو گڏ اهڙا سماج مثبت نموني سان هر نئين ايجاد کي قبولين ٿا، انهن مان فائدو حاصل ڪن ٿا. ان جي ابتڙ اسان جي دانشورن جو ڪردار انتهائي شرم جوڳو نظر اچي ٿو، هي سٽون لکندي دل ۾ ته اچي ٿو ته ڪاش ان لفظ کان وڌيڪ ڪا خطرناڪ مهذب هجڻ جي باوجود غير مهذب گار ڏئي سگهان هان. اسان جا علمي ادبي ادارا، اسان جون درسگاهون، اسان جا سياست دان... ڪنهن ڪنهن کي ۽ ڇا ڇا چئجي...! جتي وڏا وڏا آڙيڪاپ پرائمري تعليم کي صرف مادري زبان ۾ ئي محدود رکڻ لاءِ دليل بازي ڪري رهيا آهن اتي سندن پنهنجا ٻار هڪ ئي وقت ٻن يا ٽن ٻولين ۾ پرائمريءَ جي شروعات ڪن ٿا، ۽ سندن اولاد کي ٻاهرين ملڪن مان پڙهائي پوري ڪرڻ شرط سنڌي سماج مٿان اعليٰ ڪرسيءَ ذريعي ٿاڦيو وڃي ٿو. ۽ نتيجو اهو نڪري ٿو جو ٻاهران پڙهي آيل برگر فيمليز جي ٻارن کي هن پٺ تي پيل سماج ۾ ڪابه دلچسپي نه ٿي رهي هنن جي نظر ۾ هي هاري ناري صرف ڪيڙا مڪوڙا آهن. اڄ اهڙي طبقي تعليم کي صرف پنهنجي ميراث سمجهي رکيو آهي، غور ڪرڻ سان خبر پوندي ته انهن نام نهاد دانشورن ۽ هزارين سالن کان مذهبي توڙي سماجي علمن کي عام ماڻهوءَ لاءِ ممنوع قرار ڏيندندڙن مذهبي عالمن ۽ پنڊتن ۾ ڪو به فرق نظر نه ٿو اچي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏيون ڳلي ڦاڙ تقريرون ڪندڙن جو حال اهو آهي ته هو ڳڻپيوڪر کي ٻارن جو رانديڪو سمجهن ٿا، انٽرنيٽ جي شد مد سان مخالفت ڪن ٿا، هو هزارين رپيا خريد ڪري پاڻ ته ڪتاب خريد ڪن ٿا، پنهنجن ٻارن کي پڙهائين ٿا، پر هو نه ٿا چاهين ته انٽرنيٽ جهڙي عالمي ميڊيا مان ڪو غريب جو ٻار به پنج اکر سکي، ٿي سگهي هن سستي ذريعي جي ڪري سندس زندگي روشن ٿي پوي. انتهائي افسوس جو مقام اهو آهي ته سنڌيءَ کي ڳڻپيوڪر تي اچڻ کي 25 سال گذري چڪا آهن پر ابتدائي تعليم جي ادارن کان وٺي سنڌ يونيورسٽيءَ (افسوس صد افسوس) تائين جي تعليمي ادارن ۾ هن وقت تائين سنڌيءَ جا اڪثر امتحاني سوال پرچا قلم سان لکيا وڃن ٿا، جن ۾ بي شمار پروف جون غلطيون موجود هجن ٿيون. جتي سنڌ يونيورسٽيءَ جو حال اهو هجي جتي اڻ ڳڻيا بگهڙ پاڻ کي دانشور سڏائين ٿا ته باقي ڪهڙيون شيون ڳجهيون رهن ٿيون. اهڙي نام نهاد دانشور طبقي جي ڪهڙي فرد کي خبر نه آهي ته هي انفارميشن ٽيڪنالاجي جو زمانو آهي، بلڪل اهڙي طرح ئي جيئن هن کان اڳ پٿر، لوهه، ٽامي، زراعت ۽ صنعتن جا دور گذريا آهن ۽ ائين ئي جيئن مستقبل ۾ اسپيس (خلا) ۽ جينياتي سائنس جو زمانو هوندو. ۽ هر دور ۾ اهي تهذيبون ئي ڪامياب رهن ٿيون جيڪي وقت سان گڏ هلن ٿيون، نين ايجادن تي ڪم ڪن ٿيون. ڇو ته رابطو يا ڳانڍاپو هڪ اهڙو عمل آهي جنهن ذريعي انسان ٻين انسانن کان سکي/متاثر ٿي يا سبق پرائي نئين سوچن، نون خوابن ۽ خيالن کي عملي جامو پهرائي هن مقام تي پهتو آهي، اڄ اسان جنهن تاريخي دور مان گذري رهيا آهيون ان اسان جهڙي معاشري لاءِ بي شمار للڪارون سامهون ڪيون آهن، مٿان وري ستم اهو ته اسان وٽ اهڙي قسم جو ڪو به ادارو يا تنظيم نه آهي جيڪا ان حوالي سان عام ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪري ته وقت سان گڏ هلڻ ئي بقاءَ جو راز آهي. انساني زندگيءَ جي رهڻي ڪهڻيءَ جي هر پهلوءَ تي اونها اثر ڇڏيندڙ اطلاعت ٽيڪنيڀياس (انفارميشن ٽيڪنالاجي) جي فڪر کان سنڌ جي هڪ عام ماڻهوءَ کي آگاهه ڪري ان کي عملي طور هن ٽيڪنالاجي جو استعماليندڙ بڻائي. هن جو اهو شعور جاڳائي ته اڄ اها تهذيب ئي جياپي جي جنگ ۾ سرخرو ٿي سگهي ٿي جنهن وٽ علم جو هٿيار ۽ ٽيڪنيڀياس جو رستو آهي. ٻين تهذيبن سان رابطن جي بحالي ڪنهن به تهذيب جي منزل لاءِ هڪ سنگ ميل هوندي آهي. اسان وٽ انٽرنيٽ ڪا بلڪل نئين شَي نه رهي آهي، ان جي افاديت پڻ ڪنهن کان ڳجهي ناهي، گلوبل وليج جي اصطلاحن ۽ مفهوم مان ڪير واقف ناهي، پر بيحد افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جو ساڃاهوند طبقو ان کي نظر انداز ڪري رهيو آهي، هي طبقو صرف پنهنجي ذاتي مفادن تي ئي وٺ پڪڙ ۾ پورو آهي، دانش نالي عنصر هنن مان موڪلائيندو پيو وڃي، اهڙيءَ ريت نئين نسل توڙي موجوده قوم کي ڏيڻ لاءِ هنن وٽ لاءِ ڪو پروگرام نه آهي ۽ نتيجي طور تي سنڌي سماج ٽيڻي غلاميءَ جي ڌٻڻ ڦاٿل ۽ بي يار مددگار نظر اچي ٿو. اڄ ان ڳالهه جي اشد ضرورت آهي ته ان ڳالهه جي ڀرپور مهم هلائي وڃي، ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو وڃي، ته ٽيڪنيڀياس خاص ڪري ڳڻپيوڪر ٽيڪنيڀياس بيحد سستو ٿي چڪو آهي، ڏور ڏيک (TV)، مقناويک (VCR)، سَٿيل ڊسڪ (CD) پليئر، ڪيبل ٽي وي جي گڏيل قيمت 15000 رپيا ٿي ٿِي جڏهن ته اڄ هڪ مناسب ۽ گهريلو استعمال جوڳي ڳڻپيوڪر جي قيمت صرف 4000 رپيا آهي، ها صرف چار هزار رپيا... مطلب ته هڪ ٽي ويءَ جي قيمت جي اڌ جيتري، جنهن ۾ مٿي ذڪر ڪيل سموريون سهولتون جهڙوڪ ٽي وي، وي سي آر، سي ڊي پليئر جون سهولتون پڻ موجود هجن ٿيون، جڏهن ته اهم ڳالهه اها آهي ته ڪو به بي روزگار شخص گهر ويٺي 30 رپين جي سکيا جي سي ڊي خريد ڪري عالمي معيارن موجب ڪو به پروگرام سکي سگهي ٿو. ان سکيا جو عالمي مارڪيٽ ۾ قدر آهي، اهڙي سکيا ڪنهن ڳڻپيوڪر مرڪز تان حاصل ڪيل سکيا کان وڌيڪ فرسٽ هينڊ هوندي آهي، ضرورت پوڻ تي ان جي ڪنهن به سبق کي وري وري دهرائي سگهجي ٿو. ۽ اها ڳالهه اسان جي اڳيان ناممڪنات ۾ شامل آهي ته ڪو به ڳڻپيوڪر ڄاڻندڙ بي روزگار رهي....! ڇاڪاڻ ته هڪ اندازي موجب صرف ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ روزانو سوين نوڪريون ڳڻپيوڪر جي ڄاڻ رکندڙن لاءِ پيدا ٿين ٿيون. ٻي دنيا جا انگ اکر به ڳجها نه آهن، صرف نيو يارڪ شهر ۾ هر روز 30000 ڳڻپيوڪر ماهرن جي ضرورت پوي ٿي. وسيع نظر سان ڏسجي ته ڳڻپيوڪر ئي هڪ اهڙي شي آهي جنهن تحت اسان سماج اندر بغير ڪو گهڻو پئسو خرچ ڪرڻ جي تعليم جي کوٽ کي پورو ڪري سگهون ٿا، قوم کي نون علمن کان آگاهه ڪري انهن جي شعور کي مضبوط ڪري سگهون ٿا. منهنجي نظر ۾ اڄ جيڪڏهن اسان چئن ضرورتن کي پورو ڪرڻ جو پڪو احد ڪريون ٿا ته اسان پنهنجي ڌرتيءَ، سنڌوءَ جي بوند بوند، ۽ سٻاجهڙي لوڪ جي قرض جو گهڻو حصو لاهي ڇڏينداسين. ايئن ڪرڻ سان اسان سنڌي قوم جي ڪمزور جسم ۾ نئون روح ڦوڪڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

  1. سنڌي عوام کي سائنسي علمن خاص ڪري ڳڻپيوڪر ٽيڪنيڀياس ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ، مذاڪرا ڪرائڻ، ڳڻپيوڪر ادارا کولڻ کان وٺي ٽي وي نه ڳڻپيوڪر وٺو جهڙن نعرن کي عام ڪجي. ان سلسلي ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي ڳڻپيوڪر ماهرن ۽ سنڌوءَ سان چاهه رکندڙ فردن/ادارن جهڙوڪ: پريس ۽ اشاعتي ادارا، دانشور، اديب، شاعر، تاريخدان، انفارميشن ٽيڪنالاجي ادارا، تعليمي ادارا، هاري، زميندار، تاجر، ڪتاب گهر، لائبريريون، هٿ جي هنر سان لاڳاپيل ادارا/ فرد، اُپگرهِي چينل، ريڊيو، ٽي وي ۽ مختلف ميدانن ۾ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيمن يعني اين جي اوز ۽ ٻين سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن ڏانهن هن قسم جي ڪوٺ موڪلجي جنهن ۾ کين تعاون ڪرڻ جي اپيل ڪئي وڃي.
  2. ڪجهه جامع ويب سائيٽن جو ڄار وڇائڻ جن ۾ وڌ کان وڌ سنڌي ڪتابن کي انٽرنيٽ تي آڻڻ کان وٺي نون ڪتابن جا ترجما ڪري انٽرنيٽ تي آڻيندي هڪ وسيع پبلڪ سنڌي لائبريريءَ جو بنياد وجهجي مطلب ته هن خطي ۽ خطي جي ماڻهن سان لاڳاپيل هر شي کي عددائي (Digitize) انٽرنيٽ ۽ سافٽ ويئر ٽيڪنيڀياس ذريعي مارڪيٽ ۾ آڻيون ته جيئن هڪ وڏو خال ڀرجي سگهي. ايئن ڪرڻ سان نه صرف اسان پنهنجي نوجوان ۽ بيروزگار طبقي کي روشن مستقبل جي راهه تي آڻڻ ۾ مدد ڪنداسين پر سياسي توڙي سماجي حالتن سبب وڇڙي ويل سنڌين کي ٻيهر هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي انهن جون تخليقي صلاحيتون اجاڳر ڪرڻ کان سواءِ نئين نسل جي انٽرنيٽ سان واڳيل ناڪاري رجحانن کي ٻنجو ڏيڻ ۽ (ٽيڪنالاجي اچڻ سبب) سنڌي ادب پڙهندڙن جي گهٽجندڙ انگ کي وڌائيندي ساڳئي عروج تي پهچائڻ جهڙا مقصد پڻ حاصل ٿيندا، اسان کي مڪمل ڀروسو آهي ته هن قسم جون لائبريريون سنڌي ٻوليءَ جي سائنسي ترقيءَ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪنديون، جن جو پهريون ڪم موجوده ڇپجندڙ مواد کي ڊجيٽلائيز ڪري لائبريريءَ جو حصو بڻائڻ هجڻ گهرجي، جهڙوڪ: ادب، تنقيد، فلسفو، تحقيق ۽ تخليق ۾ نروار ٿيندڙ جديد لاڙن تي مشتمل مواد مڪمل ڪتاب، ڪهاڻيون، رسالا، ڳڻپيوڪر لٽريچر، سائنس، مذهب، ثقافت، شاعري، تاريخ، فلسفو، آتم ڪٿا، انٽرويو، خط، سفرناما، شارٽ اسٽوري ۽ ناول سميت ٻارن ۽ عورتن جا ڪتاب ۽ مواد شامل ڪجي اهڙي طرح سان اسان ثقافت، ٻولي، ادب، سياحت، تعليم، موسيقي، فن ۽ علائقائي پراڊڪشن کي هٿي وٺرائي ان کي باقاعده ڳڻپيوڪر ۽ انٽرنيٽ جو حصو بڻائيندي عالمي طور تي ٽيڪنالاجي جي ڊوڙ ۾ پاڻ مڃائي سگهنداسين. ٻي پاسي عددي لائبريريءَ جو بنياد وجهڻ ۾ اسان ڪامياب ويا سين ته اهو اسان جي ايندڙ نسلن جي ايندڙ زمانن لاءِ هوندو، ڇاڪاڻ ته اهو عين ممڪن آهي ته اسان اهو مواد کڻڻ لاءِ ٻاڪاري رهيا آهيون جيڪو ٿي سگهي ٿو ته هڪ يا ٻن صدين اندر ختم ٿي وڃي، اسان ان کي ايندڙ نسلن تائين محفوظ ڪرڻ چاهيون ٿا.
  3. آن لائين بازار: علائقائي پيداوار جنهن ۾ هٿ جو هنر، زرعي شيون، ڪپڙا، مصوري، ڪتاب، موسيقي ۽ سافٽويئر توڙي ويب سائيٽ وغيره جي مارڪيٽنگ ڪرڻ يا انهن کي شروع ۾ پنهنجي دڪان تان وڪرو ڪرڻ جي شروعات ڪرڻ آهي، جنهن سان ان ڳالهه جو پختو يقين ظاهر ٿي ٿو ته هڪ عام ماڻهو به هن پراجيڪٽ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪري نئين روايتن کي جنم ڏيڻ لاءِ آماده ٿيندو. جيڪا شي يقيناً سنڌ ۽ سنڌ واسين جي مستقبل لاءِ سٺو سوڻ ثابت ٿي سگهي ٿي. ان کان سواءِ عالمي اشتهاري ادارن پاران ملندڙ اشتهارن مان بهترين آمدني ڪمائي سگهجي ٿي. جهڙوڪ گوگل يا ياهو توڙي ايم ايس اين جهڙيون ڪوٺيون ننڍين توڙي وڏين ويب سائيٽن کي آسان شرطن تي اشتهار ڇاپڻ لاءِ آماده ٿين ٿيون، هن قسم جا اشتهار جديد طريقي سان بغير ڪنهن ماڻهوءَ جي عمل دخل جي پاڻ مرادو لاڳاپيل ويب سائيٽ تي اچن ٿا، ۽ ڪو به ان اشتهار تي ڪلڪ ڪري ٿو يا ان اشتهار کي صرف کولي ٿو ته کيس ان بدلي ۾ مشتهر اداري پاران قيمت ادا ڪئي وڃي ٿي. ان کي اسان هن واضع مثال مان آسانيءَ سان سمجهي سگهون ٿا. مثال طور تي اوهان عورتن جي تعليم تي ڪا ويب سائيٽ ٺاهيو ٿا ته گوگل جو آٽو ميٽڪ ايڊ سسٽم صفحي تي موجود لفظن کي روبوٽ ذريعي پڙهي ٿو ته ڪهڙي موضوع تي هي مضمون لکيل آهي، ۽ ان بنياد تي موضوع سان لاڳاپيل اشتهار ويب سائيٽ تي پاڻ مرادو ڇپجندا رهن ٿا، نه صرف ايترو پر هر ڀيري صفحو کلڻ سان مختلف اشتهار ظاهر ٿين ٿا ۽ دنيا جي ڌار ڌار حصن ۾ ڌار ڌار قسم جا اشتهار پڙهندڙ کي ڏسڻ ۾ اچن ٿا، عورتن جي تعليم جي حوالي سان گگل جو پاڻ مرادو اشتهاري نظام اسان کي: عورتن جا حق، عورتن جا ڪاليج، عورتن جي صحت، ٻار جي صحت، خوبصورتي، نوڪرين جا موقعا، گهر ويٺي نوڪري، اسڪالرشپ ۽ آن لائين ڊگري حاصل ڪرڻ جهڙا بي شمار اشتهار اسان جي ويب سائيٽ تي ڇاپي ٿو، ان سان هر وقت اسان جي ويب سائيٽ گهمندڙ ڪو نه ڪو ماڻهو انهن اشتهارن کي کوليندو رهي ٿو ۽ ان جي بدلي ۾ اسان کي ڪافي پئسا ملن ٿا. ۽ نتيجي طور تي اسان نه صرف ٽيڪنيڀياس جو جديد علم حاصل ڪرڻ ۾ اڳڀرا رهنداسين پر اسان جون مالي ضرورتون پڻ پوريون ٿينديون رهنديون.
  4. چوٿون ۽ انتهائي اهم ڪم اهو آهي ته ڇڙوڇڙ ڳڻپيوڪر ماهرن کي گڏ ڪري، مختلف پراجيڪٽن تي ڪم ڪرائجي، سنڌ جا ٽيڪنيڪل تعليمي ادارا جهڙوڪ زيبسٽ وغيره غيرمعمولي صلاحيتون رکندڙ ڳڻپيوڪر ماهر پيدا ڪري رهيا آهن، انهن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو، اهڙي طرح هڪ عوامي اداري جي تشڪيل ڪئي وڃي جنهن تحت سنڌي ٻوليءَ جي پراجيڪٽن تي ڪم ڪرايو وڃي، هتي مان مڙني بنيادي پراجيڪٽن جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهندس. (انهن مان ڪجهه ٺهي چڪا آهن، ڪجهه تي اجتماعي طور تي ڪم ڪرڻ ۾ ئي اسان جي ترقي سمايل آهي). عربي خط (نسخ) هجڻ ڪري سنڌيءَ کي اها سهوليت موجود رهي آهي ته ان کي ڳڻپيوڪر تي اچڻ ۾ گهڻي ڏکيائي نه ٿي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اردوءَ (رياستي سرپرستي هجڻ باوجود) جي نسبت سنڌي گهڻو اڳ ڳڻپيوڪر تي آئي، ۽ نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به اداري اسان جي ڳڻپيوڪر ماهرن جو شروع ۾ ڪو به ساٿ نه ڏنو هو، اها هڪ الڳ حقيقت آهي ته اردوءَ لاءِ ڳڻپيوڪر تي ٿيندڙ ڪم تي ساليانو ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا، ان جي نسبت اسان جا سرڪاري ڪامورا/ادارا اڃا توڻي اوندهه ۾ ئي رهيل آهن. آئون انهن مڙني دوستن کي سلام پيش ڪريان ٿو جن مسلسل محنت جي نتيجي ۾ بغير ڪنهن سرپرستيءَ ۽ ذاتي مفادن جي سنڌيءَ کي ڳڻپيوڪر تي آڻڻ کان وٺي هن وقت هن عظيم ورثي کي عالمي ادارن ۾ رجسٽرڊ ڪرائڻ تائين سُکَ جي ننڊ نه ستا آهن.

اڄ اهڙن دوستن جي بدولت اسان هن ميدان ۾ پير ڄمائڻ جهڙا ٿيا آهيون. پر اتي ئي ڪجهه ڊنل ڊنل پڻ آهيون، ڇا اسان پنهنجي نئين نسل کي هن ٽيڪنالاجيءَ جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪنداسين؟ ڇا اسان ڪمپيوٽر ذريعي تعليم واري عمل کي هٿي وٺرائي سگهنداسين؟ ڇا اسان سنڌوءَ واسين کي عزت ڀريو مقام ڏيڻ ۾ ڪامياب وينداسين؟ ڇا اسان هن ڪم ۾ ڪٿي اڪيلا ته نه ٿي وينداسين؟ جڏهن ته جهڙي تيزيءَ سان ڳڻپيوڪر اچڻ ڪري روايتي تعليمي طريقا تبديل ٿي رهيا آهن انهن مان پڻ ان جي افاديت جو پتو پوي ٿو، اڄ پوري دنيا ۾ جيترو گهڻو پڙهيو، لکيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو اوترو اڳ ۾ نه هو، ذريعات (Media) جي وڌندڙ ڀرمار، هر طرف کان معلومات جا انبار اهو ظاهر ڪن ٿا ته اڄ جو انسان علم سان وڌيڪ چاهه رکي ٿو، پر علم جي ان روشنيءَ ۾ وڏو ڪردار ڳڻپيوڪر سائنس ادا ڪيو آهي، اڄ دنيا ۾ هر پڙهيل لکيل جي ڪوشش آهي ته هُو پين پني جي روايتي استعمال کي ڇڏي جوٽ ڀر ڳڻپيوڪر (Laptop Computer) ۽ ڳڻپيوڪري طريقا استعمال ڪري. ان جا ڪيترائي سائنسي سبب آهن، هڪ ته اها مڃيل سائنسي حقيقت آهي ته انساني ذهن ٻين مڙني انساني عضون کان تيز ڪم ڪري ٿو، سوچي ٿو، خيال پيدا ڪري ٿو، ٻئي پاسي هڪ ٽائيپسٽ وڌيڪ تيزيءَ سان انهن خيالن کي پني تي اتاري سگهي ٿو بنسبت قلم سان لکندڙ ليکڪ جي، اڄ جتي هڪ ٽائيپسٽ پورو پنو لکي ٿو اتي ساڳئي وقت ۾ قلم سان صرف اڌ صفحي کان به گهٽ لکي سگهجي ٿو. ان جو سبب اهو آهي ته قلم استعمال ڪرڻ وقت صرف ٻه يا ٽي آڱريون ڪم ڪن ٿيون جڏهن ته ٽائيپسٽ جون پوريون ڏهه ئي آڱريون ڦڙتيءَ سان ڪم ڪري اهڙي گوءِ کٽڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿيون. ان کان سواءِ جديد ٽيڪنيڀياس جي ڪري اسان کي اها سهولت ميسر آهي ته انسان صرف ڳالهائيندا وڃن ۽ ڳڻپيوڪر پاڻ سودو اهو سڀ ڪجهه سمجهي ڪري لکندو وڃي. مطلب ڪا عورت ٻار کي کير پياريندي ڪو به تخليقي ڪم ڪري سگهي ٿي. انتهائي خوشيءَ جو مقام آهي جو اسان جي ڪمپيوٽر ماهرن سنڌيءَ لاءِ پڻ اهڙا پروگرام ٺاهي ورتا آهن. ڪجهه اهڙن پروگرامن جو ذڪر هيٺ ڪيان ٿو. هن وقت تائين ٿيل ڪم: سنڌي ڳڻپيوڪر ماهرن جي بدولت اسان يونيڪوڊ ۽ آءِ ايس او وٽان رجسٽرڊ ٻولي آهيون جنهن ڪري عالمي معيارن موجب ويب سائيٽ ٺاهڻ (دنيا کي پنهنجو آواز ٻڌائڻ) جوڳا آهيون. هي سهوليتون اسان کي سال 2000ع ۾ مليون هيون پر وڏي پيماني تي عوامي جاڳرتا جي مهم نه هلائڻ ڪري ۽ ساڃاهوند طبقي جي عدم دلچسپيءَ باعث ان مان اهي نتيجا نه نڪتا آهن جن جي اسان کي اميد هئي. اهڙي نموني اسان جو انجنيئر طبقو مسلسل ڪم ڪندو رهي ٿو ۽ دانشور طبقي جي ڪن تي جونءِ به نه ٿي سُري. بهرحال صرف هن سال ٿيل ڪجهه ڪم منهنجي نظر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ انقلابي ڪم آهن.

  • لهاڻا ڀائرن پاران سنڌيءَ کان انگريزي
  • انگريزيءَ کان سنڌي ۽ انگريزيءَ کان انگريزيءَ ۾ ڊجيٽل ڊڪشنري(اهڙي قسم جو ڪم پاڪستان جي ٻي ڪنهن ٻوليءَ ۾ ناهي ٿيو) اسان جو مطالبو آهي ته آڪسفورڊ لغت سان گڏ هن بي ملهه رٿا کي پڻ سنڌي شاگردن ۾ تقسيم ڪيو وڃي
  • سنڌي ڳڻپيوڪاري Computing گروپ جو گھرڙياتي وايي Cell Phone تي سنڌي آڻڻ وارو ڪم
  • اياز شاهه ۽ سندس اداري جو سنڌي هِجي چڪاسيندڙ
  • سارٽنگ آرڊرڊ (الف بي وار ترتيب سان سنڌي)
  • ماجد ڀرڳڙي ۽ اياز شاهه طرفان ڌار ڌار پراڻي انپيج ۽ ايم ايس ورڊ مان يونيڪوڊ ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ ڪنورٽر ٺاهڻ
  • اردو ۽ علائقائي ٻولين جي ڳڻپيوڪاريءَ لاءِ قائم ڪيل اداري يو آر ايل ايس ڊي پي ۽ ماجد ڀرڳڙي جي گروپ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي آن لائن سنڌي لغت اياز شاهه، فهد ميمڻ، سنڌي ذريعات جي سڄڻن ۽ صحافي حلقي توڙي اخباري مالڪن جي وسيع نظريءَ جي نتيجي ۾ عوامي آواز بعد سنڌي ٻوليءَ جي ٻن وڏين اخبارن ڪاوش ۽ عبرت پاران يونيڪوڊ تي منتقل ٿيڻ
  • آفتاب احمد ٽالپر ۽ ڀائرن جو وائيس آف سنڌ ۽ زاهد ميراڻي ۽ ڀائرن جو سنڌي ڪتاب ڊاٽ ڪام/ نيٽ

جهڙا طاقت ور ادبي پراجيڪٽ شامل آهن. لهاڻا ڀائرن پاران سنڌي ٻوليءَ تي ٿيل تاريخي ڪم جنهن ۾ آواز کي لکجندڙ اکرن ۾ تبديل ڪرڻ (وائيس ٽه ٽيڪسٽ) وارو پراجيڪٽ، ڌار اسپيل چيڪر، ۽ ٻيون ڪيتريون ئي يوٽلٽيون ٺاهڻ شامل آهن. اشد ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مٿين منصوبن کي عام ماڻهوءَ تائين پهچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيو وڃي. ان بعد ڪجهه اهڙيون رٿائون پڻ آهن جن تي ڪم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي جهڙوڪ: اسان وٽ تمام گهڻي تعداد ۾ سنڌيءَ ۾ لکيل تاريخي ڪتاب موجود آهن، عالمي طور تي ٻولين جي بدلجندڙ صورتحال موجب ممڪن آهي ته ٻن يا ٽن صدين اندر اهڙو مواد ضايع ٿي وڃي، ڦاٽي يا ڳري سڙي وڃي، دنيا جي هر سڌريل قوم وانگر (ان جا ڪيترائي مثال اسان اڳيان آهن) اسان کي به گهرجي ته پنهنجي ادبي علمي ۽ تحقيقي توڙي تخليقي خزاني کي انٽرنيٽ تي منتقل ڪريون، ان ئي سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران پڻ اهڙي قسم جي رٿا شروع ڪئي وئي آهي، جيڪو هڪ بهتر قدم آهي، بهرحال لکن جي تعداد تي مشتمل صفحن جي مواد کي ٻيهر ڪمپوز ڪرڻ تي تمام گهڻو خرچ ايندو، وقت گهربو، گگل پاران ساڳئي ئي قسم جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي پر هنن ٽيڪنيڀياس ذريعي ان جو آسان حل ڳوليو آهي اهو آهي او سي آر،،،، ها او سي آر مطلب آپٽيڪل ڪريڪٽر ريڪگنيشن، ان ذريعي اوهان ڪنهن به ڪتاب کي اسڪينر (فوٽو اسٽيٽ جهڙي مشين جيڪا تصويرن کي ڳڻپيوڪر تي منتقل ڪندي آهي) ذريعي ڳڻپيوڪر تي منتقل ڪري تصوير بڻجي ويل اکرن کي ٻيهر تبديليءَ جوڳي فارميٽ ۾ آڻي سگهو ٿا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اوهان ڪو صفحو ڳڻپيوڪر کي ڏيکاريو ۽ ڳڻپيوڪر اهو صفحو پڙهي وٺي ۽ پڙهيل مواد کي ٻيهر لکي ڇڏي. هن تحت اوهان ڪنهن به صفحي کي سيڪنڊن اندر اسڪين ڪري اکري صورت ۾ آڻي سگهو ٿا، ايئن ڪرڻ سان اسان کي ٻيهر ڪمپوز ڪرڻ جي ضرورت باقي نه رهندي، اسان جو ڪافي پئسو ۽ وقت بچندو. نوٽ: اهڙي قسم جا ڪنورٽر ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ ٺهي چڪا آهن. ڳچ عرصي کان ڪجهه سنڌين جو خيال آهي ته سنڌيءَ کي ديوناگريءَ جيان روم لپيءَ ۾ به اچڻ گهرجي. سندن اهو مطالبو ڪيترو منطقي آهي يا درست آهي ان جي مون کي ڄاڻ نه آهي، ڇو ته ساڳئي وقت ان جي مخالفت ۾ پڻ ڪيترائي دليل پيش ڪيا وڃن ٿا. پر بحيثيت هڪ ڳڻپيوڪر پروگرامر جي منهنجي نظر ۾ اهو سڀ ڪجهه تمام آسان آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن واقعي ڪي اهڙا خاندان آهن جن مختلف وقتن ۾ مختلف سببن ڪري سنڌ ڌرتي تان لڏي وڃي دنيا جي ٻي ڪنڊ وسائي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ سان سندن چاهه هجڻ ڪري هو گهرن ۾ ته سنڌيءَ کي جيئرو رکيون ويٺا آهن پر سنڌي پڙهڻ سندن وس کان ٻاهر آهي، ان ڪري هو اسان جي عوامي آواز، ڪاوش ۽ عبرت اخبار پڙهي نه ٿا سگهن. ان ڪري انهن وٽ سواءِ رومن لپيءَ جي ٻيو ڪو حل موجود نه آهي ته هو پنهنجي جنم ڀوميءَ بابت خبرون چارون معلوم ڪري سگهن. ان ڏس ۾ ڳڻپيوڪر تي اهڙو ڪنورٽر/ ٽرانسليٽر ٺاهڻ ممڪن آهي جنهن سان ڪو به پڙهندڙ بٽڻ دٻائڻ سان ڪا به خبر رومن سنڌيءَ ۾ پڙهي سگهي. ڪو به انٽرنيٽ تي موجود سنڌي ڪتاب پڙهڻ چاهي ته صرف هڪ بٽڻ دٻائڻ سان هو اهو ڪتاب رومن ۾ پڙهي سگهي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جي ٻولي دانن کي ان سلسلي ۾ اڳتي اچڻ گهرجي جيڪي طئي ڪن ته ڪهڙي عالمي نشانيءَ کي ڪهڙي سنڌي اکر يا آواز جي جڳهه تي ڪم آڻجي ۽ اهڙي نموني ڪيئن سائنسي بنيادن تحت سنڌي ٻوليءَ کي آسان رومن ۾ ڪنورٽ ڪجي جيڪا ساڳئي وقت پڙهڻ ۾ تمام گهڻي ڏکي به نه هجي ۽ اڪثر سنڌي آوازن کي پڻ اهڙي فونيٽڪ الفابيٽ ذريعي ادا ڪري سگهجي. ان بعد هڪ اهڙو ٽرانسليٽر/ ڪنورٽر ٺاهڻ پڻ ممڪن آهي جنهن سان اسان دنيا جي ڪنهن به انگريزي ويب سائيٽ / آن لائن ڪتاب کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سگهجي، اهڙي سهولت دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين وٽ پهچي چڪي آهي، پر اسان وٽ ان سهولت جي شديد ضرورت / کوٽ آهي، جيڪڏهن اسان ائين ڪري ورتو سين ته هر اهو ماڻهو جيڪو انگريزي نه ٿو ڄاڻي يا گهٽ ڄاڻي ٿو، ڪنهن به قسم جي مواد کي خودڪار نظام تحت سيڪنڊن اندر سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري پڙهي سگهندو، ان جو فاعدو اسان جي علم ۽ ادب سان لاڳاپيل طبقي، جنهن ۾ سڀ کان پهرين شاگردن، صحافين، ريسرچ ادارن ۽ ڳڻپيوڪر ماهرن، محققن ۽ تخليقڪارن، عالمي ادب سان لاڳاپيل دانشورن، مطلب ته زندگيءَ جي مڙني شعبن سان لاڳاپيل سنڌين کي پوندو. ان بعد اهڙي ئي نموني جو ٻيو ڪنورٽر جنهن تحت اسان سنڌيءَ ۾ لکيل ڪو به مواد، ڪتاب، رسالو يا ويب سائيٽ هڪ بٽڻ دٻائڻ سان انگريزيءَ ۾ منتقل ڪري سگهون ٿا، لک پڙهه سان وابسطه فردن يا ادارن کي ئي ان جي اهميت جو اندازو هوندو، ائين ڪرڻ سان اسان سڄي دنيا سان اڻ ٽٽ رابطي ۾ رهندا سين، اسان جي ميڊيا ان مان ڀرپور فائدو حاصل ڪندي، آمريڪا ۾ ويٺل ڪو به انگريز/غير انگريز سنڌ جي حالتن جو سڌي طرح سان جائزو وٺي سگندو، سنڌ جو ادب ۽ هن وقت تائين ٿيل ڪم سيڪنڊن اندر انگريزيءَ ۾ منتقل ٿي پوري دنيا ۾ پکڙجي سگهي ٿو، عالمي تنظيمون ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙن ادارن کي سڌيءَ ريت هر قسم جي معلومات ملندي، ڪا به خبر ڪتاب يا مضمون هڪ ڪلڪ ڪرڻ تي انگريزيءَ ۾ منتقل ٿيو ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته انگريزيءَ کان دنيا جي ٻي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ هر ٻوليءَ وٽ ڌار ڌار ٽرانسليٽر موجود آهن ۽ ٻيو ته انگريزي دنيا جي هر علائقي ۾ سمجهي وڃي ٿي. اهڙي قسم جو ترجميڪار سنڌي ٻوليءَ ۾ هن وقت تائين ٿيل ڪيترن ئي لغات نويسيءَ جي ڪمن کان وڌيڪ طاقت ور هوندو. ڇا انٽرنيٽ کليل ميدان آهي، جتي اهو ئي ڪامياب آهي، جنهن وٽ علم ۽ سائنس جي طاقت آهي؟ 1996ع ۾ 82 سيڪڙو ماڻهو انگريزيءَ ۾ انٽرنيٽ هلائيندا هئا، انترنيٽ تي انگريزيءَ کي مليل شروعاتي موٽ جا ڪيترائي سبب آهن، هڪ ته ان جا شروعاتي استعماليندڙ اڪثر اتر آمريڪي هيا، ٻيو جن سائنسدانن ذاتي ڳڻپيوڪر ۽ انٽرنيٽ ايجاد ڪيا انهن آمريڪي اسٽيندرڊ ڪوڊ فار انفارميشن انٽرچينج (ASCII) جي بنياد تي اهي بنيادي ڪم ڪيا، جنهن تحت ڳڻپيوڪر تي ٻين ٻولين ۾ لک پڙهه يا رابطو يا ته گهڻو مشڪل هو يا وري بلڪل ناممڪن. ڳڻپيوڪر ۽ انٽرنيٽ جي هيءَ ٽيڪنيڀياس پنهنجي افاديت سبب وڏن ملڪن کان ننڍن ملڪن تائين، وڏن شهرن کان ننڍن ڳوٺن تائين تيزيءَ سان پکڙبي وئي، ۽ دنيا جي باشعور ماڻهن کي ان ڳالهه جو شدت سان احساس ٿيو ته ”اطلاعت ٽيڪنيڀياس پنهنجو ڀرپور ڪردار ايستائين ادا نه ٿي ڪري سگهي جيستائين عوام الناس (ماسز) ان کي استعمال نه ٿا ڪن، ۽ دنيا جي اڪثريت آباديءَ تي مشتمل انسان تيستائين ان کي استعمال نه ٿو ڪري سگهي جيستائين اها مادري/علائقائي ٻوليءَ ۾ منتقل نه ٿي ٿئي.“ انٽرنيٽ کي علائقائي ٻولين ۾ آڻڻ ۾ سڀ کان پهريون طاقت ور ڪردار مقامي خابرو ادارن ادا ڪيو، جنهن بعد شاگردن، ملڪ کان ٻاهر رهندڙن ۽ اديبن دانشورن ”مقامي ٻوليءَ تي مشتمل انٽرنيٽ“ کي اڳتي آڻڻ لاءِ مطالبا ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڌريون سامهون آيون، هڪ واپاري يا دڪاندار، ٻيو سماجي ثقافتي، سياسي ادارا، جنهن ڪري انٽرنيٽ تي مادري زبان استعمال ڪرڻ جو شعور پيدا ٿيو، ۽ اهڙي نموني ابلاغي ذريعن پاران انٽرنيٽ کي وڌ کان وڌ مقامي ٻولين ۾ استعمال ڪرڻ جي طاقت ور مهم هلائي وئي ان سان اهو فائدو پيو ته ڪنهن به ٻوليءَ سان لاڳاپيل ماڻهوءَ کي ان جي پسند جي ٻوليءَ ۾ مواد ملڻ لڳو، علم ادب، تحقيق تخليق، سائنس ۽ تاريخ جي موضوعن تي وڌ کان وڌ مواد انٽرنيٽ تي منتقل ڪيو ويو، ۽ ڏسندي ڏسندي دنيا جون وڏيون لائبريريون انٽرنيٽ تي منتقل ٿيڻ لڳيون. ٻين ٻولين جي انٽرنيٽ تي وڌندڙ استعمال سبب انگريزيءَ جي استعمال جي صورتحال 80 سيڪڙو کان گهٽجي 30 سيڪڙو تائين پهتي آهي. ان سان ”گلوبلائيزيشن ذريعي دنيا جي مڙني منڊين ۾ انگريزيءَ کي واحد واپاري ٻوليءَ طور خواب ڏسندڙن“ جو ڀرم ٽٽندو نظر اچي ٿو پر ساڳئي ئي وقت انٽرنيٽ جي ذريعي دنيا جي ساڃاهه وندن کي اهو موقعو پڻ مليو آهي ته هو پنهنجي ٻوليءَ کي اڳتي آڻن. هن عمل کي ساڃاهه وند ري-لوڪلائيزيشن جو نالو ڏين ٿا. جڏهن ته گھڻ قوميائي ڪوٺين ۽ عالمي واپاري پڻ پنهنجي منڊين کي دنيا ۾ وڌائڻ لاءِ هن عمل ۾ به ڀرپور حصو ورتو آهي، جهڙوڪ سي اين اين ۽ بي بي سي توڙي ايم ٽي وي پاران ڌار ڌار ملڪن ۾ پروگرامن کي اتان جا مختلف ثقافتي رنگ روپ ۽ علائقائي ٻولي استعماليندي پيش ڪيو ويو. اهڙي نموني تازي صورتحال اها آهي جو وڏين تنظيمن پنهنجي مارڪيٽ شيئر کي وڌائڻ خاطر ريلوڪلائيزيشن جي عمل ۾ حصو وٺندي پنهنجي مصنوعات کي علائقائي رنگ روپ ۾ پيش ڪرڻ شروع ڪيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو بي بي سي سميت دنيا جي ٻين واپاري/ابلاغي ادارن جون ويب سائيٽون هڪ ئي وقت مختلف ٻولين ۾ انٽرنيٽ تي موجود آهن. ساڳئي صورتحال انٽرنيٽ ۽ سافٽ ويئر مارڪيٽ سان پڻ درپيش آهي، ڇو ته ترقي پذير ملڪن ۾ انٽرنيٽ حيران ڪن حد تائين تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. صرف هندستان ۽ چين ۾ ئي نيٽ استعماليندڙن جو انگ 2 سالن اندر پنجاهه ڀيرا وڌيڪ رفتار سان وڌيو آهي. ان موقعي جو فاعدو حاصل ڪندي ويب جھانگُن (انٽرنيٽ جو بنيادي پروگرام جنهن تي ڪنهن به ٻوليءَ جي ويب سائيٽ کلندي آهي) ٺاهيندڙ پنهنجي سافٽويئر ۾ وڌ کان وڌ ٻولين جي سپورٽ ۽ نشانين جون سهوليتون ڏئي رهيا آهن. ۽ اهڙيءَ ريت ماڻهن جو انٽرنيٽ تي پنهنجي مادري ٻولين جي استعمال جو لاڙو ۽ ان جي ڳڻپيوڪري سکيا تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، ته جيئن هو پنهنجي ٻوليءَ ۾ لاڳاپيل ويب سائيٽ تائين پهچي سگهن، بحث مباحثي (نيٽ ڪچهرين) جا گروپ جوائن ڪري سگهن. جڏهن ته ٻئي پاسي هڪ اخبار يا ٽي وي چينل تي هڪ پروگرام کي صرف ٻن ٻولين ۾ نشر/ڇاپڻ لاءِ وڏو سرمائيو گهرجي ٿو پر هڪ ئي ويب سائيٽ کي مختلف ٻولين ۾ شايع ڪرڻ تي گهٽ پئسو ۽ خرچ اچي ٿو، فائدا پڻ تمام گهڻا ملن ٿا. اهڙي نموني انٽرنيٽ هڪ پاسي گھڻ قوميائي ڪوٺين ۽ عالمي واپاري / استحصالي ادارن کي هٿي وٺائي رهي آهي ته ٻي پاسي انٽرنيٽ هن وقت تائين ٿيل مڙني ايجادن ۾ سڀ کان وڌيڪ جمهوري ذريعي طور سامهون آيو آهي. هن ٽيڪنيڀياس طاقتور ابلاغ کي هٿي وٺائي آهي. هن ٽيڪنيڀياس دنيا جي هر رهواسيءَ کي اهو ڀرپور موقعو ڏنو آهي ته هو پنهنجو آواز دنيا تائين قدرتي احساسن تحت پهچائي، هن ٽيڪنيڀياس علم ۽ ادب تي وقت به وقت لاڳو ٿيل پابندين (ماضيءَ ۾ ڪتب خانن کي باهيون ڏيڻ، دانشورن جو جيئري ساڙي ڇڏڻ يا ملڪ بدر ڪرڻ جهڙا سوين مثال اسان اڳيان آهن) جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل خال کي ڀرڻ ۾ دير ئي نه لاتي پر وقت جي تيز رفتاريءَ جيان دنيا جي هڪ لائبريريءَ جي معلوماتي خزاني کي ٻي ڪنڊ ۾ رهندڙ انسان تائين پهچايو. هڪ اندازي موجب انٽرنيٽ پنهنجي محدود تاريخ ۾ علم ۽ ادب جي روشنيءَ کي ڦهلائڻ ۾ هزارين سالن ۾ پکڙيل علم جي روشنيءَ کان وڌيڪ طاقتور ڪردار ادا ڪيو آهي. ان حوالي سان انٽرنيٽ معاشري ۾ ٻٽو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، هڪ ته رابطي جي طاقت ور ذريعي هجڻ ڪري ڪنهن به معاشري جي مدي خارج روايتون پاڻ مرادو اڀري نروار ٿين ٿيون ۽ ٻيو انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ دنيا جي ڪند ڪڙڇ ۾ موجود نعم البدل مثال پڻ مهيا ڪري ٿي. ممڪن آهي اڄ جي سنڌي ڪمپيوٽر انجنيئرن کي ساڳئي ئي قسم جي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي جيڪو سنڌي مسلمانن کي جديد علمن طرف راغب ڪندڙ ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسته الاسلام جو بنياد وجهندڙ سيد احمد خان کي ڏسڻو پيو هو، ان سلسلي ۾ جتي اسان پاڪستان جهڙي پٺ تي پيل ملڪ ۾ پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي غير محفوظ سمجهون ٿا اتي هوائين ٻوليءَ جو مثال اسان جي اڳيان آهي، جنهن جي ڳالهائيندڙن آمريڪا جهڙي ملٽي نيشنل ملڪ ۾ رهندي، محدود اقليت ۽ ڪارو رنگ هجڻ جي باوجود، پنهنجي ۽ پنهنجي ثقافت، تاريخ ۽ ٻوليءَ جي بقاءَ واسطي هر قسم جي آمريڪي ٽيڪنيڀياس ذريعي پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي هٿي وٺرائي، هنن پاران جهڙي نموني ٽيڪنالاجيءَ کي استعماليندي پوري آمريڪا ۽ دنيا جي ڪجهه ٻين حصن ۾ رهندڙ سندن هم نسل گروهن تائين رابطن جو جيڪو ڄار وڇايو ويو، ڳڻپيوڪر ذريعي مادري ٻوليءَ جي تعليم جي ڀرپور مهم هلائي وئي ان جا مثال اسان جي اڳيان آهن، هنن پنهنجي ٻڌيءَ ۽ ايڪي کي بچائڻ واسطي هر هوائين اسڪول ۾ ڳڻپيوڪر سکڻ لازمي قرار ڏنو، ان سان گڏوگڏ مختلف ويب سائيٽن تي زندگيءَ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل علمن کي هوائين ٻوليءَ ۾ منتقل ڪري پڙهايو ويو، پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهو سڀ ڪجهه ان زماني ۾ ڪيو ويو هو جڏهن انٽرنيٽ اڃا مس ئي آمريڪا کان ٻاهر پير پاتو هو. ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ هوائين ڳڻپيوڪر شاگردن کان هوائي (علائقي) بابت آن لائين مضمونن جا مقابلا ڪرايا ويا، تاريخ ۽ فلسفي تي بحث مباحثا ڪرايا ويا، هر عمر جي فردن لاءِ مختلف مقابلا هيا، تحقيق ۽ تخليق تي مشتمل ويب پيج جوڙايا ويا، آن لائين ڪانفرنسون ڪرائي سياسي ۽ سماجي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرائي وئي. دنيا جي اڪثر سماجي لسانياتدانن جو چوڻ آهي ته ٻوليءَ جي واڌ ويجهه يا جياپو ان ڳالهه تي نه آهي ته ان جا ڪيترا ڳالهائيندڙ آهن پر ان ڳالهه تي آهي ته انهن ۾ ڪيترو چاهه ۽ رابطو آهي. اها مڃيل حقيقت آهي ته ٻولي تڏهن ئي وڌندي ويجهندي جڏهن ان جا ڳالهائيندڙ ان کي منظم رکڻ جا خواهشمند هوندا ۽ ان کي ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪرڻ گهرندا. ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ کي منظم رکڻ لاءَ ضرور جدوجهد ڪندا جڏهن انهن کي ان ڳالهه جو علم ٿي ويندو ته ٻولي نه صرف انهن جي ابن ڏاڏن جي رهڻي ڪهڻيءَ ۽ ماضيءَ جو حصو آهي پر سندن مستقبل جو به اڻ ٽٽ حصو آهي. انٽرنيٽ مڪمل طور تي ڪي به نيون شيون نه ٿي آڻي پر اڳ موجود شين کي واضع ڪري ٿي، اڇي ڪاري کي عام خاص اڳيان آڻي ٿي. گلوبلائيزيشن اميد رکي ٿي ته انگريزي ٻولي پوري دنيا ۾ هر ننڍي توڙي وڏي علائقي ۾ ”مارڪيٽ ٻوليءَ“ طور تي سامهون ايندي، جڏهن ته ري لوڪلائيزيشن ٻين قومي توڙي علائقائي ٻولين جي واڌ ويجهه لاءِ موقعا فراهم ڪري رهي آهي. اهڙي نموني هيءَ انٽرنيٽ ميڊيا عالمي، قومي ۽ علائقائي توڙي عام مباحثن جو گڏيل چينل بڻجي اڀري آهي. جنهن اڳ ۾ صرف انگريزيءَ کي هٿي وٺائي پر هاڻي هر ان ٻوليءَ کي موقعو فراهم ڪري رهي آهي جيڪا انگريزيءَ جي واپاري هڪ هٽيءَ کي ٽوڙڻ چاهي ٿي. هيٺ ڏنل جدول مٿين بحث کي واضع ڪري ٿي.

انٽرنيٽ جو ٻوليوار استعمال[سنواريو]

ويب تي استعمال ٿيندڙ ڏهه وڏيون ٻوليون ٻوليءَ جي حوالي سان انٽرنيٽ استعماليندڙن جو تعداد انٽرنيٽ تي استعمالجندڙ ڏهه وڏيون ٻوليون انٽرنيٽ استعماليندڙ سڀني استعماليندڙن جو في سيڪڙو 2006 ۾ آباديءَ جو انٽرنيٽ استعماليندڙ في سيڪڙو 2000 کان 06 دوران انٽرنيٽ تي ٿيل واڌارو انگريزي 311,241,881 30.6% 1,125,664,397 27.6% 126.9% چيني 132,301,513 13.0% 1,340,767,863 9.9% 309.6% جاپاني 86,300,000 8.5% 128,389,000 67.2% 83.3% اسپينش 63,971,898 6.3% 392,053,192 16.3% 163.8% جرمن 56,853,1562 5.6% 95,982,043 59.2% 106.0% فرانسيسي 40,974,005 4.0% 381,193,149 10.7% 235.9% ڪورين 33,900,000 3.3% 73,945,860 45.8% 78.0% پورتوگالين 32,372,000 3.2% 230,846,275 14.0% 327.3% اٽالين 28,870,000 2.8% 59,115,261 48.8% 118.7% روسي 23,700,000 2.3% 143,682,757 16.5% 664.5% ڏهه ئي وڏيون ٻوليون 810,484,459 79.6% 3,971,639,798 20.4% 150.5% دنيا جون باقي ٻوليون 207,572,930 20.4% 2,528,057,262 8.2% 453.9% سڄي دنيا جا استعماليندڙ 1,018,057,389 100.0% 6,499,697,060 15.7% 182.0%